محمد رفيق (ايم رفيق رافع)
سينيئر رڪن
”سِنڌ جي تباه حال ترقياتي ڪمن جي اصل ڪهاڻي“
جنرل پرويز مُشرف جڏهن مُلڪ ۾ ٽيڪ اوور ڪيو ۽ مُلڪ جو چيف ايگزيڪيوٽِو ٿيو اُن کانپوءِ ٽي وي تي اچي عوام کي پهريون خِطاب ڪيو جنهن ۾ اُن هِڪ ڳالِھ اِها به ڪيائين ته ”مُونکي اِهو ڏِسي تمام گھڻو افسوس ٿيندو آهي ته پاڪسِتان ۾ سياستدان پنهنجي انا پرستي ۽ هِڪٻئي خِلاف سياسي اِنتقامي ڪاروائيون ڪندي هِڪٻئي طرفان عوام جي ڀلائي لاءِ ڪيل ترقياتي ڪمن تي حملا ڪندا آهِن ۽ اُنهن کي يا ته ختم ڪيو ويندو آهي يا وري ٻين عِلائقن ۾ مُنتقِل ڪيو ويندو آهي، جنهن سبب اُهي ترقياتي ڪم اڌ ۾ ئي رُلي ويندا آهِن جنهن سان نه صِرف مُلڪي خزاني کي نُقصان رسندو آهي پر عوام به اُنهن سهُولتن کان محروم ٿي ويندو آهي جيڪو سراسر غلط آهي جنهن سبب مُلڪ جا ڪيترائي عِلائقا ترقياتي ڪمن جا قبرستان بڻيل آهِن.“
1992 ۾ ڄام صادِق علي خان جي حُڪومت ختم ٿيڻ کانپوءِ ضلعي سانگھڙ خاص طور تي ڄام نوازعلي ۾ به هلندڙ تمام ترقياتي ڪم سياسي نفرت ۽ اِنتقامي ڪارواين جو شِڪار ٿيا ۽ ايندڙ حُڪومت طرفان اُنهن ڪمن جا فنڊز روڪي اُنهن کي بند ڪرايو ويو ۽ جيڪي منظور ٿيل هُئا ۽ اڃا شُروع نه ٿي سگھيا هُئا اُنهن کي سِنڌ جي ٻين عِلائقن ۾ مُنتقل ڪيو ويو جنهن سبب نه صرف سنڌ جو پئسو برباد ٿيو پر عوام به اُنهن سهُولتِن کان محروم ٿي وئي ۽ نتيجي ۾ ڄام نوازعلي مُلڪ جو سڀ کان وڏو ترقياتي ڪمن جو قبرسُتان بنجي ويو.
ترقياتي اسڪيمن ۽ اُنهن جي فنڊن ۾ هيراڦيري ڪرڻ ته سدائين سياستدان جو ڪم رهيو آهي جنهن جي پهرين عوام کي ايتري ڄاڻ نه هُوندي هُئي پر وقت گُذرڻ سان جيئن جيئن عوام ۾ تعليم جو لاڙو وڌيو آهي، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا سان گڏوگڏ عوام ۾ ڪمپيوٽر، انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا جو لاڙو وڌڻ ڪري اهِڙا راز هاڻِ راز ناهن رهيا هاڻِ اسانجي حُڪمرانن کي اهڙيون هٿوراڙيون ڪرڻ کان پهرين سئو ڀيرا سوچڻ گھُرجي ته هاڻِ عوام اُنهن جون سڀ حرڪتُون ڏسي رهيو آهي.
جنهن جو ثبُوت ڪُجھ ڏينهن پهرين سوشل ميڊيا تي سِنڌ اسيمبلي جي هِڪ وڊيو هلي جنهن ۾ سانگھڙ کان چُونڊيل فنڪشنل ليگ جو ايم.پي.اي ڄام مدد علي خان سِنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ سِنڌ سرڪار کي سندُس ئي علائقي سان تعلُق رکندڙ هِڪ خاتُون ايم.پي.اي جي شِڪايت ڪري رهيو هو ته سندُس علائقي ۾ سندُس طرفان منظور ڪرايل 43 ڪِلو ميٽر روڊ جي اسڪيم مذڪُوره ايم.پي.اي صاحِبه سنڌ جي سالياني بجيٽ مان پهرين ختم ڪرائي وري ساڳئي اسڪيم کي ري_لوڪيٽ ڪرائي اُنهيءَ کي پنهنجو نالو ڏئي ڪري اِفتتاح به ڪري ڇڏيو اٿائين جنهن جا ڄام مددعلي طرفان تمام ثبُوت پِڻ پيش ڪيا ويا.
اُن وڊيو جي اچڻ سان عِلائقي ۾ هِڪ نئي خبر پکڙي ۽ عِلائقي جي ماڻهن انُهيءَ سوشل ميڊيا تي تبصره ڪيا ۽ پنهجي پنهنجي ليڊر طرفان ڪيل ڪمن ۽ اُنهيءَ اِسڪيم بابت ڪيل اُنهن جي ڪوششن بابت هِٻئي کي آگاهي ڏني، اُنهيءَ وڊيو تي ڪيل تبصرن مان خبر پئي ته سِنڌ جو عوام جاڳي چُڪو آهي ۽ هاڻِ اُن قابِل آهي ته هُو پنهنجي سياستدانن جو احتساب ڪري سگھي ٿو ۽ عوام کي ائين ڪرڻ به گھُرجي ته جيئن آئنده نِمائندا عوام وٽ ووٽ وٺڻ لاءِ اچڻ کان پهرين سئو دفعا سوچين.
اُن وڊيو جي اچڻ کان پهرين ته پُوري عِلائقي ۾ اِها ئي خبر هُئي ته روڊ جي اِهامذڪُوره اسڪيم اِنهيءَ خاتُون ايم.پي.اي طرفان ڏِنل آهي پر جڏهن ڄام مدد علي اسيمبلي ۾ بيهي سندُس طرفان وقتاۡفوقتاۡ اُنهيءَ اسڪيم بابت لکيل خطن ۽ اُنهن جي جواب ۾ لاڳاپيل ادارن ۽ وزيرِاعليٰ سِنڌ طرفان لکيل خط ڏيکاريا ۽ اُهي ئي خط اُن ساڳئي سوشل ميڊيا تي رليز ڪيا ويا ته عِلائقي جي عوام کي خبر پئي ته ساڻن ڪيڏي وڏي ويساه گھاتي ٿي آهي. اِهو ٺيڪ آهي ته اِهو مذڪُوره روڊ ٺهي ويو آهي ڪنهنجي طرفان به ٺهيو عوام کي هِڪ سهُولت ميسر ٿي پر جيڪو 10 سال عوام ڀوڳيو اُنهيءَ جي ڪنهن به پرواه نه ڪئي ۽ صِرف پنهنجي واه واه ڪرائڻ لاءِ عوام کي 10 سال پريشان ڪيو ويو.
اِهو ته هِڪ مِثال هو پر ايتريون ته خبر ناهي ڪيتريون ئي اِسڪيمون هُونديون جيڪي سياستدانن جي پنهنجي پسند نا پسند جي ور چڙهي ويون هُونديون ۽ عوام ويچارو ڀوڳي رهيو هُوندو هينئر عوام کي گھُرجي ته اهڙين منظُور ٿيل اِسڪيمن جا پيرا کڻن ۽ اُنهن ۾ رُڪاوٽ بڻيل سندُن نِمائندن جي ڳچي مان جھلي کانئن پُڇاڻو ڪن ته وري ڪنهن به سياسي ڀوتار کي جُرئت نه ٿئي ته عوام جي ڀلائي ۾ رنڊڪ وجھي سگھن.
مُحمد رفيق قمبراڻي