• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اسان جيون هي ڇاجي لئه...

اسان جيون هي ڇاجي لئه
__________
اسان جو ڇا جو تڙپياسين
ته ڇا ٿيندو
نه ئي ڪو آسمان ڪرندو
نه ڌرتي لرزشن ٿيندي ....
اسان جو ڇا جو ڪومل مان ڳري پيا سين جهري پياسين
اسان جو ڇا جو ڳڻيتن ۾ ڳڙيا ڳوڙها
اسان جو ڇا.....
جو هوائن جي اداسين سان جي تڙپي پوندو جيئڙو آ
اسان ڀل ڌوڙ ۾ دٻجون
اسان ڀل ٿي ڪنارا ساحلن جا ڇولين جي کاڌ ۾ کپجون
يا وکرجي بادلن وانگي
هوائن ۾ فضائن ۾
ائين گم گارٿي مبهم وڃن پو معملا پنهنجا
ستارن جو سٽون سهندي افڪ تي آساماني ڇانون ۾ ٿيون باندي
پگهر خوشبو اسانجو آ محنت آهي مزدوري
اهو دوزخ سڄو آ پيٽ جنهن لئه جيءَ ۾ جهوري
لٿل ڦاٽل ڪپڙا هي چتين ۾ ڀي ڀرن ٿا هاڻ
نه اونو دير جو آهي نه فقر بس جلدي ڇاجي لئه
اسان جيون هي ڇاجي لئه
اسان جيون هي ڇاجي لئه ...........


رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top