فاروق سومرو
سينيئر رڪن
اڪثر ڏٺو وڃي ته ڪي ڪي ماڻهو سمارٽ فون خريد ڪرڻ کان پوءِ ڪجھ ڏينهن هلائي وڪرو ڪري ڇڏيندا آهن،ان جو سبب گهڻي قدر بئٽري جو مسئلو ۽ هينگ ٿيڻ جو هوندو آهي.هن مهل پاڪستان ۾ ڪيو موبائيل جو وڪرو جام آهي پر انهن جي موبائيل ۾ ڪو نه ڪو فالٽ ضرور هوندو آهي،موبائيل ته گهٽ رقم ۾ متعارف ڪرائيندا آهن پر ان ۾ اڪثر بئٽري گهٽ،بيڪار ڪئمرا رزلٽ،گهٽ فون اسٽوريج مطلب ته فون وٺڻ کان پوءِ پڇتائبو آهي ته هي ڇا ٿي ويو.هاڻي مارڪيٽ ۾ ڪيترائي لوڪل برانڊ وارا فون اچي ويا آهن جنهن ۾ gfive,Rivo,haier,ophone وغيره اهي سڀ بيڪار قسم جا برانڊ آهن يعني پئسي جو زيان آهن.پر جيڪڏهن توهان چاهيو ٿا ته اهڙو فون وٺجي جنهن ۾ بئٽري جو بيڪ اپ وڌيڪ هجي،ڪيمرا جو رزلٽ بهترين هجي،يا مڪمل فون زبردست هجي ته پوءِ منهنجي هڪ ئي صلاح آهي ته INFINIX برانڊ ئي وٺو جيڪي گهٽ رقم پر ان ۾ فيچرز هاءِ برانڊ (سامسنگ،ايل جي،سوني ،موٽرولا وغيره)جهڙيون شامل آهن.
infinix موبائيلن ۾ فليش چارجنگ جو فيچرز شامل هوندو آهي ميعني گهٽ ٽائيم ۾ مڪمل چارج ڪندو.۽ بئٽري هيوي يوز سان به 2 ڏينهن هلندي آهي.
۽ ٻي اهم خاصيت اها به آهي ته هر ماڊل جي اپڊيٽ به اچي پئي.يعني نٽ نوان فيچرز وغيره
مون خود انفنائس جو ماڊل hot2 ورتو آهي،جنهن کي استعمال ڪندي مزو پيو اچي.
هاٽ ٽو جي بئٽري تقريبن ڏيڊ ڏينهن هلائي پئي،بهترين ڪئميرا رزلٽ يعني فون زبردست آهي.
جيڪڏهن توهان کي پئسو بچائڻو آهي ته انفنائس ئي وٺو.جيئن پچٽائڻو نه پوي
http://infinixmobility.com/