خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / ڇنڇر 27 فيبروري 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* ڪراچي آپريشن امن قائم ٿيڻ تائين بند ڪونه ٿيندو: وزيراعظم (خبر)
* * اهو خير جو ڪم جاري رهڻ گھرجي (تبصرو)

* غريبن جي زندگيءَ ۾ سڪون اچڻ گھرجي: وزيراعظم نواز شريف (خبر)
* * ....پر اُهي ”ارب پتي غريب“ وزيراعظم جا دوست ۽ مٽ مائٽ هئڻ گھرجن (تبصرو)

* ”فڪس اِٽ “ جو باني عالمگير خان چيف منسٽر هائوس اڳيان ڪچرو اڇلائيندي گرفتار (خبر)
* * چيف منسٽر هائوس ۾ ته اڳ ئي ڪچرو آهي، وڌيڪ اڇلائڻ جي ڪهڙي ضرورت ؟(تبصرو)

* اين ايف سي ايوارڊ جي نئين فارمولي لاءِ اجلاس گھرائڻ جو فيصلو (خبر)
* * ڏسو...!! ڪٿي وري پنجاب ڏينهن ڏٺي جو اکين ۾ سرمو نه پارائي وڃيوَ! (تبصرو)

* لاهور هاءِ ڪورٽ، وزيراعظم کان نيب بابت بيان جو جواب گهري ورتو (خبر)
* * نينگر ننڍي، جمعاڻا گھڻا، اڃا به ڪيترا ڏينهن مستيون ڪندئو (تبصرو)

* وڏي وزير ڊينگي ڪنٽرول لاءِ ساڍا 27 ڪروڙ روپيا منظور ڪيا (خبر)
* * پر متاثرن تائين ڪيترا ڏوڪڙ پهچندا، سا سڀني کي خبر آهي....!! (تبصرو)

* گدلاڻ ختم نه ڪرڻ تي ڪوٽڙيءَ جو 10 فيڪٽريون سيل (خبر)
* * نعرو: مال کارايو ـ فيڪٽرين جي سيل ٽوڙايو (تبصرو)

* پ پ پ اڳواڻن جي گرفتاريءَ کان اڳ، ثبوت گُھرڻ جو فيصلو (خبر)
* * جيئن آصف زرداريءَ جي ڪرپٽ دوستن کي اڳواٽ ملڪ کان ٻاهر ڀڄائي ڪڍجي (تبصرو)

* گورک هل لاءِ اڍائي ارب روپين جون رٿائون شروع ٿينديون: رفيق جمالي (خبر)
** ٻين لفظن ۾ پ پ پ وارن جا جاوا ٿيندا (تبصرو)
 
Back
Top