برطانوي پول ۽ تاريخ تي نئون بحث! شفيق شاڪر تازو برطانيه جي هڪ اداري The YouGov طرفان ماضيء ۾ هڪ ڊگھي عرصي تائين دنيا جي وڏي حصي تي برطانوي راڄ طرفان قبضو ڪري اتان جي عوام سان ڪيل غيرانساني سلوڪ جي حوالي سان پولز جي ذريعي برطانيه جي شهرين جي راء معلوم ڪئي ويئي ته اهي برطانيه راڄ جي ان تاريخ کي ڪهڙي نظر سان ڏسن ٿا؟پولز جي نتيجن موجب 44 سيڪڙو برطانيا جا شهري ان راء جا آهن ته انهن کي برطانيه جي ان تاريخ تي فخر آهي،صرف 21 سيڪڙو برطانوي اهڙا آهن جيڪي ان تي افسوس ڪن ٿا.باقي رهيل برطانوي شهرين کي پنهن جي تاريخ جي ڪا خاص ڄاڻ ئي نه آهي! جنهن ڪري اهي ان سوال جو ڪو جواب ڏيئي نه ٿاسگھن. 1922ع جي پنهن جي عروج واري زماني ۾ دنيا جي پنجن حصن مان هڪ حصي جي آباديء تي برطانوي شهنشاهيت جو راڄ هو ۽ هن ڌرتيء جي گولي جي چوٿون حصو ايراضي اڪيلي برطانيا جي قبضي هيٺ هئي ٻين ملڪن تي انهيء غيرقانوني قبضي دوران برطانوي تاريخ جي حصي ۾ جيڪي شيون آيون انهن ۾ سر فهرست غلامن جو ڪاروبار،ماڻهن کي بکن جو شڪار بنائڻ، آزادي ء .لاء وڙهندڙن جي لاء بنايل عقوبت گاهون ۽ وڏي پيماني تي ڪيل انساني ڪوس به شامل آهي.حيرت ٿئي ٿي ته ان پوري درندگيء ڀري شرمناڪ تاريخ ۾ برطانوين جي لاء ڪهڙي شيء فخر جي قابل بڻيل آهي! پر اهڙي تاريخ جنهن تي شرمساري هئڻ گھرجي انهيء تي فخر ڪرڻ لاء ويچارن گھڻن برطانوين کي هروڀرو ڏوھ ڏيئي نٿو سگھجي جو انهن کي ڏسي وائسي سندن پراڻي تاريخ کان اڻ ڄاڻ رکيو ويو آهي.سو جن ماڻهن کي پوري تاريخ جو ڪارو پاسو ڏيکارڻ بدران صرف خوبصورت تصويرون ئي ڏيکاريون وييون هجن انهن تي اسان جي ميار گھڻي ٺهي ڪانه ٿي.اهي دنيا جي سامهون ڀلي ڪيترائي عالم فاضل بڻيل ڇونه هجن پر سچ اهو آهي ته اهي پنهن جي تاريخ جي باري ۾ تمام ٿورو ڄاڻن ٿا.برطانيا جي اسڪولن ۾ تاريخ وسيع سطح تي سيکاري ڪانه ٿي وڃي ۽ جيڪي ڪجھ سيکاريو وڃي ٿو سو تاريخ جو ڌوتل ۽ ميڪ اپ ڪيل حصو۽ من پسند سچ آهي.جيئن برطانيا جو هڪ مشهور ليکڪ ۽ تاريخدان ڊيوڊ ايلوسگا چوي ٿو ته “ برطانيا نصاب پڙهائڻ جي حوالي سان صرف غلاميء جي بندش، هندستاني ريلوي ٺاهڻ،قانون جي پابنديء جي باري۾ بحثن،برطانوي ريتن ۽رسمن جي سبقن ۽ انگريزي ٻوليء جي پکيڙ جهڙن موضوعن تائين محدود ٿي ويو آهي.” گذريل سال برطانيا جي ليبر پارٽي اڳواڻ جيرمي ڪاربائين حڪومت تي زور ڏنو هو ته ملڪ جي پوري قومي تاريخ جي نصاب تي نظرثاني ڪري انهيء ۾ انهن برطانوي ڏوهن کي به شامل ڪيو وڃي جيڪي ٻين ملڪن ۾ برطانوي راڄ دوران ڪيا ويا. تازي ٿيل سروي جي باري ۾ هن جو خيال هو ته برطانوي شهرين کان راء وٺڻ بدران اها راء انهن ملڪن جي ماڻهن کان وٺڻ گھرجي جن ملڪن ۾ برطانوي راڄ رهيو ۽ اتي ماڻهن سان ڪهڙو سلوڪ ڪيو ويو. پر اڪيلو “ڪاربائين” ئي ناهي جيڪو برطانوي حڪومت تي ماضيء جي اڻ مٽيل تاريخ برطانيا جي قومي تعليمي نصاب ۾ شامل ڪرڻ لاء زور ڀري رهيو آهي پر ٻيا به ڪيترائي برطانوي عالم ۽ تاريخدان اهو ساڳيو مطالبو ڪري رهيا آهن.پروفيسر “ايشلي جيڪسن” جيڪو ڪنگز ڪاليج لنڊن ۾ تاريخ پڙهائي ٿوتنهن اخبار “انڊپيڊنٽ” کي انٽرويو ڏيندي ٻڌايو ته “ برطانوين جو هڪ وڏو انگ اهو سوچڻ پسند ڪري ٿو ته برطانوي راڄ جي پوري تاريخ سٺي هوندي پر ايئن چوڻ بلڪل صحيح نه ٿيندو ته ماضيء۾ جيڪي ڪجھ برطانيا ڪيو سو سڀ صحيح هو” اهو مسئلو صرف برطانيا سان ئي ناهي پر تاريخ کي لڪائڻ ،تاريخ جي هٿ چراند ڪرڻ،پنهن جي قوم کان حقيقتون لڪائڻ ۽ واقعن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪرڻ انهن سمورين عالمي قوتن جو شروع کان شيوو رهندو پيو اچي.اهي جيڪي سڄي دنيا کي انساني حقن،روشن خيالي ۽ ايمانداريء جو درس ڏين ٿا پاڻ پنهن جي طرفان ڪيل انساني حقن جي لتاڙن،انسانن جي ڪيل قتل عام ۽ پوري دنيا کي غربت ، بدحاليء۽ جنگين جي دوزخ ۾ ڌڪڻ باوجود هڪ گھڙيء لاء به پنهن جن ڪارن ڪرتوتن تي ذرو به پشيمان نٿا ٿين.هاڻي تازو شام ۾ ٿيندڙ بمبارين جي نتيجي ۾ انساني قتل عام ئي ڏسو ته برطانيا ۽ آمريڪي ميڊيا ان قتل عام جي ذميداري روس تي عائد ڪري رهي آهي هوڏانهن روسي ميڊيا سڀ صورتحال جو ذميدار برطانيا ۽ آمريڪا کي ڪوٺي رهي آهي پر ٽنهي عالمي قوتن مان ڪوبه بمباري بند ڪري اتان جي بي گناه انسانن جي لاء ڪا امن جي راھ ڳولهڻ لاء تيار ناهي.جيترا انسان هنن ٻين ملڪن ۾ ماريا آهن ايترا ماڻهو جيڪر سندن پنهن جن ملڪن ۾ مرن ها ته توهان ڇا ٿا سمجھو ته هي دنيا جو ڪهڙو حشر ڪن ها! جڏهن ڪو ملڪ يا قوم پنهن جن ماضيء جي غلطين تي معافي گھرڻ ته پري رهيو پر صرف افسوس ڪرڻ ۾ به پنهن جي توهين سمجھندا هجن ته اهڙي غرور ۽ مڳيء جو مقابلو نه ته ڪو فرعون يا نمرود ڪري ٿو سگھي ۽ نه ئي هلاڪو ۽ چنگيز خان انهن جا مٽ ٿي سگھن ٿا. تاريخ کي مسخ ڪرڻ ۽ حقيقتن جي صورت تبديل ڪرڻ جو جديد فن جيڪو هنن وٽ آهي قديم دور جا ظالم حڪمران ان هنر کان به محروم هئا.