سمجهي ڪين تون سگهندين مٺڙا مستانن جي ٻولي: پروانو ڀٽي

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
غزل

پروانو ڀٽي

سمجهي ڪين تون سگهندين مٺڙا مستانن جي ٻولي،
ديوانن جي ٻولي فرزانن جي ٻولي.

حُورن ۽ پرين جي دنيا بيشڪ سُهڻي آهي،
غور ڪندين ته اُتي به ته ٻُڌندين انسانن جي ٻولي .

چپڙن تي تالا ۽ خيالن تي بندش ۽ پڻ پهرا،
اهل جنون ويا سمجهه ، آخر ارمانن جي ٻولي.

هيڏي دل ۽ هيڏو جگر گهرجي ٿو سچ چوڻ جي لئه،
تون ته حقيقت کي به چوين ٿو افسانن جي ٻولي.

سڀ ڪجهه ڳالهه اشارن اندر لمحن ۾ ٿي ويئي،
شمع ئي سمجهي ٿي هِت آخر ”پروانن“ جي ٻولي.​
 
Back
Top