• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڊيانا ديويء جو مندر.

shafique shakir

سينيئر رڪن
ڊيانا ديويء جو مندر.

شفيق شاڪر

25273509456_f306c87a2c_o.jpg




قديم يونانين جي نزديڪ شڪار جي ديوي ۽ سڀني ديوين جي راڻي هئي. انهيء کي بهار، دريائن، شڪارين ۽ جانورن جي محافظ سمجھيو ويندو هو.آفريڪا ۽ ايشيا ۾ انهيء جي نالي سان ميلا ۽ جشن ملهايا ويندا هئا.رومن مصوريء ۾ ان کي هڪ شڪاريء جي ويس ۾ پيش ڪيو ويو آهي جنهن جي هٿن ۾ تير ڪمان ڏيکاريو ويو آهي.ايشيا ۽ آفريڪا ۾ ان جي نالي سان ڪيترائي مندر اڄ به موجود آهن.پر هي مندر جيڪو “ ايفسيس (ترڪي) ” ۾ آهي اهو سونهن سبب قديم دور جي عجائباتن مان شمار ڪيو وڃي ٿو. اهو مندر 550 قبل مسيح ۾ تعمير ڪيو ويو هوجنهن کي يونان جي ماهر بت تراشن بنايو هو.362ع ۾ گوٿن انهيء مندر کي ساڙي ڇڏيو هو ۽ ڊيانا ديويء جو سون مان جڙيل بت انهن تباه ڪري ڇڏيو هو.پر ان کي ترت ئي پوء ٻيهر جوڙيو ويو.هن دفعي اهو اڳي کان به گھڻو خوبصورت بڻجي ويو.گھڻن جي نزديڪ ان مندر جي مشهوري ان جي سونهن نه پر اها دولت ۽ قيمتي تحفا آهن جيڪي پوڄاري انهيء مورت کي نذراني طور پيش ڪندا هئا. سينٽ پال جڏهن ايفسيس آيو ته هن ڊيانا جي پڄارين کي عيسائي بنائي ڇڏيو ۽ مندرن جي پٿرن مان چرچ تعمير ڪري ڇڏيو.تنهن هوندي به ان مندر جو وڏي ۾ وڏو پٿر اڄ به برطانيا جي عجائب گھر ۾ موجود آهي.
 
Back
Top