خبرون تي تبصرو / محمد خان سيال / جمعو 25 فيبروري 2016.

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* نيب، ڊاڪٽر عاصم خلاف ميگا ڪرپشن جو ريفرنس داخل ڪيو (خبر)
* * آصف علي زرداريءَ کي دلي صدمو...!!(تبصرو)

* آرمي چيف جو مُدو وڌائڻ بابت پ پ پ پنجاب اسيمبليءَ ۾ ٺهراءُ پيش ڪيو (خبر)
* * واه زرداري تنهنجا ڪرتوت! لٺ به ڏيکاريو ته چٺ به ڏيکاريو (تبصرو)

* نواز شريف کي ڊپ آهي ته سرڪار وئي ته سڌو جيل ۾ ويندس: عمران خان (خبر)
* * مشهور چوڻيون: ڪڏهن ريل ۾ ته ڪڏهن جيل ۾، تخت يا تختو (تبصرو)

* بينظير يونيورسٽيءَ جو وي سي وڏي وزير جا پاور استعمال ڪرڻ لڳو (خبر)
* * مشهور چوڻي: سائين ته سائين پر سائينءَ جا ڪُتا به سائين...!! (تبصرو)

* مشرف ججن سان گهڻو ڪجهه ڪيو پر ناانصافي نه ڪنداسون: سپريم ڪورٽ (خبر)
* * نه ته مشرف جھڙن تعصب پرستن کي ته چوواٽي تي ٽنگڻ گھرجي ها (تبصرو)

* شرجيل ميمڻ 3 ارب روپين جي ڪرپشن ڪئي، نيب جو هاءِ ڪورٽ ۾ بيان (خبر)
* * آصف علي زرداريءَ جي قدمن جي نشانن تي هلڻ جي ڪوشش ڪئي هوندائين (تبصرو)

* 27 ڊسمبر ۽ 18 آڪٽوبر دکدائڪ واقعن جي متاثرن جي فليٽن تي قبضا (خبر)
* * زرداري ۽ قائم علي شاهه جي دور ۾ انڌير نگري 8 ورهين کان جاري آهي! (تبصرو)
 
Back
Top