اوپو ڪمپني پاران دنيا جو تيز ترين موبائيل چارجر ٺاهڻ جي دعوي ڪئي آهي،جنهن کي super vooc flash charging جو نالو ڏنو ويو آهي. Super vooc flash charge مڪمل ڇارج 15 منٽن کان به گهٽ ڪندو،۽ 5 منٽ چارج 10 ڪلاڪ استعمال لاءِ ڏيندو يعني 45 سيڪڙو چارج 5 منٽن ۾ ٿيندي ۽ مڪمل چارجنگ ۾ 15 منٽن کان به گهٽ وٺندي. هي چارجر ڪنهن به موبائيل جي micro usb يا USB c-type کي سپورٽ ڪري ٿو، اوپو موبائيل ڪمپني هن ڇارجر کي بارسلونا ۾ ٿيندڙ موبائيل ورلڊ ڪانفرنس ۾ نمائش لاءِ پيش ڪندي. اڃا اها پڪ ناهي ته هن چارجر کي مارڪيٽ ۾ ڪڏهن متعارف ڪرايو ويندو پر اميد ڪري سگهجي ٿي ته جلد پبلڪ لاءِ متعارف ڪرايو ويندو. سورس:moremag.pk