اسلامي شريعت ۾ گستاخ رسول کي سزا ڪير ٿو ڏئي سگهي

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ شعيب محمد طرفان آندل موضوعَ ‏2 مارچ 2016۔

  1. شعيب محمد

    شعيب محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    170
    ورتل پسنديدگيون:
    338
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    ڌنڌو:
    ليڪچرار
    ماڳ:
    سکر
    [​IMG]

    دوستو اسلام عليڪم اڄ مان توهان سان هڪ اهم ديني مسئلو شيئر ڪري رهيو آهيان جيئن ته اڄ ڪالهه ممتاز قادري جي ڦاهي واري سزا تي سڄي ملڪ ۾ هڪ بحث ڇري ويو آهي ۽ ڪوئي ڪنهن جي ڳالهه ٻڌڻ جي لاء تيار ڪو نه آهي۽ ڪو به پنهنجي ضد تان لهڻ جي لاء تيار ڪو نه آهي ڪي اسان جا دوست ممتاز قادري کي هيرو پيا مڃين ته ڪي وري ان کي زيرو پيا چون
    بهرحال رسول خدا صلعم جن جي ان فرمان جي روشني ۾ جنهن ۾ پاڻ محبوب ڪريمن فرمايو ته مان توهان جي وچ ۾ پنهنجون ٻه شيون ڇڏي ٿو وڃان جو مون کان پوء توهان گمراه ڪو نه ٿيندئو هڪ الله جو ڪتاب ۽ ٻيو منهنجي سنت
    اچو ته اڄ ان معاملي کي اسلامي فقيھ ۽ اسلامي شريعت جي روه سان ڏسون ته ڇا ممتاز قادري اهو ڪم صحيح ڪيو يا غلط ڪيو
    پهرين ڳالهه مان توهان جي سامهون اها واضع ڪندو هلان ته اسلامي فقيه ۾ ڪنهن مرتد يا گستاخ رسول کي سزا ڏيڻ ڪنهن جي ذميواري آهي ڇا ڪو عام شخص ڪنهن گستاخ رسول يا مرتد کي قتل ڪري سگهي ٿو
    ان جو جواب هن ريت آهي ته ڪنهن عام شخص کي قتل ڪرڻ جي اجازت ڪو نه آهي پر اهو ڪم وقت جي حڪومت جو آهي اگر ڪنهن تي اهو الزام آهي ته ان نبي اڪرم صلعم جن جي شان ۾ گستاخي ڪئي آهي ته اهو مقدمو وقت جي قاضي وٽ ويندو ۽ قاضي جي اها ذميواري آهي ته اهو ان شخص کان پڇا ڪندو ۽ گواهن جا بيان وٺندو ۽ الزام لڳل شخص کي پنهنجي صفائي جو موقعو ڏيندو ته ان اهو ڪم ڇو ڪيو آهي اگر ڪنهن غلطي مجنوني ذهني بيماري يا پنهنجي جان کي خطري ۾ ڏسي ڪري اهو ڪم ڪيو آهي ته ان کي معاف ڪيو ويندو
    پر اگر ڪنهن شخص ڄاڻي واڻي اهو ڪم ڪيو آهي ۽ گواه ان جي مٿان بيٺا آهن ۽ ان شخص پاڻ به ان جو اقرار ڪيو آهي ته پوء ان شخص کي قاضي ان ڪم جي سزا ڏيندو پر ان سزا ڏيڻ جو اختيار صرف وقت جي حڪمران ۽ قاضي کي آهي عام ماڻهن کي ان جو اختيار ان ڪري ڪو نه آهي جو ٿي سگهي ٿو ڪو ئي ڪنهن تي ڪوڙو الزام هڻي ڪنهن کي قتل ڪري وجهي يا ڪو ڪنهن بي خبر مجنون ماڻهون کي ماري وجهي ان جي ڪري اسلامي شريعت ۾ اهو حق ۽ اختيار صرف وقت جي حڪمران ۽ قاضي کي ڏنو ويو آهي اگر ڪو عام ماڻهون پنهنجي عدالت لڳائي اهو ڪم ڪندو ته ان کي سزا ڏني ويندي
    هاڻي اچو ته ان ڳالهه تي بحث ڪريون ته الله جي رسول ڪجهه اهڙن ماڻهن کي موت جي سزا ڇو ڏني جنهن انهن جي شان ۾ گستاخي ڪئي هئي هتي اسان کي پهريان اهو سمجهڻو پوندو ته الله جو رسول اهو ڪم ڪندو هو جنهن جو هن کي الله تعالي جي طرفان حڪم مليل هوندو هيو ۽ الله تعالي انهن کي وحي جي صورت ۾ اهو اطلاع ڏيندو هو ٻيو ته اهي پاڻ ان وقت نبي سان گڏوگڏ حڪمران به هئا اگر انهن ڪنهن کي اها سزا ڏني ته اهو انهن جو اختيار هو ۽ الله جو حڪم هيو الله تعالي انهن کي ڄاڻايو ته فلاڻو شخص صرف ساڙ ۽ حسد م اچي ڪري توهان جي توهين ڪري رهيو آهي ۽ ان کي سزا ملڻ کپي تڏهن انهن اهو حڪم جاري ڪيو .
    پر عام ماڻهن ۽ اصحابين کي اهو فرمان نه ڏنائون نبي اڪرم جن کان بعد انهن جي خليفن جو به اهو ئي طريقيڪار هيو ته وقت جو قاضي يا خليفو ان ڳالهه جي تحقيق ڪري پوء سزا ڏيندا هئا
    بهرحال اسان جا دوست ۽ ساٿي جيڪي ممتاز قادري کي حق تي سمجهي رهيا آهن اهي الله تعالي جي ڏنل شريعت ۽ اصولن کي پٺي ڏئي ڪري صرف پنهنجي ضد تي ٻڌل شريعت جي پيروي ڪري رهيا آهن جنهن جو قران ۽ سنت سان ان جو ڪو به تعلق ڪو نه آهي دعا آهي ته الله تعالي اسان کي دين جي سمجهه عطا ڪري ۽ ديني مسئلن کي سکڻ جي توقيق ڏي آمين طالب دعا شعيب محمد ميمڻ
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو