عوام جي ايجنڊا تي عمل جو سوال؟ شفيق شاڪر جڏهن صولت مرزا جا اعترافي بيان ميڊيا تي نشر ڪيا پئي ويا ان وقت هڪ سياسي تنظيم جي سنگين ڏوهن ۾ ملوث هئڻ جا واضح ثبوت عوام جي سامهون آيا هئا.اهي ڏوه ڪي معمولي ڏوھ نه هئا.مخالفن کي قتل ڪرڻ،اغوا ڪرڻ،ڀتو وصول ڪرڻ ۽ ماڻهن ۾ دهشت ڦهلائڻ وغيره جهڙا سخت ڏوھ سامهون آيا.صولت مرزا باقائدي ان تنظيم سان تعلق رکندڙ اهم اڳواڻن جا نالا کنيا جن جي چوڻ تي هن اهو سڀ ڪجھ ڪيو هو.پر نتيجو ڇا نڪتو؟ صولت ته ضرور ڦاسي کائي ويو پر ڪئين مهينا گذري وڃڻ باوجود ان سموري خوني ڊرامي جا هدايتڪار سياست ۽ جمهوريت جي چادر ۾ لڪي اڃا تائين بچيل آهن ۽ قانون انهن جو وار ونگو نه ڪري سگھيو آهي.بدقسمتيء جي ڳالھ اها جو ڪراچيء جو اهو عوام جيڪو انهن جي ستمن جو نشانو بڻيو ۽ هڪ عرصي تائين انهن طرفان مچايل دهشتگرديء جا زخم سهندو رهيو انهي ساڳئي عوام انهن کي ئي ووٽ ڏيئي وري سڀني ڏوهن ۽ الزامن کان پاڪ صاف ڪري ڇڏيو. هن وقت سمورو عوام ان ايجنڊا تي متفق آهي ته جيڪر دهشتگرديء ۽ ڪرپشن خلاف احتساب واقعي شروع ٿيو آهي ته انهيء کي منطقي انجام تائين پهچائي ماڻهن کي سک جو ساھ کڻڻ ڏنو وڃي ملڪ جون ساڃاھ وند ڌريون جتي ادارن طرفان ملڪ ۾ امن جي لاء ورتل ڪوششن کي ساراهي رهيون آهن اتي اهي اهڙن نتيجن تي مايوس به آهن ۽ کين ان سٽ جو سرو نٿو هٿ اچي ته آخر هي ڇا ٿي رهيو آهي؟.ساڳيو ئي معاملو عذير بلوچ جو آهي جيڪو سوين انساني قتلن جو اعتراف ڪري چڪو آهي، هو اهو به ٻڌائي چڪو آهي ته هن کي لياريء جو بادشاھ ڪنهن بنايو ۽ ڪهڙا ڪهڙا پرده نشيين سندس هم نشين هوندا هئا. لياري امن ڪميٽي ڪنهن قائم ڪئي ۽ ڪنهن انهن کي موت مار هٿيار مهيا ڪيا .ڪهڙي سياسي پارٽيء سان سندس وابستگي هئي ۽ ڪنهن جي اشاري تي هن لياريء کي ميدان جنگ بڻايو.محترمه جي ڪراچيء واري جلوس تي ڪنهن حملو ڪيو ۽ لياقت باغ ۾ محترمه تي ڪنهن گوليون هلايون، خالد شهنشاه کي ڪنهن ۽ ڇو قتل ڪيو؟ ڪهڙيون ڪهڙيون سياسي پارٽيون هن جون خدمتون خريد ڪنديون رهيون.روزانو وصول ٿيندڙ ڀتن مان ڪيترو ڪهڙي سياستدان جي پيٽ ۾ ويندو هو .رحمان ڊڪيت جي پراسرار موت کان چوڌري اسلم جي قتل تائين هو گھڻو ڪجھ ٻڌائي چڪو آهي. هڪ غير ملڪي جاسوس ايجنسيء سان تعلق هئڻ سان گڏوگڏ ملڪي ايجنسين سان دوستين جون ڪهاڻيون به بيان ڪري چڪو آهي.ڪهڙي وزير،ڪهڙي مشير،ڪهڙي ڪهڙي سرڪاري عملدار ۽ ڪهڙي ڪهڙي پوليس عملدار سان سندس دوستيون هيون اهو به ظاهر ڪري چڪو آهي.پر جيڪر عذير به ڪنهن ٻي پارٽي جو صولت مرزا ئي آهي ته پوء ان سڄي عمل مان ڪهڙو نتيجو نڪرڻو آهي اهو ته عوام اڳ ۾ ڏسي چڪو آهي.مهينن کان ميڊيا جي زينت بڻيل ڊاڪٽر عاصم به ته گھڻو ڪجھ ٻڌايو آهي.اهڙيء طرح عيان علي به تماشو بڻيل آهي .بليه سانحو جنهن ۾ سوين ماڻهن کي باھ ڏيئي ساڙيو ويو،ان جي رپورٽ به منظر عام تي اچي چڪي آهي پر گھربل نتيجن جي حوالي سان اڄ تائين هر معاملي تي صرف سواليه نشان آهن جيڪي وقت گذرڻ سان وڌيڪ گھرا ٿيندا ٿا وڃن ۽ عوام جي مايوسين ۾ اضافو ڪندا ٿا وڃن.پنجاب ۾ ڪجھ سياسي ڌرين جا ساڳي نوعيت جا ڏوهارين سان تعلقات سامهون آيا آهن.دهشتگردن جي حڪومتي سطح تي سرپرستيء جون خبرون عام آهن پر اتي به شانت لڳي پيئي آهي.احتسابي ادارن کي اتي ته سنڌ کان وڌي ڪري سوڙهو ڪيو پيو وڃي پرشايد قانون ۾ اڃا اها طاقت ۽ توانائي ڪانهي.رڪاوٽون ڇا به هجن پر عوام ۾ انهن شين جو تاثر سٺو نه وڃي رهيو آهي. هڪڙن سان هڪڙو سلوڪ ۽ ٻين سان ٻيو سلوڪ ٿيو ته پوء قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي پوري نيڪ نيتي ۽ قربانين جي باوجود انهن جي ساک کي جيڪو نقصان رسندو ان جو وري ازالو نه ٿي سگھندو.آپريشن پوء اهو دهشتگردن جي خلاف هجي يا بدعنوانن خلاف شفافيت ۽ هڪجهڙائي بنيادي شرط آهي. ڏوه صرف ڏوه آهي،انهيء جو ڪنهن پارٽي،رنگ.نسل،زبان سان ڪو تعلق نه هوندو آهي.اڪراس دي بورڊ ٻيو ڇا کي چئبو آهي؟ڪمزور سزا کائي ۽ زورآور بچي وڃي ته اهو انصاف نٿو چئي سگھجي.هڪ حقيقت جيڪا هاڻي ثابت ٿي چڪي آهي سا اها ته معاشري جي ٻين طبقن وانگر سياسي تنظيمون به دهشتگرد ۽ قاتل پالينديون رهيون آهن.معاشري جي ٻين طبقن وانگر ڪجھ سياستدان به ملڪ جو پئسو لٽيندا رهيا آهن پر ڇا صرف سياستدان ئي ان معاملي ۾ اڪيلا آهن؟ ملڪ جو ڪهڙو ادارو آهي جتي اهڙا ڏوهاري لڪيل ناهن ۽ اهي قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي علم کان ٻاهر ناهن. جي ملڪ ۾ واقعي صفائي ڪرڻي آهي ته پوء ان نيٽ ورڪ ۾صرف سياستدانن کي نه پر سڀني کي هڪ جهڙو اندر آڻڻو پوندو ۽ سزائن جي نظام کي به نتيجا خيز بنائڻو پوندو.جيڪڏهن نه ته احتساب جا اهي نعرا ايترا پراڻا آهن جيتري پراڻي پاڪستان جي تاريخ پر اڄ تائين قانون کان ڏاڍي ڪنهن ڏوهيء کي ڪڏهن ڪا سزا آئي هجي ته ٻڌايو! جيڪڏهن اڄ اهڙو ڪو ڪرشمو ٿي سگھي ٿو ته ڪري ڏيکاريو نه ته ڇڏي ڏيو مسڪينن کي پنهن جي حال تي. بس جيڪو جيئن پيو هلي تيئن هلڻ ڏيو.هڪ شيء جنهن رياست جون پاڙون کائي ڇڏيون آهن انهيء کي يا ته جڙ کان ختم ڪرڻو آهي يا ان مرض کي جيئن جو تيئن ڇڏي ڏيڻو آهي؟. پاڪستان کي جديد ترقيء جي راه تي وجھڻو آهي يا ملڪ جي وڌيڪ ستيا ناس ڪرڻي آهي؟ دهشتگرديء جي راڪاس مان هميشه لاء جان ڇڏائڻي آهي يا انهن کي کلي ڇوٽ ڏيڻي آهي ته اهي معصوم ماريندا رهن؟سياسي جماعتن توڙي سمورن ادارن کي ڏوهارين کان پاڪ ڪرڻو آهي يا انهن پارٽين ۽ ادارن جي اڳواڻي به مجرمن جي حوالي ڪرڻي آهي؟انهن ٻن رستن کان سواء ڪو ٽيون رستو ناهي.هڪڙو رستو تباهي،بربادي ۽ دنيا ۾ پنهن جي خواري جو ۽ ٻيو رستو امن، ترقي، عزت ۽ خوشحاليء جو، اهو فيصلو اڄ نه ٿيو ته ڪڏهن به نه ٿيندو. اهي سوال صرف عسڪري قيادت ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي ئي سوچڻ جا ئي ناهن پر هر شهري،هر سياستدان،هر سماجي ۽ صحافتي ڌر، عدالتي ادارن،وڪيلن ،دانشورن ۽ سماج جي هر ان طبقي جي سوچڻ جا آهن جن جو مرڻ ۽ جيئڻ هن ملڪ سان آهي.جن کي هن ڌرتيء تي رهڻو آهي.ان ڪري هن اهم معاملي تي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ.اجائي ضد ۽ ذاتي مفادن جي بدران ان گڏيل چيليج تي سنجيدگي سان سوچڻ ۽ محتاط رويو اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي.ڪنهن به غيرذميداراڻي رويي جو نقصان وري به ملڪ ۽ عوام کي ئي ڀوڳڻو پوندو جو هتان جي اشرافيا جي اڪثريت جا محل، ملڪيتون ۽ ڪاروبار اڳيئي ملڪ کان ٻاهر آهن!