معلومات ھر مين ميل وائيل موبي ڊڪ:

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدالرحيم گجراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏4 مارچ 2016۔

  1. عبدالرحيم گجراڻي

    عبدالرحيم گجراڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2014
    تحريرون:
    902
    ورتل پسنديدگيون:
    1,989
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    تنگواني ڪشمور
    ھرمن ميل وائيل نيويارڪ سٽي جو رھواسي ھو. ھو 1819ع ۾ ڄائو سندس پيء واپاري ھو، انھيء جي تڪڙي موت سبب ڪٽنب جي مالي حالت ۾ ڦيرو اچي ويو ۽ ھو ارڙھن ورھين جي ڄمار ۾ ھڪ سامونڊي جھاز تي ملاح ٿي لور پل ويو ھليو. ھو ڪيترائي ورھيہ سمنڊ تي رھي سمنڊ بابت ڄاڻ ۽ تجربو حاصل ڪندو رھيو اڳتي ھلي ھن جڏھن لکڻ جو ڪم شروع ڪيو تہ انھن ڳالھين کيس خام مال جو ڪم ڏنو.
    ھو پيسفڪ سمنڊ تي سفر ۾ ھئا ۽ سندس عمر ايڪويھ ورھيہ ھئي جو ھڪ وحشي ڪيپٽن کان جان ڇڏائڻ لاء Marquesas island تي جھاز مان ٽپو ڏيئي ڇڏيائين، کيس نڪو ھيو Nuku Hiva جي ٻيٽ تي آدم خورن پڪڙي ورتو ۽ انھن ھن سان سٺو سلوڪ ڪيو تہ ھو انھن وٽ چار مھينا رھي پيو. پوء آسٽريليا جي ھڪ وھيل مڇيون پڪڙيندڙ جھاز کيس اتان آزاد آزاد ڪرايو.
    ھو جڏھن وري آمريڪا پھتو تہ ھن پنھنجا تجربا Typee ۾ ڪم آندا اھو ڪتاب 1846 ۾ ڇپيو ھن ورندي سال ٻيو ڪتاب Omoo ڇپرايو ۽ شادي بہ ڪيائين، سندس ڪنوار ميسا چوسيٽس جي چيف جسٽس جي ڌيء ھئي.
    سندس پھريان ٻہ ڪتاب ڪامياب ٿيا پر سندس ٽيو ڪتاب Mardi مايوس ڪندڙ ثابت ٿيو پر پوء بہ ھو لکندو رھيو ۽ سن 1849ع ۾ پنھنجن انگريز پبلشرن سان ملاقات ڪرڻ لنڊن ويو.
    موبي ڊڪ Mobile dick جو تصور سندس ذھن ۾ پيدا پيدا ٿي رھيو ھو ۽ سندس دوست نيٿانيل ھاٿورن کيس ھمٿ ڏياري تہ ھو انھي کي اڳتي وڌائي.
    ھن ائين ئي ڪيو ۽ اھو 1851ع ۾ منظر تي آيو انھي ڪم سبب ھو بلڪل ٿڪجي پيو ھو پر ڪتاڀ ھن پاران ورتل ٿوري ايڊوانس جيترا پئسا بہ نہ ڪمايا. انھي تي ڪجھ نقاد تہ صفا پريشان ٿي ويا عوام بہ بلڪل لاتعلق پئي لڳو.
    ھو جيئن تہ ھاڻي پريشان رھڻ لڳو ھو تہ ھو پنھنجي لکڻين مان گذران جيترو پئسو نٿو ڪمائي سگھي تنھن ڪري سندس صحت خراب رھڻ لڳي.
    پر قلم سندس قلم بي ڪار نہ ٿي رھي سگھيو ھن ڪتابن آڻڻ جو سلسلو برقرار رکيو. پيئري 1852ع۾ آيو اسرائيل پاٽر Israel poter 1855ع۾ دي پيزا ٽيلز1856ع۾ دي ڪانفيڊنس مئن 1857ع ۾ آيو پوء ھو ڪيترن ئي آمريڪي ۽ ڪيناڊائي شھرن ۾ ليڪچر ٽوئر تي ويو ھليو انھن ۾ ھن South scas کي موضوع بڻايو.
    ھو 1866ع کان 1885ع دوران نيويارڪ ڪسٽمز ھائوس تي ملازم رھيو ھو جڏھن 1891ع ۾ فوت ٿيو تہ پنھنجي ادبي شين ۾ ھڪ اڻ ڇپيل مسودو بہ ڇڏيائين.اھو وڃي1924ع۾ ڇپيو انھي جو نالو Billy Bud ھو.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو