خواب حسرت پياس ۽ ٻيو ڇا؟غزل

غزل
خواب حسرت پياس ۽ ٻيو ڇا؟
دل به آھي اداس ۽ ٻيو ڇا؟

آئون روئان اچي اُگهين ڳوڙھا
تون هُجين آس پاس ۽ ٻيو ڇا؟

ان ڪري پوپٽيون پريشان هون
تنهنجي بُت جو هو واس ۽ ٻيو ڇا؟

ڪو ته چارو ضرور ملندو پڻ
ھر طرف آ اُماس ۽ ٻيو ڇا؟

ڪو ڇهي ڪو رکي چپن تي چپ
تن ۾ آھي ئي تاس ۽ ٻيو ڇا؟

پنهنجو جيئڻ ڪٺل پکي وانگي
ڪا خوشي ڪانهي راس ۽ٻيو ڇا؟
امين ڀُٽو
 
Back
Top