تاريخ جي دردناڪ داستان مان هڪ سبق ! شفيق شاڪر تاريخ جي صفحن ۾ اڄ به اهو محفوظ آهي ته ڪنهن زماني ۾ پنهن جي سيني ۾ هزارين داستان رکندڙ شهر بغداد ڪجھ ان انداز سان پنهن جي مٿان وسندڙ ڪنهن ويجھي قيامت کان بي خبر هو. هوٽلن،حجرن،چوڪن ۽ چوراهن تي ڪجھ اهڙڻ ئي مناظرن ۽ مباحثن جي بازار گرم هئي. ان وقت جا حڪمران پنهن جي مستيء ۾ مست ۽ حڪومتي وزير،مشير ۽ عملدار وڏي بي درديء سان غريب رعايا جي خون پسيني جي ڪمائي لٽي پنهن جا ڊڍ ڀري ۽ پنهن جا محل سينگاري رهيا هئا. رهيو عوام ته اهو هتان جي عوام وانگر معاشي بدحالين جو شڪار ٿي چڪو هو.ماڻهن جي رياست يا رياستي معاملن سان ڪابه دلچسپي باقي نه رهي هئي.مورخ اچرج وچان اهو بيان ڪري ٿو ته عباسي سلطنت جي ڪجھ باخبر جاسوسن جڏهن وقت جي ڪند ذهن ۽ بيدرد بادشاه کي بغداد جي طرف وڌندڙ بي رحم تاتارين جي طوفان جي خبر ڏني ته بادشاه انهن جاسوسن کي شاباس ڏيڻ بدران کين ان ڏوھ جي سزا ڏني جو هنن بادشاه جي شام واري مستاني موسم جو مزوبي سبب ڇو خراب ڪيو؟ ٻئي ڏينهن تي وري ڪجھ سرحدي جاسوسن خبر موڪلي ته بادشاه سلامت! ڪمال سنجيدگيء جو مقام آهي،مهرباني ڪري ڪجھ سوچيو جو طوفان تمام تيز ٿو ڏسجي.حالتون گھڻيون سخت ۽ سنگين ٿيون نظر اچن.ڳاڙهاڻ ئي ڳاڙهاڻ ۽ خون ئي خون آهي،انهن درندن جون تلوارون جڏهن هلن ٿيون ته مجرم ۽ محرم ۾ فرق نٿيون ڪن،آقا ۽ غلام جي تميز نٿيون رکن، معصومن ۽ مجرمن وچان ليڪو نٿيون ڪڍن.ٻڍي ۽ ٻار جو لحاظ نٿيون ڪن.پر بادشاه جيئن ئي ٿورو پريشان ٿيو ٿي ته سندس خوشامدي درٻارين کيس حوصلو ڏنو ٿي ته “ يي خبر ڪسي دشمن ني اڙائي هوگي” ڪنهن جي جرئت آهي جو توهان جهڙي بهادر بادشاه جي رعب ۽ جلال سامهون اهڙي حرڪت ڪري سگھي!نيٺ خطري جي اها آخري گھنٽي به جاسوسن وڄائي ڇڏي ته حضور والا! هوش ۾ اچو.تاتارين جو هڪ زبردست لشڪر بادشاه سلامت جي سلطنت جون حدون لتاڙڻ جي گستاخي ڪندي اڳتي وڌي رهيو آهي.اها خبر شهر ۾ پکڙجي ويئي.افسوس جو ان وقت ميڊيا نه هئي نه ته ڪيترائي درباري تجزيانگار ۽ دفاعي تبصرانگار ٽي وي اسڪرين سامهون ويهي ان قسم جي بي بنياد خبرن پکيڙڻ کي بادشاه سلامت خلاف عظيم سازش قرار ڏين ها ۽ بادشاه کي هر طرف سک ۽ سڪون جي بانسري وڄڻ جي پڪ ڏيارين ها.اهڙيء طرح سندن روٽي روزيء جو بندوبست ٿي پوي ها.بهرحال تاتارين جي آمد جي اها خبر بادشاه ۽ سندس دربارين لاء ڪا ايڏي وڏي خبر نه هئي جنهن تي اجايو پريشان ٿي پنهن جون مستاڻيون محفلون خراب ڪجن. اڄ جي لفظن ۾اهو بلڪل هڪ نان اشو هو.شهر جي حجرن،هوٽلن ،اوطاقن،محلن،چوڪن ۽ چوراهن جا موضوع اڃا به ڪجھ ٻيا هئا.مثال؛ جيڪر ٻڪري جي ڦر کي رڍن جي ڌڻ ۾ ڇڏجي ته اها ٻڪري شمار ٿيندي يا رڍ؟ يا جيڪر ڪانو کي اڇي چن مان ٻوڙي کيس هنجن جي وچ ۾ ڇڏيو وڃي ته اهي روئندا يا کلندا؟يا سلوار جا پانئچا سوڙها هجن يا کليل؟پٽڪو اڇو هجي يا ناسي؟وغيره وغيره هوڏانهن سلطنت جي عمارت مان روزانو سرون هڪ هڪ ٿي ڪرنديون ٿي وييون پر نه ته ڪنهن کي ان جو ڪو هوش هو نه ئي ان نان اشو جي باري ۾ پنهن جو دماغ کپائڻ لاء ڪنهن وٽ ڪووقت هو.هڪ ڏينهن وري جاسوسن دربار شاهيء جي حاضري ڀري ۽ عرض ڪيوته تاتارين جو هڪ لشڪر بغداد جي پناهي ديوار جي اوٽ ۾ شهر جي سر سان سر وڄائڻ جي تياري ڪري رهيو آهي.اها خبر جڏهن شهر جي مرڪزي چوڪ تي چوسر کيڏندڙ هڪ ٽولي جي ڪن تي پيئي ته انهن مان هڪڙي ان خبر تي هيء تبصرو ڪيو ته “ گھڻا ڏٺا اٿئون اهڙا سورهيه!” هڪ ٽهڪ اڀريو ۽ اهي سڀ وري بازيء ۾ لڳي ويا.جڏهن ايندڙ آفت متعلق هر انتباه کان سڀ ڪن ٻوڙا ۽ سمورا دماغ شل ٿي چڪا ۽ هر حجت پوري ٿي ويئي ته پنهن جي حال ۾ مست شهر وارن تي دوزخ جا سڀ دروازا کولي ڇڏيا ويا . دانشورن ۽ عالمن پنهنجن حجرن جي درين مان ٻاهر ڏٺو،دربارين محلاتن جي ڇتين تان نهاريو ۽ نوٽڻ کيڏندڙن منهن مٿي کنيو ته قيامت مٿان بيٺل هئي.قدرت طرفان مليل مهلت ختم ٿي چڪي هئي. هلاڪو خان جي تلوار جيئن ئي مياڻ مان ٻاهر آئي ته نه ڪو سر سلامت رهيو نه ئي ڪنهن جو پٽڪو سر تي باقي رهيو.سونهن ڀريو هزار داستان شهر خود عبرت جو نشان بڻجي ويو.سڄو شهر ڀڄي ۽ ڀري ويو.سڀ ڪجھ ٽٽي ۽ ٽڙي پکڙي ويو ۽ پوري ڀونء رت ۾ وهنجي ويئي ۽ تاريخ جي صفحن مان خون ٺينڊيون ڪري وهڻ لڳو. ڪاش اسان جي اڄ جا حڪمران به تاريخ جي اهڙن دردناڪ داستانن مان ڪو سبق سکن ها. اڄ به اهو ئي بغداد،اها ئي حڪمرانن جي پنهنجي حال مستي،اها ئي عوام سان معاشي ناانصافي،اها ئي پئسو گڏ ڪرڻ جي حوس،اهو ئي غرور،تڪبر ۽ هٺ ڌرمي،پنهن جي آسپاس اٿندڙ طوفانن کان بي پرواه، رياست جي ڪمزور ٿيندڙ عمارت مان هڪ هڪ ٿي نڪرندڙ سر کان بي نياز.دهشت ۾ ورتل سماج، اهي ئي محلن جا موضوع،اهي ئي حجرن جا عنوان،اهي ئي نوٽڻون ۽ چوسر،اهي ئي سياسي شطرنج جون نه کٽندڙ بازيون،اهي ئي محفلون ۽ مستيون،اهي ئي خوشامدڙيا درٻاري،اها ئي بي حسي،ضد ۽ اها ئي بيوقوفي. خبر ناهي باقي ڪهڙي مماثلت ۽ مشابهت باقي رهجي ويئي آهي جنهن جا اڃا اسين منتظر آهيون يا شايد اسين اڄ به تاريخ جي اهڙن داستانن کي صرف افسانو سمجھندا هجون!