• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

لامن ۾ لڙڪڻ ڇڏ

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ TAHIR SINDHI
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

TAHIR SINDHI

سينيئر رڪن
ڪنهن هندوء وتايي فقير کان ڪچهري ڪندي سوال پڇيايو ته ڀائي وَتُو، توهان ڪهڙي اهنج ( تڪيلف)کان هندو ڌرم ڇڏي مسلمانن جو مذهب اختيار ڪيو؟ وتايي چيو ته مسلمانن جو رڳو هڪ خدا آهي. هو ان کي مڃيندا آهن. سندن خيال ۾ خدا واحد. لا شريڪ آهي. هن کي نه ڪنهن ڄڻيو آهي نه هن جو ڪو ڄاول آهي. هن سان ڪنهن جي به بروبري ڪانهي، هو پنهنجي ذات ۾ يگانو ۽ نيارو آهي. اهڙيون تعريفون ٻڌي اسان جي دل هڪ ڌڻيءَ ڏانهن موڙ کاڌي. هڪ لک چوراسي هزار جُوڻيون وٺڻ، پير ۾ پرميشور ۽ ڀتر جو ٺهيل ڀڳوان پوڄڻ ڇڏي ڏنوسين. لامن ۾ لڙڪڻ ڇڏي، ٿُڙ کي وٺيو ويٺا آهيون. اهو پنهنجو ڪرم ڪري، اُڪاري پار ڪندو
 
Back
Top