نياز الاهي
سينيئر رڪن
هي شهر چون ٿا ته ماضي ۾ تعليم، معيشت ۽ ثقافت جو مرڪز رهندو رهيو آهي هي شهر سنڌو ندي جي اولهندي ڪناري تي اڄ به قائم ۽ دائم آهي هتان جي تعليم جا چرچا پوري رياست ۾ مشهور هئاجنهن جو مثال روس رياست مروند جيڪو هاڻي آزربائيجان آهي مان آيل صوفي بزرگ قلندر لعل شهباز به پاٽ شريف جي پير اسماعيل وٽان مستفيد رهي چڪو آهي آهي جيڪو سن 1194 عيسوي کن وٺي 1224 تائين ٻڌايو ٿو وڃي ته انهي عرصي جي وچ ڌاري هتي آيو هوندو.هن شهر جي نالي اهو به چيو وڃي ٿو ته هي شهر سنڌو ماٿري جي پنج هزار سال پراڻِي تهذيب موهن جي دڙي سان به مشابهت رکي ٿي جنهن جو مثال لوهم جو دڙو پڻ آهي ، مغل رياست جي باني تيمور لنگ جي اولاد جي به هن شهر سان تمام ويجھهڙائپ رهي جنهن لاء پڻ تاريخ لکي ٿي ته تيموري سلطنت جي باني تيمور کانپوء جڏهن سندس پٽ تخت نشين ٿيو ته کيس شير شاه سوري بدترين شڪست ڏئي ڀڄائي ڇڏيو جنهن کانپوء هي سنڌ آيو ۽ شيخ علي اڪبر جي نياڻي حميده بانو کي دل ڏئي ويٺو ۽ ساڻس پاٽ شهر ۾ ئي شادي پڻ ڪئي جنهن مان کيس هڪ پٽ ڄائو جنهن جو نالو اڪبر بادشاه رکيائين جنهن جي ولادت عمر ڪوٽ م ٿي سندس سهري شيخ علي اڪبر جي نالي چيو ٿو وڃي ته هي بغداد مان آيا هئا جنهن کي ڄام سمان حڪمرانن ٺٽي مان رياستي مهمان ڪري پاٽ شريف شهر کي سڌريل ۽ تعليم جو مرڪز سمجهي سنڌ جي خدمت لاء پاٽ شريف شهر ۾ موڪليوهئو هن شهر ۾ اڪثر پڙهيل لکيل طبقو جنهن ۾ مخدوم قاضي ،چنا،ميمڻ صديقي ،پله ۽ منگي لڏي وڃي ڪراچي شهر ۾ آباد ٿي ويهي رهيا آڄ هن شهر جي حالت اها آهي ته سنڌ جا تمام وڏا بدنام ڏوهاري اچي هن شهر ۾ آباد ٿيا آهن جتي سج لٿي کانپوء ڪنهن جي عزت به محفوظ نٿي سمجهي وڃي