صحبتي ڪچهري جا مستقل ڪردار: 1.خدابخش جويو:”من مست“ : صحافي، اديب، آرٽسٽ، سياسي ۽ سماجي ڪارڪن.ڪوٽڙي تعلقي جو ناظم ٿي رهيولطيف سنگت، ٻارن جي تنظيم جو پهريون مرڪزي آرگنائيزر 2.ڊاڪٽر سنتوش ڪمار: سماجي ڪارڪن،اديب،تعليمدان 3. ڪليم ٻٽ: اديب، صحافي ، ناول نگار 4 محمد يوسف: اديب.سماجي ڪارڪن،نقاد ۽ محقق 5 ڄآم ڏيپر: آرٽسٽ،استاد 6 محمد سليمان جويو: رٽائرڊ ملازم، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو v ادب، تاريخ، سياست ۽ پنهنجي علائقي جي جاگرافيءَ کان چکو واقف ۽ ڄاڻ رکندڙ شخصيت ۽ سجاڳ، باخبر نوٽ : انهن صحبتي ڪچهريءَ جي مستقل ڪردارن کان علاوه مختلف اديب، ڏاها ۽ سماجي ڪارڪن هن ڪچهريءَ ۾ ايندا رهندا آهن. جن جو تذڪرو انهن ڪچهري ڪالمن ۾ ايندو رهندو آهي. ان کان علاوه هي دوست ڪٿي گهمڻ وندا آهن يا وري ڪو علمي، ادبي پروگرام ، سيمينار ۾ شريڪ ٿيندا آهن ، تن جو پڻ احوال هنن ڪالمڪچهرين ۾ ڏنل آهي. صحبتي ڪچهري گوادر جي ڪهاڻي خدابخش جويو ايئن ته دوستن جو ڪو ڪاٿو ڪونهي. پرروزانه هڪ ٻئي سان رابطو ڪري ڪچهري ڪندڙن ۾ چار پنج ڄڻاشامل ٿي ويندا آهيون. ڪڏهن تعداد وڌي به ويندو آهي ۽ گهٽجي به ويندو آهي. روزانه دنياوي ڪمن ڪارين کان جڏهن هرڪو فارغ ٿيندو آهي ۽ شام ٿي ويندي آهي ته هڪ ٻئي سان رابطوڪرڻ شروع ڪري ڏيندا آهيون. اسان جي ڪچهريءَ جي مستقل ڪابه هڪ جاءِ ناهي. اهو هڪ ٻئي سان رابطي ڪرڻ بعد ئي طئه ٿيندو آهي ته اڄ ڪهڙي دوست وٽ ويهڪ ڪبي. ان هوندي به اڪثر ڪچهريءَ جو ٺڪاڻو محمد يوسف جويي وٽ ئي هوندو آهي. ان ڪچهريءَ جو نالو “صحبتي ڪچهري” پئجي ويو آهي. “صحبتي ڪچهري ” ۾سنڌ، ملڪ ۽ دنيا ڀر جون نت نيون ڳالهيون، خبرون سياسي توڙي معاشي، فلسفو توڙي سائنس، مذهب ، ادب وشاعري ۽ تعليم سميت ڪيترن ئي موضوعن تي گفتگو ٿيندي آهي. هر دوست پنهنجي ڄاڻ ۽ لياقت آهر پنهنجي خيالن کي ونڊيندو آهي. اها اسان سڀني لاءِ ڄڻڪ هڪ تعليم جو ذريعو به بنجي وئي آهي. ان ڪچهري کي صحبتي تعليم چئون ته به ٺيڪ رهندو. اڄڪلهه اسان جي ڪچهريءَ جو موضوع “گوادر” آهي ڇا ڪاڻ ته ايڪويهين صديءَ جي ضرورتن سان ڀرپور هن نئين بندرگاه جي تڪميل جو جيئن جيئن وقت ويجهو ٿيندو پيو وڃي ته ان جي اهميت روز بروز وڌندي وڃي. ۽ ايندڙ وقت ۾ پاڪستان سميت چين، افغانستان ۽ وچ ايشيا جي ملڪن جي بحري تجارت جو گهڻو دارو مدار انهي بندر گاهه تي هوندو. جنهن کي پاڪستان جي مستقبل جي تجارتي ۽ معاشي لائين چيو پيو وڃي. يوسف: ان بندر گاهه کي موزون قرار ڏيڻ جو فيصلو 1964ع ۾ ٿيو هو ۽ پاڪ ڀارت جنگ ٿي وڃڻ جي ڪري ان طرف اهڙو خاص توجهه نه ڏنو ويو. ملڪ جي غير مستحڪم سياسي نظام، مشرقي پاڪستان واري سانحي ۽ سياسي ڇڪ ڇڪان سبب به اهو منصوبو مسلسل نظر انداز ٿيندو رهيو. پوءِ به 1973ع ۾ گوادر تي وري توجهه ڏني وئي ۽ ان جي ٽيڪنيڪي ۽ مالي منصوبه بنديءَ جو آغاز ڪيو ويو. ڪليم: 2002ع ۾ گوادر جي تعمير جو سنگ بنياد چين جي نائب وزير اعظم Wu Bangguo رکيو. ٽن سالن کان پوءِ چين جي وزير اعظم Win jiyo yen گوادر جو افتتاح ڪيو. چين، ڪراچي_ گوادر هاءِ وي تعمير ڪرڻ ۾ به معاونت ڪئي. جڏهن هن بندر گاه جو پهريون مرحلو مڪمل ٿي ويو ۽ جهازن جي آمدرفت شروع ٿي ته 2007 ع ۾ ان جا آپريشنل ۽ انتظامي حق، چين بجاءِ سنگاپور جي جهازن واري ڪمپني “پورٽ آف سنگاپور” کي ڏنا ويا جيڪا ڇهن سالن جي عرصي ۾ به ان بندر گاه کي فعال نه ڪري سگهي. يوسف: چين، پاڪستان سان گڏجي گوادر کي Energy Transport Hub بنائڻ چاهي ٿو. چين سنگيانگ سميت، پنهنجي مغربي صوبن تائين گوادر جي رستي تيل جي پائيپ لائين به وڇائڻ چاهي ٿو. تڪميل بعد اها پائيپ لائين عرب ۽ آفريڪي ملڪن مان ايندڙ خام تيل کي چين تائين پهچائڻ جو هڪ اهم ذريعو هوندو. خليج، فارس ۽ ايران مان تيل ۽ گيس جي درآمد لاءِ گوادر انتهائي آئيڊيل ٽرانزيٽ ڪوريڊور آهي. من مست: هن وقت چين کي بحري تجارت لاءِ شهنگائي بندرگاه استعمال ڪرڻو پوي ٿو. کيس سورهن هزار ڪلو ميٽرن تائين جي سفر دوران تجارتي جهازن کي بحري قزاقن، متحارب سياسي قوتن ۽ سخت موسمن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو ۽ گوادر گرم پاڻي واو بندرگاهه استعمال ڪرڻ سان چين جي بحري جهازن کي اڍائي هزار ڪلوميٽرن جو مفاصلو گهٽ پوندو ۽ اهو بندرگاهه سڄو سال ڪم ڪري سگهي ٿو. وچ مشرق ۽ ڏکڻ ايشيا جي سنگم تي واقع گوادر کي ٻنهي لاءِ متبادل تجارتي مرڪز قرار ڏنو پيو وڃي. گوادر جي بندرگاهه جو پوري طرح فعال ٿيڻ ۽ مواصلاتي نيٽ ورڪ جي تڪميل ٿيڻ بعد پاڪستان جو شمار دنيا جي هڪ مثالي اقتصادي ڪاريڊور ۾ ٿيندو. گوادر بندر گاهه افغانستان ۽ وچ ايشيا جيLand Locked ملڪن لاءِ هڪ بحري رستو به هوندو. گوادر کي هرمز جي بندرگاهه جي مقابلي ۾ متبادل رستي جي حيثيت به حاصل آهي.چين لاءِ هن وقت سٺ سيڪڙو تيل هرمز جي رستي ڊگهو ۽ پرخطر بحري رستو طئه ڪري پهچي ٿو. گوادر کي چين تائين تجارتي رستو فراهم ڪرڻ لاءِ چين جي شهر ڪاشغر کان شاهراه قراقرم جي رستي هزارهه ڊويزن جي شهر حويليان تائين ريلوي لائين وڇائڻ جو به فيصلو آهي. اهڙي ءَ طرح گوادر کي ريلوي لائين جي ذريعي ملڪ جي ٻين حصن تائين ملايو ويندو. روٽ جو پهريون نقشو گوادر کان ڪوئيٽا، زوب، ڊيرا اسماعيل خان، ميانوالي کان ايبٽ آباد ۽ خنجراب جي رستي ڪاشغر تائين جو آهي. ٻيو نقشو ڊيرا غازي خان، حسن ابدال کان خنجراب تائين. ۽ ٽيون نئون روٽ اسلام آباد کان ملتان، سکر، رتوديرو، گوادر تي مشتمل آهي. ان مقصد لاءِ گوادر جو پهريون رابطو شاهراه رتوديرو، ڊيرا الهيار، مئي 2015 تائين مڪمل ٿيڻ جو چيو پيو وڃي. اسان جي هن صحبتي ڪچهري ۾ گوادر متلق مٿين ڳالهين ٿيڻ کان پوءِ دوستن طئه ڪيو ته اڳئين ڏينهن تي گوادر جي تاريخي پس منظر تي ڳالهائبو. اڄوڪي صحبتي ڪچهري مان حاصل مطلب اهو نڪتو ته: ايندڙ وقت ۾ پاڪستان سميت چين، افغانستان ۽ وچ ايشيا جي ملڪن جي بحري تجارت جو گهڻو دارو مدار اگوادر بندر گاهه تي هوندو، چين، پاڪستان سان گڏجي گوادر کي Energy Transport Hub بنائڻ چاهي ٿو خليج، فارس ۽ ايران مان تيل ۽ گيس جي درآمد لاءِ گوادر انتهائي آئيڊيل ٽرانزيٽ ڪوريڊور آهي. گوادر گرم پاڻي واو بندرگاهه استعمال ڪرڻ سان چين جي بحري جهازن کي اڍائي هزار ڪلوميٽرن جو مفاصلو گهٽ پوندو ۽ اهو بندرگاهه سڄو سال ڪم ڪري سگهي ٿو. گوادر بندر گاهه افغانستان ۽ وچ ايشيا جيLand Locked ملڪن لاءِ هڪ بحري رستو به هوندو. گوادر کي هرمز جي بندرگاهه جي مقابلي ۾ متبادل رستي جي حيثيت به حاصل آهي روزانه شام 18 جون 2015))