آخري کڏ بابت ادا اسدي ٿورو لکڻ ۽ گهڻو سمجهڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي، پر هتي مان توهان کي دنيا جي 10 وڏن کڏن بابت ٻڌائڻ چاهيندس نمبر 1۔ Turkmenistan - Darvaza Gas Crater هي کڏو قراقرم جي ريگستان جي قلب ۾ واقع آهي جيڪو ترڪمانستان ۾ آهي۔ هي کڏو ”دوزخ جي دروازي“ جي نالي سان مشهور آهي۔ هن جو مٿيون حصو باهه جي ڪري ايترو روشن آهي جو رات جو به ڪيترائي ميل پري کان نظر ايندو آهي نمبر 2۔ South Africa - Kimberley Diamond Mine هي هڪ هيري جي کاڻ آهي جيڪا ڏکڻ آفريڪا ملڪ ۾ آهي۔ هي کاڻ وڏي مين هول جي نالي سان به مشهور آهي۔ هن کاڻ کي دنيا جي سڀ کان وڏي کوٽندڙ کاڻ پڻ چوندا آهن۔ 1866 کان 1914 تائين پنج هزار ماڻهن هن کي بيلچن جي مدد سان کوليو هو ۽ هتان 2722 هيرا ڪڍيا ويا آهن۔ نمبر 3۔ California - Monticello Dam هي دراصل هڪ ڊيم آهي جيڪو ڪيليفورنيا ملڪ ۾ آهي هن ۾ پاڻي جي وهڻ جي رفتار 48400 ڪيوبڪ فوٽ في سيڪنڊ آهي۔ نمبر 4۔ Utah - Bingham Canyon Mine هي هڪ تانبي جي کاڻ آهي جيڪا ڪيوريش جي جبلن ۾ آهي، هي کاڻ 2۔1 ڪلوميٽر اونهي ۽ 4 ڪلوميٽر ويڪري آهي، هي دنيا جي سڀ کان وڏين کاڻين مان هڪ آهي۔ نمبر 5۔ Belize - Great Blue Hole هي نيرو کڏو بليز سمنڊ جي وچ ۾ آهي هي کڏو 100 فٽ ويڪرو ۽ 400 فٽ اونهو آهي۔ پراڻي وقت ۾ ڪيميائي تبديلين جي ڪري زمين ۾ تبديلين جي ڪري پيدا ٿيو آهي۔ نمبر 6۔ Siberia - Mirny Diamond Mine هي هيري جي کاڻ 525 ميٽر اونهي آهي۔ روس جي سڀ کان وڏي هيري جي کاڻ آهي۔ پر هاڻي اختتامي لمحن ۾ آهي۔ جڏهن هن کاڻ ۾ ڪم ٿيندو هيو ته ان وقت هڪ ٽرڪ کي مٿي کان هيٺ پهچڻ ۾ تقريبن 2 ڪلاڪ کان مٿي لڳي ويندو هيو۔ نمبر 7۔ Canada - Diavik Mine هي کاڻ ڪينيڊا جي ڏکڻ ۾ واقع آهي هي کاڻ 2003 ۾ شروع ٿي هئي ۽ سالانو تقريبن 1600 ڪلو گرام هيرا ڏيندي هئي نمبر 8۔ Guatemala - Sinkhole 26 فيبروري 2007 ۾ گوئٽَي مالا ۾ هڪ 300 فٽ اونهو کڏو ٿي ويو جيڪو بارش ۽ زمين جي هيٺان وهندڙ پاڻي جو نتيجو آهي۔ نمبر 9۔ Russia - Udachnaya Pipe هي کڏو به دراصل هڪ هيرن جي کاڻ ئي آهي جيڪو روس ۾ واقع آهي۔ هن کاڻ جي مالڪ هن کاڻ جو ڪم 2010 ۾ ختم ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي۔ هي کاڻ 1955 ۾ دريافت ٿي ۽ تقريبن 600 فٽ اونهي آهي نمبر 10۔ Chile - Chuquicamata هي هڪ ٽامي جي کاڻ آهي جيڪا چلي ۾ واقع آهي۔ هي کاڻ دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ ٽامو پيدا ڪندي آهي۔ هي تقريبن 850 ميٽر اونهي آهي۔