محمد يوسف جويو ذاتي يا نِجِي لائبريري جي اهميت لائبريري يا ڪتبخانا عام طور چئن قسمن جا هوندا آهن، جن ۾ عوامي ڪتبخانو، تعليمي اداري جو ڪتب خانو، خاص يا مخصوص موضوع تي ڪتبخانو ۽ ملڪ جو قومي ڪتبخانو، ان کان علاوهٰ ڪي ٻيا به ڪتبخانا آهن، جيڪي سماج جي سڌاري ۽ ترقيءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. جن ۾ ذاتي يا نجي ڪتبخانو پنهنجي هڪ خاص اهميت رکي ٿو.”ڪنهن شخص جي، گهر ۾، اوطاق ۾ يا الڳ ڪنهن جاءِ وغيره ۾ پنهنجِي ذاتي يا نِجِي لائبريري هجي، جنهن ۾ هن جا پنهنجا خريد ڪيل ڪتاب، رسالا ۽ اخبارون وغيره جو چڱو خاصو ذخيرو گڏ ڪيل هجي. جنهن مان هو پاڻ يا هن جا گهروارا مٽ مائٽ پڙهڻ جو فائدو وٺندا رهيا هجن تنهن کي ذاتي ڪتبخانو چئجي ٿو“. ذاتي ڪتبخاني جا مالڪ ٽن قسمن جا هوندا آهن. هڪڙا اهي جيڪي خانداني ورثي کي سنڀاليندا پيا آهن، ٻيا اهي جيڪي علم، ادب ۽ ڪتابن سان چاهه رکندا آهن ۽ صاحبِ حيثيت پڻ هوندا آهن. ۽ ٽيان اهي جيڪي صاحبِ حيثيت نه هوندا آهن پر ڪتابن سان عشق، ان حد تائين هوندو آهي جو هو پنهنجي ميڙي چونڊيءَ مان ڪتاب پيا گڏ ڪندا آهن ۽ اهڙيءَ طرح هڪ عاليشان ذاتي ڪتبخانو جوڙي وٺندا آهن. انهن ڪتبخانن جا وري ٻه قسم ٿيندا آهن هڪڙا پنهنجي ان ذاتي ڪتبخاني جا در ٻين پڙهندڙن لاءِ کليل رکندا آهن ۽ ٻيا وري پنهنجي ان ذاتي ڪتب خاني جا در بند ڪري، ڪتابن کي پيا لڪائيندا آهن. اسان جي سماج ۾ اهڙيون ڪئي ذاتي لائبريريون يا ڪتبخانا اڄ به موجود آهن. ذاتي لائبريري، ماڻهو پنهنجي پڙهڻ جي دلچسپي ۽ سندس تعليمي دلچسپي آهر جڙندي آهي جئين جناب ايم ايڇ پنهور جي لائبريري جو گهڻو مواد ايگريڪلچر سائنس ۽ تاريخ تي آهي، اهڙيءَ طرح ڪن جي ذاتي لائبريرين ۾ اسان کي پراڻا هٿ جا لکيل مخطوطا به ملندا ته اتان ڪي تاريخي شيون پڻ ملنديون آهن. جڏهن مون کي هڪ ذاتي لائبريري جي مالڪ ٻڌايو ته ”اڄ جي نئين ۽ جديد دور ۾ ذاتي لائبريري جي ضروورت ۽ اهميت وڌي وئي آهي، ڇاڪاڻ ته اسان جي سماج مان پڙهڻ جي عادت گهٽجندي پئي وڃي ۽ ڪتابن کان نئون نسل پري ٿيندو پيو وڃي“. ها بلڪل مان سمجهان ٿو ته ذاتي لائبريريءَ مان فائدو اهو ئِي ته آهي جو گهر ۾ ڪتاب موجود هجڻ جي ڪري، گهر جا ڀاتي، نوجوان ۽ ٻار وغيره انهن ڪتابن کي ڏسن ٿا، کڻن ٿا، پڙهن ٿا ۽ ائين انهن جي زندگيءَ ۾ پڙهڻ جي عادت پئجي وڃي ٿي. اهي زندگي جي لاهن چاڙهن ۽ سماج جي اندر پيدا ٿيندڙ تبديلين کي سمجهڻ لڳن ٿا. گهر ۾ ڪتابن جي موجود هجڻ سان ٻار توڙي نوجوان کي تعليمي امتحان لاءِ، گهر مان ئي ان کي ماحول ۽ ڪتابي مواد ملي ٿو. چوندا آهن ته ڪتب خانا مهذب معاشري جون نشانيون آهن، شايد تنهن ڪري اسان جي بزرگن، اديبن، ڏاهن، عالمن، استادن، سياستدانن ۽ پڙهڻ جو ذوق رکندڙن وٽ پنهنجو ذاتي ڪتب خانو ضرور موجود رهيو آهي. هن وقت علم توڙي هنرجي هر شعبي ۾ سائنس ٽيڪنالائجي اچي وئي آهي ۽ ان جا نتيجا بهتر پڻ نڪتا آهن، جو هر شعبي تائين عام ماڻهوءَ جي رسائي آسان ۽ تڪڙِي ٿي چڪي آهي. هاڻي ته هر ڪم ڪمپيوٽر ۽ ٽيڪنالائجيءَ جي تابع ٿي ويو آهي. اهڙيءَ طرح سان هن وقت ذاتي لائبريري لاءِ به ڪمپيوٽر جا سافٽ ويئر اچي ويا آهن ، ته جيئين اسان انهن سافٽ ويئرس کي استعمال ڪندي پنهنجي ذاتي ڪتبخاني کي نئين ۽ جديد انداز ۾ جوڙي سگهون. اهڙا سافٽ ويئر آنلائن پيا آهن، اهي سڀ اوپن سورس سافٽ ويئر آهن. جيڪي انهن ذاتي لائبريرين جي خزاني تائين رسائي کي آسان بنائڻ لاءِ بهترين ذريعو آهن ڪتاب به محفوظ ته ۽ ڪتابن جي علم مان ٻيا به فائدو ڀلي پيا وٺن. اسان جي سماج ۾ هاڻي ذاتي لائبريريون آهستي آهستي ختم ٿي رهيون آهن ان جا سبب هي آهن ته جن شخصيتن وٽ پنهنجا ذاتي ڪتبخانا آهن. انهن جي آڏو هڪ وڏو سوال اِهو آهي ته اسان کان پوءِ اسان جي هن علمي ورثي جو ڇا ٿيندو؟ اهو سوال انڪر پيدا ٿئي ٿو جو انهن کي خبر آهي ته اسان جي گهر ۾ ۽ خاندان ۾ هن وقت ڪتابن سان دلچسپي رکندڙ گهٽ فرد آهن، سي به زندگي جي ڪنهن ڪار وهنوار ۾ مصروف آهن. باقي نئون نسل جديد سائنس ٽيڪنالائجي، ڪمپيوٽر ۽ موبائيل وغيره ۾ مصروف آهي، تنهن ڪري انهن لاءِ هن وقت ڪتاب اهم نه رهيو آهي، سو اِهي ڳالهيون سوچي، هي پنهنجا ذاتي ڪتبخانا ٻين علمي، ادبي ۽ قومي ادارن کي تحفي طور يا وري وڪڻي ڪري ڏئي ٿا ڇڏين. اهڙا ٿورا مثال هيٺ ڏئي سگهجن ٿا. *ملڪ جي باني قائداعظم محمد علي جناح ۽ شهيد ِ ملت لياقت علي خان جا ذاتي ڪتب خانا قومي ورثي ۾ ورتا ويا *ملڪ جي ناليواري محقق حڪيم محمد سعيد پنهنجو ذاتي ڪتبخانو پنهنجي قائم ڪيل همدرد يونيورسٽي جي بيت الحڪمت ڪتبخاني کي تحفي طور ڏنو *سنڌ جي نامور دانشور محمد ابراهيم جويو پنهنجو ذاتي ڪتبخانو سنڌي ادبي بوڊ، ڄامشورو جي لائبريريءَ کي تحفي طور ڏئي ڇڏيو. *سنڌ جي سياست جي کاٻي ڌر جو اڳواڻ ۽ اديب سوڀو گيانچنداڻيءَ پنهنجو ذاتي ڪتبخانو سنڌ آرڪائيوز کي وڪڻي ڏنو *سنڌ جي لوڪ ادب جي ڄاڻو ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي ذاتي لائبريري جيڪا هن سنڌ يونيورسٽي جي علامه آءِ آءِ قاضي لائبريري جي حوالي ڪئي *سنڌ جو تعليمدان شاهه محمد شاهه پنهجو ذاتي ڪتب خانو آئِي. بِي.اي سکر جي لائبريريءَ جي حوالي ڪيو انهن مٿين شخصيتن جي ذاتي ڪتبخانن کا علاوهٰ به اسان جي ملڪ ۾ ڪئِي اهڙيون شخصيتون اڃان به آهن جن جون ذاتي لائبريريون هڪ املهه خزاني جي حيثيت رکن ٿيون. جن ۾ سنڌ جا محقق ۽ اديب شامل آهن جن ۾ ، اديب مظهر جميل ڪراچي، تاج جويوحيدرآباد، نصير مرزا حيدرآباد، ڊراما ليکڪ عبدالقادر جوڻيجوڄامشورو، پروفيسر ڊاڪٽر الهرکيو ٻٽ ڄامشورو، فهيم نوناري ڄامشورو، پروفيسر امر لغاري سانگهڙ، سائين الهورايو بهڻ سانگهڙ، سماج سڌارڪ ڏامرو مل،شهرسامارو ٿرپارڪر، در محمد پالاري،سرِي ڪوهستان، ۽ پروفيسر سيد گل محمد شاه گل بخاري، شهداد ڪوٽ وغيره شامل آهن. ذاتي لائبريرين کي قائم رهڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ان سان اسان جي معاشري ۾ اخلاقيات ۽ سهپ جنم وٺي ٿي، ڪتاب دوستي سان ئي ماڻهن ۾ امن آڻي سگهجي ٿو. قومون ترقي ڪن ٿيون. اهڙيءَ طرح اسان کي پنهنجي گهر ۾ ذاتي لائبريري قائم ڪرڻ سان ڪئي فائدا ٿين ٿا جن مان ڪجهه هيٺ ڏجن ٿا. 1.ماڻهوءَ جو علم ادب سان چاهه پيدا ٿئي ٿو. 2.ماڻهو پنهنجي ئي گهر ۾ دنيا جي علم ۽ ڄاڻ کان وقف ٿئي ٿو 3. ماڻهو پنهنجي ئي گهر جي لائبريريءَ مان ادب، ٻولي، تاريخ، فلسفو، دين، سائنس وغيره جو علم حاصل ڪري سگهي ٿو 4.ڪتاب دوستي وڌي ٿي ۽ ماڻهوءَ ۾ شعور اچي ٿو 5.ڪتاب دوستيءَ جي ڪري ماڻهو جي شخصيت ۾ نکار اچي ٿو ۽ ان سان گڏ سهپ، اخلاقيات ۽ سوچ ۾ وسعت پيدا ٿئي ٿي. 6.گهر ۾ پنهنجي ذاتي لائبريريءَ جي هجڻ سان ماڻهو پنهنجي زندگيءَ جي هر مسئلي ۽ معاملي جو حل علم جي روشنيءَ ۾ ڳولي ٿو. حقيقت ۾ ڪتبخانا علم، ڏاهپ ۽ شعور جو حقيقي ذريعو هوندا آهن پر ساڳي جاءِ تي هي تهذيب، تمدن، ثقافت، تاريخ، ادب، لوڪ ادب، ٻولي ۽ اخلاقيات جا ڀنڊار سمجهيا ۽ ليکيا ويندا رهيا آهن. تنهن ڪري اسان کي پنهنجي تهذيب ۽ تمدن، ثقافت ۽ ٻوليءَ جي سڃاڻپ قائم دائم رکڻي آهي ته ڪتابن سان دل لايون. جيئن قومن جو زوال جو سبب تعليم جو زوال هوندو آهي، ائين وري تعليم جي تباهي جو سبب وري ڪتب خانن جي تباهي هوندو آهي. جي اسان زنده ۽ ڪامياب قوم ٿي رهڻ چاهيون ٿا ته پوءِ لازمي آهي ته پنهنجن گهرن، ڳوٺن، شهرن ۽ تعليمي ادارن ۾ ڪتب خانن کي آباد ڪيون، ته جيئن اسان جي تعليم ۾ هڪ معيار اچي ۽ قوم به زوال کان بچي ترقي ڪري سگهي. نوٽ: هي مضمون روزانه شام بتاريخ 23، فيبروري 2016ع ۾ ڇپيل آهي.