نصيب جو لکيو خادم گھراڻو سيءُ به پنهنجي مستي ۾ هو سج ۾ به ايتري تپش نه هئي جو سيڪ وٺجي ان جو سبب اهو ته ٿڌ سبب ماڪ وسي رهي هئي جنهن ڄڻ سج کي پاڻ وٽ قيد ڪري ڇڏيو هو هرڪو سيءُ جي ڪري پنهنجن گھرن ۾ آرامي هو پر جيڪي روز آڻين چاڙهين ڏٿ ڏهاڙي سومرا اهي پنهنجي روزي جي تلاش جي لاءِ شهرن ڏانهن وڃڻ جي لاءِ تيار ٿي گھرن کان ٻاهر نڪري گاڏي جو انتظار ڪرڻ لڳا هئا .احمد به پنهنجي نوڪري تي وڃڻ جي لاءِ گھر مان ويڙهجي سيڙهجي پنهنجي پيڪو سائيڪل سميت نڪتو هو . احمد هڪ ڪمپني ۾ نائب قاصد هو هن تعليم بي اي تائين حاصل ڪئي پر سٺي ڪا نوڪري ڪانه ملي پوءِ جيون کي گذارڻ لاءِ هن نائب قاصد جي نوڪري به وڃائڻ نٿي چاهي اها نوڪري ڪرڻ لڳو . هيءُ ڪنهن سياستدان جو ڪنهن وڏيري جو ماڻهو نه هو پر هڪ خودار انسان هو جنهن کي پنهنجي قابليت تي پورو يقين هو پر هن غريب کي ڪير نوڪري وٺرائي ڏيندو پر هن جي من اندر اها آس هئي ته محنت ۽ ڪوشش سان منزل ملي ويندي پر هن جي محنت ڪوشش ڪوبه رنگ نه لاٿو وڏي ڪوشش کان پوءِ هن کي هڪ ڪمپني ۾ نائب قاصد جي نوڪري ملي ويئي جنهن کي هن پنهنجو نصيب سمجھي قبول ڪيو ۽ اها نوڪري ڪرڻ لڳو .جڏهن هيءُ ٻاهر روڊ تي آيو ته هن کي سندس ٻه دوست گڏيا هڪ ليکڪ هو ۽ ٻيو سازندو هو ٻيئي ٻاهر هڪ وڏي پٿر تي ويٺا هئا ۽ اس جو نتظار ڪري رهيا هئا ته ڪنهن وقت ٿو تلڪو ظاهر ٿئي . هنن جي جيئن نظر احمد تي پيئي ته انهن ان کي سڏ ڪري چيو ته هن طرف اچ اڄ تنهنجو شهر وڃڻ بند آهي ڇاڪاڻ ته اڳيان رستو بند پيو آهي احمد هنن جي ويجھو آيو پنهنجي اديب دوست کي چيو ته ڇو رستو بند آهي جنهن تي هن جي دوست چيس ته اڄ صبح جو سوير شهر ۾ بم ڌماڪو ٿيو آهي جنهن ۾ ڪيترائي ويچارا بي گناهه ماڻهو مارجي ويا آهن ان ڪري شهر جي ماڻهن احتجاج ڪيو آهي شهر ۽ روڊ بند ڪيو آهي تون پنهنجي آفيس وارن کي ٻڌائي احمد پنهنجي کيسي ۾ هڪ پراڻي وقت جو موبائل ڪڍي آفيس وارن کي ڪال ڪئي انهن کي رستي بند هئڻ جو ٻڌايو ته انهن ورندي ڏني توهان اڄ نه اچو شهر جون حالتون تمام خراب آهن ڪجھه به ٿي سگھي ٿو اڄ آفيس کي بند ڪيو ويو آهي . ان کان پوءِ احمد بي اونو ٿي پنهنجي دوستن سان گڏ ويهي رهيو . احمد پنهنجي اديب دوست جنهن جو نالو راول هو ان کي چيائين ته يار راول تون تمام بهترين ڪهاڻيون لکندو آهين جن ۾ غريبن جو درد سمايل هوندو آهي تون پنهنجي ڪهاڻين وسيلي غريبن جي دردن ۽ تڪليفن کي اعلى ادارن تائين وڏن ماڻهن تائين پهچائيندو آهين پر مون کي هڪ ڳالهه سمجھه ۾ ڪانه ٿي اچي ته اڄ ڏينهن تائين تنهنجو ڪوبه ڪتاب نه آيو رڳو تنهنجون ڪهاڻيون اخبارن ۽ رسالن ۾ شايع ٿينديون آهن . جنهن تي راول چيس ته ادا آئون آهيان هڪ غريب ماڻهو مزدوري ڪري پيٽ گذر پيو ڪريان ايترو زر ڪٿان آڻيان جو ڪتاب ڇپايان جنهن تي احمد چيس ته ڪتاب ته مختلف ادارن وارا ڇپائيندا آهن جن جو ڪم ڪتاب ڇپائڻ هوندو هو . ان تي راول جون اکيون اداسي جو ڏيک ڏيڻ لڳيون هن چيو ته ادا احمد اسان غريبن ۽ ڳوٺاڻن کي ڪير ٿو ساري اسان ڳوٺن جا سادا ماڻهو اسان جو ڪتاب ڪير ڇپائيندو هڙ منجھه هجن ڏوڪڙ ته پنهنجو ڪتاب پاڻ ڇپايان ان تي احمد چيس ته ادا راول توهان جو نالو آهي توهان جون ڪهاڻيون ماڻهو وڏي پاٻوهه سان پڙهندا آهن انهن کي پسند ڪندا آهن . اهي انهن جا قرب آهن هيءُ ڏس پنهنجو دوست جعفر پنهنجي دؤر جو مشهور سازندو هو هن وڏن وڏن فنڪارن سان گڏ سازندو وڄايو آهي اڄ انهن جا نالا آهن ماڻهو لکين روپيا خرچ ڪري انهن کي گھرائيندا آهن .پر هيءُ ڪافي وقت کان بيمار پيو آهي هن جي ڪنهن به سڌ نه ورتي آهي جن فنڪارن سان هن محفلون ڪيون اهي به هن کي پڇڻ ۽ ڏسڻ نه آيا آهن هن جي ڪنهن به پرگھور سار نه لڌي آهي هن کي وظيفو به نٿا ڏين جنهن مان دوا درمل ڪري سگھي جنهن تي احمد چيو ته اڄ قدر وارن جو قدر ڪٿي آهي ؟ بي قدري آهي هڪ سٺو اديب ۽ ٻيو سٺو سازندو ڳوٺ ۾ ائين پيا آهيو ڪير به اوهان جي سار نٿو لهي جيڪڏهن شهر ۾ هجو ها ۽ ڪنهن وڏي ماڻهو جا ماڻهو هجو ته راول جا ڪيترائي ڪتاب ڇپجي وڃن ها جعفر گاڏين ۾ گھمي ها . اوهان سان شامون ملهائجن ها پر ڳوٺ جي خمير مان جنم وٺندڙ سازندي ۽ اديب جو قدر نه آهي جنهن تي جعفر چيو ته احمد رڳو اسان سان اها جٺ نه آهي پر توهان سان به آهي تون جيترو پڙهيل آهين تنهنجي لاءِ وڏي نوڪري هجي ها پر تون هڪ نائب قاصد جي نوڪري وٺي ان تي گذر ڪري رهيو آهي ان تي احمد چيو ته ڇو ٿا دل جي دردن کي ولوڙيو جيڪو نصيب جو لکيو اهو ٿيو هلو هلون ڳوٺ ڏانهن اڄ اس نڪرڻ کان نابري ويٺي آهي .ائين چئي ٽيئي ڄڻا ڳوٺ طرف هلڻ هلڻ لڳا .