خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / خميس 03 مارچ ، 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* آدمشماريءَ لاءِ صوبن جي نمائندگي لازمي ناهي: وفاقي سرڪار (خبر)
* * پهريان نواز سرڪار ٻڌائي ته صوبن جي به کين ضرورت آهي يا نه؟ (تبصرو)

* حڪومت، آدمشماري جي تاريخ جو ترت اعلان ڪري: آدمشماري ڪاميٽي (خبر)
* * اڳيان به نواز شريف سرڪار اٿوَ، سولو ڪونه مڃيندي (تبصرو)

* نواز سرڪار نيب کي حراسان ڪري رهي آهي: خورشيد شاهه (خبر)
* * آصف زرداري به سنڌ ۾ ڪرپشن ذريعي عوام کي حراسان ڪري رهيو آهي (تبصرو)

* شيو سينا جو هندوستاني تراني مان سنڌ لفظ ڪڍڻ جو مطالبو(خبر)
* * اهڙو مطالبو ڪندڙ اڳ به سپريم ڪورٽ ۾ ويا هئا پر کين وريو ڪجھه به ڪونه (تبصرو)

* ٻوڏ متاثرن کان ليبر کاتي جا فليٽ خالي ڪرائڻ لاءِ وڏي وزير جو حڪم (خبر)
* * پوءِ سنڌي قومپرست جو ڇا ٿيندو جنهن ٻوڏ متاثرن جي نالي ۾ قبضا ڪيا آهن؟ (تبصرو)

* نيب طرفان ضياءَ لنجار ۽ نواز ڊومڪيءَ خلاف ڪرپشن جي جاچ جي منظوري (خبر)
* * زرداريءَ جي ڪرپٽ ماڻهن خلاف ڦاهيءَ جو ڦندو ٿيندو پيو وڃي (تبصرو)

* نارا ڪينال جي واهه ۽ شاخن تي ڪم ۾ 100 ارب روپين جي ڪرپشن (خبر)
* * زرداريءَ جي دور ۾ رڳو 100 ارب جي ڪرپشن؟ مذاق نه ڪريو (تبصرو)
 
Back
Top