جان خاصخيلي: زندگيءَ جو هڪ اوچو آواز

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏24 فيبروري 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]


    جان خاصخيلي: زندگيءَ جو هڪ اوچو آواز

    انور ابڙو

    ھڪ دوست آهي. ھڪ سَاھُ آهي. ساھَ جو سَڳو آهي. سَاھَ کي سَٽ آئي، سڳو ٽُٽي پيو. ڪيترن ڏينھن کان، اندر ۾ ڪا اڻڄاتل بي چيني ھئي، جا لُڇي رھي ھئي. چئي رھي ھئي ته؛”دوست سان رابطو ڪريو. معلوم ڪريو سندس خيريت.“ پر زندگي ھِن شھر ۾، ڄڻ ڪُتي جي وات ۾.
    ھُو ھڪ آٿت رهيو آهي، ڀرجھلو رهيو آهي اسان دوستن جو. هميشه اميد رهي آهي ته، ڪڏھن به ڪو ڏکيو وقت آيو - ۽ کيس سڏ ڪيو ويو ته،”آيو..... پھتس،“ چئي ڀڄندو ايندو- ۽ پوءِ اچي بچائي وٺندو. ھُو اسان سڀني دوستن جي جان آهي. ھُن جي دوستي ناز ڪرڻ جھڙي آهي. روايتي سنڌين واري دوستي. ھُو پنھنجن دوستن تي ساھ ڏيندو آهي. پنھنجا ڏک نه ٻڌائيندو آهي. پنھنجا ڳوڙھا لِڪائيندو آهي. پنھنجن زخمن جي نمائش ناهي ڪندو. درد ٿيندو اٿس، ته بس وڏو ساھ ڀري خاموش ٿي ويندو آهي. دل بيھڻ لڳس ته پاڻ ھلڻ لڳو. ڪابه پرواھ نه. ڪنھن کي به نه ٻڌايائين. رڳو پنهنجي دوست رحمان خاصخيليءَ سان سُور سليائين - ڪجهه ڏينھن کانپوءِ رحمان به ھليو ويو دل جي دوري سبب.
    ھُن جون ڪھاڻيون سنڌ جي دانھن آھن ۽ سندس شاعري ڪنھن يتيم جي ڪا چيخ. ھُو غريبن کي ڳولي اُنھن جون ڪھاڻيون لکندو آهي. شايد اُنھن ڪردارن تي لکي ڄڻ ھُو پاڻ تي لکڻ چاھيندو آهي. ھُن جا ڪردار ڏتڙيل، پيڙيل ۽ ھيسيل ماڻھو رهيا آهن. ھُو جيڏانھن به ويندو آهي، اُتان اُنھن اکين جون ڪھاڻيون لکي کڻي ايندو آهي، جن جي ٻولي ھِن کانسواءِ ٻيو ڪير به سمجھي ناهي سگھندو. ھُن کي اميرن جي محفلن ۾ گُھٽ محسوس ٿيندي آهي ۽ غريبن وٽ سندس ٽھڪ بند ناهن ٿيندا. ھُو انتھا درجي جو حساس آهي. سندس حساسيت جون شاھد سندس ڪھاڻيون آھن. سندس ڪھاڻيون سندس زبان آهن، باقي ته ھُن پنھنجي زبان، پنھنجن سوُرن تي بند ئي رکي آهي.
    ھُو ته ڪنھن کي به ميار ناهي ڏيندو. ڪا شڪايت به نه ڪندو آهي، بس اِيترو چوندو آهي:”يار، زندگي ڏاڍي ڏُکي آھي، پر ھاڻي ڄمي جو پيا آھيون، سو جيئڻو ته پوندو نه.“ھُن ”جيئڻ ڪارڻ وڏا وس ڪيا آهن.“ ھُو جڏھن به ڳالھائيندو آهي ته، اُن ۾ اڪثر باھ ھوندي آهي، جنھن جو تَئهُ ماڻھو سھي نه سگھندا آهن. ھُو سچ ڳالھائڻ کان ڪڏھن به باز ناهي آيو، باوجود اِن جي ته اُن جي نتيجن جي به کيس خبر ھوندي آهي.
    سنڌي اخبارن ۾ ڪم ڪيائين، پر ھِن کي اڃا اڳتي وڃڻو ھو. پوءِ ھُو انگريزي اخبارن ۾ ويو. اُتي پنھنجي صلاحيت ۽ محنت جي بنياد تي پنھنجي ساک ٺاھيائين. نوان دوست ٺاھيائين. سنڌ جا مسئلا لکيائين. مُھاڻن ۽ مزدورن جي زخمن جون تصويرون ڇپيائين. گمنام ھيروز جا قصا لکيائين. جتي به ڪا دانھن ٿي، اُها بيان ڪيائين، پر پنھنجي دانھن ڪنھن کي به نه ڏنائين.
    ھُو ادبي تنظيمن ۾ به ڏاڍو سرگرم رھيو آهي. سنڌي ادبي سنگت، انجمن ترقي پسند مصنفين، ڪراچي پريس ڪلب جي ادبي ڪميٽي ۽ ٻين ڪيترين ئي تنظيمن جي عھدن تي رھي ڪم ڪيائين.2 مئي 2009ع تي، ھڪ ڪلاڪ اڳتي ڪيل وقت مطابق پوڻي چئين وڳي کيس فون ڪيم. پڇيومانسِ: ”ڪٿي آھين؟ “
    چيائين: ”ڪراچي ڇڏي ڳوٺ ھليو آيو آھيان. ڪراچي ڀانءِ نه آئي.“
    ڪو گئس جو گولو ھو، جيڪو اچي لڳو. ساھ ٻوساٽجڻ لڳو. اکيون بي قابو ٿيڻ لڳيون.
    ”ڪراچيءَ جون خراب حالتون...خطرا...پريشانيون ...ڊگھا پنڌ...بس ھليو آيس،“سبب ٻڌايائين.
    منھنجي دل ٻُڏڻ لڳي. ھُو فون تي کِلڻ جي ڪوشش ڪندو رھيو، پر لڳو ته اڄ سندس کِل ۾ اڳ واري تازگي ناھي رھي. سندس کِل جي دل ۾ ڳوڙھن جو سمنڊ ۽ دوستن کان وڇوڙي جو ايذاءُ ھو.
    ”دوستن کان موڪلائڻ جي ھمٿ نه ٿي. سوچيم ته متان ڪٿي روئي نه پوان، “ ھُن وضاحت ڪئي.
    ھُو اڳ ۾ پاڻ سان پيش آيل ڪيترن ئي حادثن تي، ڪڏھن به نه رُنو ھو، پر ھِن ڀيري ھُن کي روئڻ جو خوف ھو. سو، ھُن ھيڻو ٿيڻ نه پئي چاھيو. بس چُپ چاپ گودڙي کنيائين، اُن ۾ ڪي ڪتاب وڌائين، پنھنجي ٻارڙيءَ کي چيچ کان ورتائين، باھ ۾ سڙندڙ ڪراچي شھر تي اُداس نگاھ وڌائين، پوءِ ھلڻ لڳو واپس پنھنجي اباڻي ڳوٺ. سندس گھرواري، ھڙَ سامان جي پنھنجي مٿي تي رکي، اُھا به خاموشيءَ سان سندس پٺيان پٺيان ھلڻ لڳي.
    ”چل اُڙ جا ري پنڇي، يي ديس ھوا بيگانه.“
    ھُو ٻارڙا وٺي، ھِن شھر سان ڄڻ ته رُسي، ڳوٺ ھليو ويو. جڏھن ھِن پنھنجو اباڻو ڳوٺ ڇڏيو ھو، تڏھن به، ڪنھن کي ڪونه ٻڌايو ھئائين ته، ھُو ڪيڏانھن ٿو وڃي؟ ھُن، ھِن بيرحم شھر جي فوٽ پاٿن تي، گاڏين جي شور ۾ ننڊ سمھي، ڪي خواب ڏٺا ھئا. ڪيترا ويلا ماني نه کائي سگھندو ھو، پر ڪنھن کي به نه ٻڌائيندو ھو ته، اڄ ھُو بک تي آھي. سندس خودداري سندس سڃاڻپ ھئي. ھُن پنھنجي خودداريءَ کي پنھنجي ٻارڙيءَ وانگر بچائڻ جي لاءِ غربت سان ڏاڍي ويڙھ ڪئي ھئي.
    ھُو پنھنجي زندگيءَ سان ڏاڍو وڙھيو آهي. ھُن پاڻ سان ڏاڍي ڊگھي جنگ ڪئي آهي. ھِن جي پاڻ سان لڳ ڀڳ پنجاھ سالن تائين وڙھيل جنگ ۾ ھُن اڃا ته ناهي ھارايو. ھاڻي به هيءُ ھڪ نئين محاذ تي ويو آهي، پر ايڏي طويل جنگ ۾ ھِن پاڻ کي ڏاڍي خبرداريءَ سان سنڀاليو ۽ بچايو آهي. ھُو ڏاڍو وڏو تخلقيڪار آھي، پر ھيءُ شھر شايد کيس آھستي آھستي ڳڙڪائي رھيو ھو. شايد کيس آھستي آھستي ماري رھيو ھو. شايد ڪراچي، ڪو ڪُنُ ھئي ھِن لاءِ. تڏھن ئي ته ھُو ھِتان ھِليو ويو. ھُن، ھِن شھر کي ڏنل پنھنجي جواني ۽ سنڌي ادب ۽ صحافت ذريعي سنڌي قوم جي ڪيل خدمت تي، ڪنھن کي، ڪابه ميار نه ڏني. ڪوبه ڏوراپو نه ڏنو. ھجومن واري هِن شھر ۾، اڪيلائي ھر ھڪ جو انعام ھوندي آھي - ۽ جنھن ۾ جيتري ھمٿ ھوندي آھي، جيڪو جيترو وڌيڪ اذتيون ڀوڳي سگھندو آھي، اُھو ھتي اوترا وڌيڪ ڏينھن رھي ويندو آھي.
    منھنجي اِن دوست جو ڳوٺ ايترو اوپرو به ناھي، پر ھُو ھِن شھر ۾ شايد پاڻ کي اوپرو سمجھڻ لڳو ھو، جڏھن سندس دوست ڪڻو ڪڻو ٿي ويا ھئا ۽ سندس دل کي دورا پوڻ لڳا ھئا.
    ھُو لڳ ڀڳ ٽيھن سالن تائين ھِن شھر ۾ عزت ڀريي جياپي جي لاءِ ھٿ پير ھڻندو رھيو. ھُو ٿڪجڻ وارو ته نه آهي، پر شايد ھُو ٿڪجي پيو. ھُو ڊڄڻ وارو به نه آهي. ھُو بھادر به ڏاڍو آهي. ھُو ننڍي عمر ۾ ھڪ سياسي ڪارڪن جي حيثيت ۾ جيل به ڪاٽي آيو ھو. ھُن قومپرستيءَ کان ترقي پسنديءَ تائين ڪيل پنھنجي سفر دوران ڪيترين ئي تڪليفن جي تپيل صحرائن کي پار ڪيو ھو، پر پوءِ به سياسي اڳواڻن تي تنقيد ڪري سنڌي ماڻھن جي مستقبل جي ڳڻتيءَ ۾ وٺجي ويندو آهي.
    ”ھُو ”خانه بدوش“ ته آهي ئي- ۽ ھُن جا ڪيترا صحافي ۽ ادبي دوست ٻاھرين ملڪن ڏانھن ھليا ويا آهن، پر ھُو واپس پنھنجي ڳوٺ موٽي ويو. ڄڻ ته ھُو ڪجهه ڏينھن جي لاءِ ھيءُ شھر گھمڻ آيو ھو. ڇا ھر ڪنھن کي ھڪ نه ھڪ ڏينھن پنھنجي اصلي ماڳ ڏانھن واپس ورڻو آھي؟ ڇا ھيءُ شھر رڳو ”مانجھاندي جو ماڳ“ آھي؟
    ھُو، جيڪو ھِن ديس جي آجپي جو تمنائي رهيو آهي، جيڪو محمود درويش وانگر پنھنجي ديس جي خوشحاليءَ جا نظم لکي پنھنجن ماڻھن کي سڀاڻي واري آسودي سنڌ جي تسلي ڏيڻ چاھيندو آهي، اُھو ڪراچي شھر ڇڏي ھليو ويو. ھُن 9 آگسٽ 2008 تي محمود درويش جي لاڏاڻي جي موقعي تي مون کي درويش جو ھيءُ نظم ايس ايم ايس ڪيو ھو:
    They fettered his mouth with chains,
    And tied his hands to the rock of the dead,
    They said, you are a murder.
    They took his food, his cloths and his banners,
    And threw him into the well of the dead.
    They said, you are a thief.
    They threw him out of every port,
    And took away his young beloved,
    And then they said, you are refugee.
    (ھُنن سندس وات زنجيرن سان بند ڪيو،
    ۽ سندس ھٿ مئلن جي پھاڙ سان سوگھا ڪيا.
    اِنھن کيس چيو، تون قاتل آھين.
    اِھي سندس کاڌو، ڪپڙا ۽ بئنر کڻي ويا،
    ۽ کيس مئلن جي کوھ ۾ اُڇلايو ويو.
    اِنھن چيو، تون چور آھين.
    اِنھن کيس ھر بندرگاھ کان ٻاھر اُڇلايو،
    ۽ سندس نوجوان محبوبا کي کنڀي کڻي ويا،
    ۽ ويندي کيس چئي ويا: ”تون پناھگير آھين.“
    ڇا ھيءُ شھر ھاڻي واقعي رھڻ جي لائق ناھي رھيو؟ ھڪ انتھائي معتبر ۽ سينئر سنڌي اديب، محقق ۽ صحافيءَ ڪجهه سال اڳ اسان ڪجھه دوستن کي ھڪ ڪچھريءَ دوران چيو ھو:”ھيءُ شھر ڏاڍو غيرمحفوظ بڻجي چڪو آھي، تنھن ڪري ھِن شھر ۾ سيڙپڪاري نه ڪرڻ گھرجي.“
    ڇا منھنجي ھِن دوست به اھڙي ئي ڳالهه سوچي، پنھنجي زندگيءَ جي باقي بچيل ڏينھن جي ھِن شھر ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ کان انڪار ڪندي، ھِن شھر کي اُن وقت الله واھي چيو، جڏھن شھر جي رتورت جھوليءَ ۾ 30 کان مٿي تازا بيگناھ ڪنڌ ڪريا ۽ ڪيئي گھر جليا ھئا؟
    منھنجي اِن دوست کي، ڇا ھاڻي پنھنجي ڳوٺ جهڙي شهر ۾سُڪون ملِي پيو؟ ڇا سنڌ جا ڳوٺ ھاڻي اِن لائق ٿي ويا آھن، جو اُنھن ۾ سُکي ۽ پُرامن زندگي گذاري سگھجي؟ پر سنڌ جا ڳوٺ به ته ”ڪراچي“ بڻيل آھن. سو، ڳوٺن ۾ به سُڪون جي ڳولا ھڪ خواب ئي ته آھي، پر ماڻھو وڃي ته ڪاڏي وڃي؟ بس ھُو ھڪ جاءِ کان ٻي جاءِ تائين ڊوڙندو رھي ٿو - مسلسل ڊوڙ - ٿڪجي ڪِري پوڻ - وري اُٿڻ - وري ڊوڙ- ۽ ائين آخر زندگي ڪٽجي وڃي ٿي.
    اسانجو اِھو دوست، جنھن جي ننڊ ۽ جاڳ ھِن ديس تي قرض آھي، اُھو گمناميءَ ۾ ھيءُ شھر ڇڏي ڳوٺ ھليو ويو، پر جِن کي به سندس وڃڻ جي خبر پيئي، سي روئي ويٺا. منھنجي اِن دوست 1996ع ۾”گم ٿيل ماڻھوءَ جو سفرنامو“ نالي ڪھاڻين جو ڪتاب لکيو ھو. ڇا اِھو ڪتاب سندس اِن سفر جو اڳواٽ اطلاع ھو، جنھن کي اسان سمجھي نه سگھيا ھئاسين؟
    اوھان کي خبر آھي ته اُھو ڪير آھي، جيڪو اِئين چپ چاپ هيءُ ڪراچي شهر ڇڏي ويو؟ اِھو ”گم ٿيل ماڻھوءَ جو سفرنامو“ ڪتاب جو ليکڪ، اسانجو انتھائي پيارو دوست، اسان دوستن جي سڄي ٻانھن، ھڪ انھتائي ايماندار صحافي، ڪھاڻيڪار ۽ شاعر جان خاصخيلي آھي. دوستو! سچ پڇو ته، جان اسان جي جان رهيو آهي. جان پنھنجو ھيءُ نظم ڄڻ ته ڪراچيءَ تي ئي لکيو آهي:
    اسان ته سوچيو به نه ھو ڪڏھين،
    ته اڏامڻ جي وَھيءَ ۾،
    اسين،
    گذر جي انڌي ڪائنات ۾ ھلندي،
    ڪڏھين ائين به ٿي وينداسين ،
    پرينءَ جي ڀاڪرن کان ڏور،
    چمين جي آسري ۾ جاڳندي
    رھبو.
    ڪڏھن خوابن جي ڌرتيءَ تي،
    پکين جي چوڳ ڏسندي،
    ائين چاھت جي دنيا ۾،
    گلن جي تازگي، رنگت ۽ سرھاڻيون
    پرينءَ جي ياد ڏيارينديون،
    الائي، درد کان اڳتي
    اسان کي ڇا ڏئي وينديون.
    ھوا جون دادليون ھيرون،
    اکين ۾ ننڊ آڻينديون،
    اوھان جي ڪا چمي ايندي،
    ڀري ڀاڪر خمارن کي،
    ڏئي ڪو نانءُ ھوءَ ويندي!
    اسان ته سوچيو به نه ھو ڪڏھين،
    اسان جي خواب جي دنيا،
    ستارن جي ڀري محفل،
    اسان تشبيھه پي ڳولي،
    ڪڪر جي ڇانوَ ۾ تارا ستا ھئا،
    منھنجي نيڻن ۾،
    اسان کي ننڊ ڇا آئي،
    اسان جي آرزو ھئي ڪا،
    ستارن کي چيوسين پي،
    لڏياسين پي،
    وڻن جي ٻُور کي ڇُھندي،
    اسان سرھاڻ جي واديءَ ۾،
    ماڻيون يادگيريون پي،
    ڪٿان تنھنجو لٿو ڀاڪر،
    ڪٿان تنھنجي چُمي آئي،
    اسان ”پنھنجي“ پروليءَ کي،
    ڌُڪن ۾ پيا سدا توريون،
    اسان رنگن جي ”ھوليءَ“ ۾
    وياسين موھجي،
    تنھنجي چپن آڏو،
    اسان ته سوچيو به نه ھو ڪڏھين.
    جان خاصخيلي اڄڪلهه حيدرآباد ۾ رهي ٿو ۽ ڪراچيءَ مان نڪرندڙ هڪ انگريزي اخبار جي لاءِ ڪم ڪري ٿو.

    ڪاوش دنيا، 21 فيبروري 2016ع
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو