• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

وائي

bewas ali hassan

سينيئر رڪن
وائي
..............
توکي ٿي ساري
هي دلڙي يار الا
نير اکين ۾ هردم
پئي ٿي پڪاري
هي دلڙي يار الا
لائي ڇو وئين مونکي
ڪوڙي تون لاري
هي دلڙي يار الا
هي وڇوڙو ٿو جاني
هاءِ پيو ماري
هي دلڙي يار الا
سور سڄڻ تنهنجو ٿو
ننڊمان اوٿاري
هي دلڙي يار الا
هيڪر اچ مونڏي تون
نيڻ بيوس ٺاري
هي دلڙي يار الا
................................
بيوس علي حسن چڍڙ
..................................

 
Back
Top