سنڌ جي تاريخ

'مختلف موضوع' فورم ۾ منظور احمد ڪلوئي طرفان آندل موضوعَ ‏29 فيبروري 2016۔

  1. منظور احمد ڪلوئي

    منظور احمد ڪلوئي
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2016
    تحريرون:
    27
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    53
    ڌنڌو:
    پرائويٽ استاد نيو غزالي گرامر پبلڪ اسڪول پيارو
    ماڳ:
    تعلقو ۽ ضلعو دادو پوسٽ آفس پيارو اسٽيشن
    سنڌ جي نالي بابت ٻه روايتو مشهور آهن،
    1 سنڌ تي نالو حام بن نوح عليه السلام جي پٽ جي ڪري پيو
    2 سنڌ سنسڪرت ٻولي جو لفظ آهي جنهن جي معني آهي وڏو درياء يا سمنڊ.
    پهرين روايت تاريخ جي مشهور ڪتابن تحفته الڪرام، تاريخ سنڌ مرزا قليچ بيگ ۾ لکيل آهي.
    ٻي روايت تاريخ جي مشهور ڪتابن تاريخ سنڌ مولانا عبدالحليم شرر، قديم سنڌ ڀيرومل مهرچند آڏواڻي، تاريخ سنڌ مولوي نورمحمد نظاماڻي ۾ آهي.
    سنڌ بابت لکيل مواد هندن جي رگويد، برهمڻ ، گرنٿن، اتهاسن، پراڻن ٻڌ ڌرم ۽ جين ڌرم وارن پستڪن مان ملي ٿو.
    ان کان علاوه مسلمان مورخن جي پراڻن ڪتابن چچ نامو، تاريخ معصومي، بيگلار نامو، تاريخ طاهري ۽ تحفته الڪرام ۾ پڻ سنڌ بابت مواد ملي ٿو.
    سنڌ جا قديم رهاڪو سنٿال، ڀيل، منڊلوڪ، ڪولي ، مينگهواڙ، اوڏ ۽ مهاڻا هئا.
    اهي قومون پوء اتر هندوستان ۽ ڀونوچ سمنڊ جي علائقن ڏانهن پکڙجي ويون.
    ان دور کي ماهرن پٿر جو دور سڏيو آهي.
    اهو دور 25000 ق.م کان شروع ٿئي ٿو ۽ 10000 ق.م تائين ختم ٿئي ٿو
    ان دور ۾ انسان شڪار اڌ گهڙيل پٿرن هڏن ۽ سڱن سان ڪندا هئا.
    ۽ اوگهڙ وڻن جي پنن ۽ جانورن جي کلن سان ڍڪيندا هئا.
    ان کان پوء جديد پٿر جو دور شروع ٿئي ٿو
    اهو دور ڏھ هزار ق.م کان پنج هزار ق.م تائين آهي
    انهي دور ۾ سنڌ تي دراوڙن جي حڪومت هئي.
    دراوڙن لاء ٻه مکيه روايتون آهن
    1 ڏکڻ هندوستان جا رهاڪو آهن
    2 سمنڊ جي طرف کان آيل آهن.
    دراوڙن جي ڀيٽ موجوده دور جي بروهي قوم سان ڪري سگهجي ٿي.
    هڪ روايت موجب دراوڙ هندوستان ڏانهن هليا ويا ۽ بروهي سنڌ (موجوده بلوچستان) ۾ لهي پيا ۽ اسلام قبول ڪيائون.
    ٻئي روايت موجب دراوڙ اصل سنڌ جا رهاڪو هئا ۽ ڀونوچ سمنڊ ڏانهن هليا ويا.
    دراوڙن کان پوء سنڌ تي آرين جي حاڪميت قائم ٿي
    ان دور کي ڌاتن جو دور Age of metols سڏجي ٿو.
    انهي دور جون خصوصيت اها هئي جو استعمال جي هرشيء ڌاتن منجهان ٺاهي وئي.
    ڌاتن ۾ خاص ڪري ٽامو، تيل، لوھ، سون ۽ چاندي اسعمال ڪيو ويو.
    آرين ۽ اڻ آرين ۾ فرق اهو هيو جو آريا گوري رنگ جا هئا ۽ اڻ آريا گورا نه هئا.
    اڻ آريو سنڌ جي قديم رهاڪن کي چيو وڃي ٿو
    آرين جو رنگ گورو ان ڪري هو جو هو دنيا جي ٿڌي علائقي کان آيل هئا.
    آرين سنڌ جو رخ سنڌ کي سرسبز ڏسي ۽ پنهنجي ملڪ(ميروپرسبت) ۾ گهڻي برف پوڻ ڪري ڪيو.
    آرين سنڌ جي رهاڪن سان جنگيون جوٽيون ۽ فتح ڪري انهن تي ظلم ڪيو.
    آرين ستن دريائن جي علائقي تي قبضو ڄمايو ، انهي وقت سنڌ کي ” سپت سنڌو“ ستن دريائن وارو ملڪ سڏيو ويندو هو.
    جيڪي موجوده پنجاب جا پنج درياء ستلج، ڀياس ، جهلم، راوي چناب، سرسوتي ۽ سنڌو درياء آهن.
    آرين کان پوء سنڌ تي ايرانين جي حاڪميت قائم ٿي.
    ايرانين سنڌ کي هنڌ جي نالي سان سڏيو
    انهي ڪري جو جو اهي س کي ھ سان پنهنجي لهجي ۾ بدلائيندا هئا.
    ايرانين کان پوء ٻڌمت وارن سنڌ کي فتح ڪيو
    انهن سنڌ تي انڊو نالو رکيو پوء انڊو منجهان انڊوس، انڊيڪا، انڊيڪوس، انڊس ۽ پوء آخر ۾ انڊيانالو رکيو ويو.
    هندوستان جي اصل معني سنڌو ندي جي ڪناري تي رهندڙ يا سنڌو ندي وارو ملڪ.
    سنڌ جي سياسي تاريخ داراعظم جيڪو 600 ق.م سنڌ ۾ آيو ان کان شروع ٿئي ٿي
    دراعظم جو تعلق ايران سان هو.




    هلندڙ قسط نمبر2 جو انتظار ڪندا.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. خدابخش مشاخ

    خدابخش مشاخ
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2014
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    83
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    ڌنڌو:
    مزدوري
    ماڳ:
    ماتلي
    تمام سٺي ڄاڻ ادا پر توھان موھن جي دڙي جي ڳالھ گول ڪري ويا
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    دلچسپ معلومات لاءِ لک قرب قسط 2 جو انتظار رهندو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو