ڪو واهه ڀڄي پيو هو. ڳوٺ جي وڏيري ڪمدار کي چيو ته ڇيڙ وٺي وڃي واهه ٻَڌائي اچ. وڏيرو تمام ڪڙڪ ماڻهو هو، سو ڪمدار ڇيڙ وٺي ڪم کي وڃي لڳو، پر ٿورن ماڻهن هئڻ ڪري ڳنڍي ٻَڌڻ ۾ دير لڳي رهي هئي. ڪمدار به جيڪو ٿي لنگهيو، تنهن کي بيگر ۾ ٿي وهايو. ٿيو ائين جو وتايو فقير به ڪن ٻن واٽهڙن سان گڏ اتان اچي مٽيو. ڪمدار کين هڪل ڪئي ته ڪير آهيو ۽ ڪيڏانهن ٿا وڃو؟ هنن ٻن ماڻهن چيو: اسين فلاڻي رئيس جا ماڻهو آهيون. مينهون ڪاهڻ پيا وڃون. پوءِ وتايي کان پڇيائين ته تون ڪير آهين ۽ ڪيڏانهن ٿو وڃين؟ وتايي چيو ته آءٌ الله جو ماڻهو آهيان، ۽ پنهنجي ڳوٺ پيو وڃان. ان تي ڪمدار بگڙي چيس، تون الله جو باقي ٻيا چورن جا ماڻهو آهن، ها نه! هيڏانهن اچ، کڻ ڏلهو! مُلڪ ٿو ٻُڏي، هي الله جو ماڻهو ٿيو چڪر هڻندو وتي. وتايي ڏلهو کنيو ۽ خدا کي چيائين: ”ڏٺئه تنهنجي ماڻهوءَ سڏائڻ ۽ رئيس جي ماڻهوءَ سڏائڻ ۾ فرق!“