• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هي دنيا هل چل جي بستي هتِ ماڻهو ايندا ويندا هِن،سائين جمن دربدر

هي دنيا هل چل جي بستي هتِ ماڻهو ايندا ويندا هِن،
چار گهڙيون مهمان رهي پر لوڪ پداري ويندا هِن،
اڪثر ماڻهو بعد مرڻ جي ياد ڪنهن کي ايندا هِن
ڪي ڪي ماڻهو تاريخن ۾ نقش اڀاري ويندا هِن
اڪثر ماڻهو موت جي ڊپ کان هر هر جيئندا مرندا هِن
ڪي ڪي ماڻهو جيئندي جيئندي موت کي ماري ويندا هِن،
اڪثر ماڻهو پاڻ جيئڻ لاء قوم کي ماري ويندا هِن،
ڪي ڪي ماڻهو مرندي مرندي قوم جيئاري ويندا هِن،
اڪثر ماڻهو مَتِ جا موڙا پاڻ نه پنهنجا ٿيندا هِن
ڪي ڪي ماڻهو نسلن جي تقدير سنواري ويندا هِن
اڪثر ماڻهو مستانن تي ڪوڙي فتوا ڏيندا هِن
ڪي ڪي ماڻهو انلحق جي تنڌ تواري ويندا هِن
اڪثر ماڻهو عهدي خاطر پاڻ وساري ويندا هِن
ڪي ڪي ماڻهو دربدر ٿي وقت گذاري ويندا هِن
 
اهي سٽون مونکي سائين جمن جي پنهنجي آواز ۾ ٻڌڻ جي سعادت حيدرآباد ۾ نصيب ٿي...
زبردست ونڊ.. جاري رکو
 
Back
Top