خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / اربع 02 مارچ 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* ملڪ ۾ ڪرپشن ۽ خيانت ڪرڻ ڪو ڏوهه ڪونه رهيو آهي: سپريم ڪورٽ (خبر)
* * جت نواز شريف ۽ آصف زرداريءَ جھڙا حڪمران هوندا، اتي اڳيون سوجھرو به چٽ ٿيندو (تبصرو)

* سنڌ سرڪار پنهنجي حصي مان اسلام آباد کي پاڻي ڏيڻ تي راضي (خبر)
* * پوءِ سنڌ سرڪار، اڳ ۾ ڀڀڪيون ڇو ٿي هنيون؟ (تبصرو)

*خيرپور ۾ نيب، آبپاشيءَ جي انجنيئرايازسومريَ کي گرفتارڪيو (خبر)
* * سنڌي ڪامورو ۽ راشي نه هجي، کوڙو ئي نه ٿو لڳي (تبصرو)

* سکر واسي، غربت سبب پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو (خبر)
* * وسيلن جي لحاظ کان شاهوڪار سنڌ جا مسڪين ماروئڙا آپگھات لاءِ مجبور آهن (تبصرو)

*ڪڪول واهه جي قبضي جي خاتمي جو پهريون مرحلو مڪمل (خبر)
* * ڪٿي پهرئين مرحلي مڪمل ٿيڻ تي، سنڌ سرڪار وري گھري ننڊ ۾ سمهي نه پوي؟ (تبصرو)

*ٿر ۾ 6 ٻارڙا فوت، فوتين جو انگ 246 ٿي ويو (خبر)
* *آصف علي زرداري ۽ قائم علي شاهه شايد ٿري ٻارڙن کي انسان ئي ڪونه ٿا سمجھن (تبصرو)

*سمنڊ تيزيءَ سان وڌڻ ڪارڻ، ٺٽي ۾ لکين ايڪڙ زمين تباهه (خبر)
* * ڀلي سڄي سنڌ تباهه ڇو نه ٿئي، زرداري ۽ قائم علي شاهه جو ڇا وڃي؟ (تبصرو)
 
Back
Top