انسان جي ترقيءَ ان جي پيدا ٿيڻ سان ئي شروع ٿي وئي هئي جيڪا اڃان تائين جاري آهي، انسان اڻ ڳڻيون کوجنائون ڪري چڪو آهي پر کوجنائن جو پنڌ اڃان گهڻو اڳتي آهي، انسان جي هڪ کوجنا ان لاءِ ڪيترين ئي نين کوجنائن جا گس کوليندي آهي جيڪي وري انسان کي ٻيون نيون کوجنائون ڪرڻ لاءِ اٿساهين ٿيون، موجودهه دور ۾ سائنس جي ترقيءَ جي رفتار ڏسي لڳي ٿو ته سائنس تقريبن هرشيءَ تي ضابطو آڻي ورتو آهي ۽ کوجنائن جو سلسلو اجهو بند ٿيڻ وارو آهي پر حقيقت ۾ سائنس اڃان تائين ڪيترن ئي رازن تان پردو ناهي کڻي سگهي، ڪيتريون ئي ٿيوريون سائنس جي لاءِ اڃان تائين ناممڪن ۽ انا جو مسئلو بڻيل آهن، جن کي حل ڪرڻ لاءِ سائنسدان ڏينهن رات هڪ ڪري محنت ڪري رهيا آهن، جيئن 20 صديءَ جي عظيم نوبل انعام يافته سائنسدان البرٽ آئن اسٽائن روشني جي رفتار جو نظريو پيش ڪيو ۽ زمان ۽ مڪان جو نئون بحث ڇيڙي ڇڏيائين، اها ڳالهه ان وقت انتهائي فضول لڳي رهي هئي جنهن بابت آئن اسٽالن جو پنهنجو قول آهي ته ”جيڪا شيءَ شروع ۾ فضول نه لڳي ان مان ڪابه اميد رکي نٿي سگهجي“. اڄ تائين زمان ۽ مڪان جي حوالي سان جيڪا به کوجنا ٿي رهي آهي ان جو مرڪز آئن اسٽالن جو نظريو آهي، ڪيترائي سائنسي ادارا روشني يا ان کان به تيز رفتاري سان سفر ڪرڻ ۽ مستقبل يا ماضي ڏانهن سفر ڪرڻ جي قوت کي وس ۾ ڪرڻ جي ڪرت ۾ رڌل آهن جن ۾ کين ننڍين ننڍين ڪاميابين کان وڌيڪ ڪجهه حاصلات نه ٿي رهي آهي، روشني جي رفتار يعني هڪ سيڪنڊ ۾ 3 لک ڪلوميٽر سفر ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته اليڪٽران ( اليڪٽران ھڪ بنيادي ايٽمي ذرو آھي جيڪو ڪاٽُو ھڪ برقي چارج رکي ٿو) کي روشني جي ڪرڻن سان گڏ سفر ڪرائجي، 2007ع ۾ سائنسي اداري سٽينفرڊ لينئر ايڪسلريٽر سينٽر، يو سي ايل اي ۽ يو ايس سي ۾ ڪم ڪندڙ سائنسدانن روشني جي رفتار بابت نئين کوجنا ڪئي جنهن سان توانائي حاصل ڪرڻ جي اڳوڻي ڪوششن ۾ اضافو ته ٿيو ۽ اليڪٽران وولٽ ۾ في ميٽر حاصل ٿيندڙ توانائي کي ٽي هزارن ڀيرا وڌيڪ حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميابي ٿي يعني اليڪٽران کي 84 ارب اليڪٽران وولٽ مليو پر روشني جي رفتار جا پنڌ اڃان گهڻو پري نظر ٿا اچن، هن وقت تائين ڪنهن به فيلڊ ۾ اليڪٽران جي ڪرڻن سان رفتار 200 ارب اليڪٽران وولٽ في ميٽر آهي جيڪو هڪ ته گهٽ آهي ڇوته روشني جي رفتار لاءِ هڪ هزار کرب اليڪٽران وولٽ في ميٽر گهربل آهن! ٻيو ته 200 ارب اليڪٽران وولٽ في ميٽر کي به ڊگهن مفاصلن تي حاصل ڪرڻ لاءِ مسئلن جا ڍير بڻيل آهن جيڪي في الحال حل ٿيندي نظر نٿا اچن، پر سائنس روشني جي رفتار سان پنڌ کي ناممڪن قرار نٿي ڏي ۽ ايندڙ ڪجهه ڏهاڪن يا صدين ۾ اهو ممڪن ٿيڻ جو اميد رکي سگهجي ٿي، ان حوالي سان تازو سائنسدانن هڪ نئين کوجنا ڪئي آهي جنهن کي 20هين صدي جي سڀ کان وڏي کوجنا قرار ڏنو پيو وڃي، آئن اسٽالن سئو سال پهرين اضافيت جو نظريو پيش ڪيو هو جنهن موجب خلا هڪ چادر موجب آهي جنهن ۾ ڪو وڏو جسم جيئن بليڪ هول، جيڪو ڪنهن ستاري پاران پنهنجي توانائي جو سمورو ذريعو کپائڻ جي صورت ۾ پنهنجي وزن جو اثر برداشت نه ڪندي ڦهلجي بڻجندو آهي ۽ هڪ اهڙو علائقو ٺاهيندو آهي جنهن جي ڪشش انتهائي طاقتور هوندي آهي ۽ هر شيءَ کي پاڻ ۾ جذب ڪري وٺندي آهي، ان چادر ۾ تيزي سان حرڪت ڪري کڏو ٺاهي ته ان ۾ لهرون پيدا ٿينديون آهن، آئن اسٽالن انهن خيالي لهرن کي ڪشش ثقل جو اصل ذريعو قرار ڏنو هو، سندس نظريي موجب زمين سج جي چوڌاري ان لاءِ ڦري رهي آهي جو سج زمان ۽ مڪان جي چادر ۾ کڏو پيدا ڪيو آهي جنهن ڏانهن شمسي نظام جا گرهه جهڪيل رهن ٿا، آئن اسٽالن پاڻ اهو نظريو پيش ڪري چيو هو ته انهن لهرن کي ڳولهڻ ممڪن ناهي، سائنس انهن لهرن جي هجڻ کي مڃي ورتو ۽ انهن لهرن کي دريافت ڪرڻ جي ڪوشش ڪيترائي ادارا ڪرڻ لڳا، 1972ع ۾ ناسا انهن لهرن کي دريافت ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پر ناڪامي ٿي، آخر ڪار آمريڪي سائنسدانن ليزر انٽرفيروميٽر گريويٽيشنل ويو آبزرويٽري (LIGO) منصوبو شروع ڪيو جنهن جو مکيه ڪم انهن لهرن جي کوجنا هئي، ڪروڙن ڊالرن جي خرچ ۽ وڏي وقت کان پوءِ ليگو نيٺ انهن لهرن جي کوجنا ڪري ورتي، جنهن سان ڪائنات جي ٺهڻ وارا ڪيترائي سوال حل ٿيڻ جي ويجهو پهچي ويا آهن ڇوته اڳ ۾ انهن رازن تائين پهچڻ جو واحد ذريعو روشني هئي جيڪا بليڪ هول جي ڪشش جي ڪري ان کي پار ڪري نه سگهندي هئي نه ئي ڪنهن غير شفاف جسم مان لنگهي سگهندي هئي پر انهن لهرن جي کوجنا سان هاڻي ڪهڪشان جي هُن پار ڏسڻ ممڪن بڻجي ويو آهي ۽ ڪيتريون ئي نين ڪهڪشائن جا راز سامهون اچڻ جي اميد آهي. روشني جي رفتار سان سفر کان سواءِ مستبل ۽ ماضي جي حوالي سان وقت کي وس ۾ ڪرڻ کي به ڪيترن ئي سائنسدانن ناممڪن قرار ڏنو آهي پر ان تي سائنس ماٺ ڪري ويهڻ بجاءِ پنهنجا نظريا ڏيڻ شروع ڪيا توڻي جو ٽائيم مشين اڃان تائين ناممڪن بڻيل آهي پر ٽائيم ۾ سفر جي سڀ کان وڏي نقاد اسٽيفن هاڪنگ جي بيان جنهن ۾ چيو هو ته ”ٿي سگهي ٿو وقت م سفر ڪرڻ ممڪن هجي ته عملي طرح سان اهو نٿو ٿي سگهي“، کان پوءِ سائنسدانن ان ڪم ڏانهن توجه ڏيڻ شروع ڪئي آهي، ۽ انيڪ سارن مونجهارن باوجود وقت ۾ سفر کي مستقبل ۾ ممڪن قرار ڏنو پيو وڃي. سائنس لاءِ انا غائب ٿيڻ ۽ غائب ڪرڻ به هڪ وڏو مسئلو آهي، سائنس نه ته ان کي مڪمل مڃڻ لاءِ تيار آهي نه ئي رد ڪرڻ جي همٿ آهي. اڃان تائين ته شين جو غائب ٿيڻ صرف سائنس فڪشن ۾ ممڪن بڻيل آهي پر جيئن جيئن نوان بصري قانون وجود ۾ اچي رهيا آهن تيئن سائنس لاءِ پوشيدگي جو علم آسان بڻجي رهيو آهي، طبعيات جي ماهر جيمز ڪلارڪ ميڪسويل ان حوالي سان نظريو پيش ڪيو ته روشني ٺوس ايٽمي مادن مان لنگهي نٿي سگهي پر جيڪڏهن ايٽم جي ترتيب ۾ ڦيرڦار ڪئي وڃي ته روشني انهن مان لنگهي سگهي ٿي ۽ شين جي پوشيدگي ممڪن بڻجندي، توڻي جو پوشيدگي کي عام مادي مان حاصل ڪرڻ مشڪل آهي پر ناممڪن ناهي. پينٽاگون سميت ڪافي اهڙا ادارا آهن جيڪي شين جي پوشيدگي تي وڏا پروجيڪٽس هلائي رهيا آهن، پوشيدگي حاصل ڪرڻ جي ڪم ۾ اهم اڳڀرائي مادي جي هڪ پراسرار قسم ”ميٽا مٽيريل“ جي کوجنا سان ٿي آهي، ڪو زمانو هو جڏهن مادي جي قسم ميٽا مٽيريل، جيڪا هٿرادو بصري خاصيتون رکندي هجي ۽ برقي مقناطيسي لهرن جو رخ موڙي سگهي، تخليق ڪرڻ ناممڪن سمجهيو ويندو هو پر 2006ع ۾ ڊيوڪ يونيورسٽي ڪيلي فورنيا ۽ امپريل ڪاليج لنڊن جي محققن اهڙو ميٽا مٽيريل بڻايو جيڪو باريڪ لهري روشني جي ترورن (Microwave Radiation) ۾ نظرن کان اوجهل رهي ٿو، توڻي جو اڃان کوڙ سارن مونجهارن کي منهن ڏيڻ باقي آهي پر ميٽا ميٽريل جو وجود ۾ اچڻ سائنسدانن لاءِ نوان گس کولڻ برابر آهي، ميٽا مٽيريل جو اصل ڪمال جوڙتوڙ جي اها قابليت آهي جنهن کي روشني جو موڙ(Index of Refraction) چون ٿا، روشني ڪنهن شفاف جسم ۾ داخل ٿئي ٿي ته موڙو کائي ٿي جيئن اسان پنهنجو هٿ شفاف پاڻي ۾ وجهون ٿا ته اسان کي پاڻي روشني کي موڙو ڏيندي ڏسڻ ۾ ايندو آهي، جيڪر روشني جسم جي هر نقطي تي موڙو کائيندي رهي ته شيون نظرن کان اوجهل ٿي سگهن ٿيون، اهڙو ميٽا مٽيريل ٺاهڻ جون ڪوششون جاري آهن جيڪو روشني کي بار بار موڙو ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهي، پر اهڙيون ڪوششون ڪرڻ ۾ وڏي ۾ وڏي رڪاوٽ مادي جي انتهائي ننڍي حالت م هجڻ آهي، جيئن سائي رنگ جي روشني جو باريڪ ڪرڻو 500 نينو ميٽر هوندو آهي، ياد رهي ته نينو ميٽر هڪ ميٽر جي هڪ ارب حصن مان هڪ حصو آهي جنهن ۾ پنج ايٽم اچي سگهن ٿا، 500 نينو ميٽر جي ڪرڻي کي موڙڻ لاءِ ميٽا مٽيريل ۾ اهڙا اوزار لڳندا جيڪي فقط 50 نينوميٽر جا هجن، ايترو ننڍي سائيز جو هجڻ جي ڪري ئي پوشيدگي واري ڪم ۾ رڪاوٽ آيل آهي ڇوته ميٽامٽيريل جي هر ايٽم کي اهڙي طرح بدلڻو پوندو جو هو روشني جي ڪرڻن کي موڙي سگهي، اهڙا ڪجهه نينو جسم بڻايا ويا آهن جن مان روشني کي موڙي ڏياري گذاريو ويو آهي ۽ انهن جسمن جو فقط پاڇو ئي ڏسڻ ۾ آيو آهي پر اڃان ان ٽيڪنالاجي تي انتهائي گهڻو ٿيڻو آهي شايد ڪجهه ڏهاڪن يا صدين ۾ شين جي پوشيدگي به ممڪن بڻيل هوندي. ٽيڪنالاجي جي گهڻي پکيڙ جنگي جنون جي ڪري آئي آهي ۽ دفاعي اوزار ٺاهن جي چڪر ۾ ڪيتريون ئي ڪارائتيون شيون وجود ۾ آيون آهن، دنيا جا فوجي ادارا اهڙي ڍال ٺاهڻ جي ڪوشش ۾ گهڻي وقت کان رڌل آهن جيڪا هر شيءَ جو رُخ موڙي سگهي اهڙي ڍال جو خيال اوڻهين صدي جي عظيم سائنسدان مائيڪل فرائيڊي جي ڪم مان مليو جنهن چقمق جي بنيادي ڪم تي ڪم ڪندي قوت جي لڪيرن جو نظريو پيش ڪيو، سندس ان نظريي جي ڪري جنريٽر وجود ۾ آيو، اڄ جيڪي ميگلو ريل گاڏيون وجود ۾ آيون آهن سي به ان نظريي جي ڪري وجود ۾ آيون آهن ۽ اڳتي هلي جيڪر هوا ۾ گاڏيون هلائڻ ممڪن بڻيو ته ان پويان به اهو ئي نظريو هوندو، ٻي پاسي مادي شين جي پري پري تائين پهچ به سائنس جي لاءِ مٿي جو سور بڻيل آهي، سائنسدان ان کوجنا ۾ رڌل آهن ته ڪيئن مادي شين کي هزارين ڪلوميٽر پري تائين اک ڇنڀ ۾ موڪلجي ان سلسلي ۾ به سائنسدانن جي ڏينهن رات جي ڪوششن سان ايٽم جي ذرڙن جي منتقلي ممڪن بڻي آهي پر ان سلسلي ۾ اڃان شايد ڪافي وقت انتظار ڪرڻو پوندو پر سائنس جي ترقي ڏسي لڳي ٿو ته گهڻو انتظار شايد نه ڪرڻو پوندو. سائنس جي ترقي کان هاڻ ڪوبه انڪار ڪرڻ جي جرائت نٿو رکي پر سائنسي ترقي سان مونجهارن ۾ اضافو ٿيڻ هڪ فطري عمل لڳي ٿو، ڇوته اسان وٽ شين جي پرک جو طريقو دنيا کان الڳ ۽ منفرد آهي، باقي پوشيدگي، رفتار ۾ اضافو، مستقبل ۽ ماضي ڏانهن سفر، ناقابل تسخير ڍال، دماغي قوت سان شين کي حرڪت ڏيڻ، اڙن طشتريون، روبوٽس جي پکيڙ ۽ ٻيا به اهڙا ڪيتريون ئي اهم کوجنائون ترقي جي پنڌ ۾ آهن جن کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ۽ انهن کوجنائن لاءِ ڪو وقت به مقرر نٿو ڪري سگهجي، ڪجهه کوجنائون ڏهاڪن، صدين يا هزار سالن تائين ٿيڻ به ممڪن آهي پر ناممڪن ڪجهه به ناهي!!