
پاڪستاني ڊائريڪٽر ۽ پروڊيوسر شرمين عبيد چنائي جي نئين دستاويزي فلم ”اي گرل ان دي رور“ به آسڪر ايوارڊ کٽي ورتو.
لاس اينجلز ۾ ٿيندڙ تقريب ۾ سندس مختصر دستاويزي فلم کي پنجن ٻين فلمن سان گڏ مقابلي ۾ آندو ويو هو. فلم جي ڪهاڻي هڪ 19 سالن جي ڇوڪريءَ صبا جي زندگيءَ تي ٺهيل آهي جنهن کي غيرت جي نالي تي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي.
ياد رهي ته ان کان اڳ 2012ع ۾ پڻ شرمين جي فلم ”سيونگ فيس“ آسڪر ايوارڊ کٽي چُڪي آهي.