کيرٿر جابلو سلسلي ۾ موجود گورک سنڌ جو سڀ کان مٿاهون جبل سمجهيو ويندو آهي .. جنهن جي اوچائي هڪ اندازي مطابق 5690 فٽ آهي.. هتي توهان جي دلچسپي لاءِ ڪجهه اهڙيون تصويرن ونڊجن ٿيون .. جيڪي پڪ سان توهان کي هي علائقو گهمڻ لاءِ مجبور ڪنديون ڇا ته منظر آ... هي آهي گورک جبل جنهنجو ذڪر پيو هلي.. پهاڙ جو پڪڙڻ ته ڏسو جادوئي منظر ڪشي ۽ چنڊ جيڪو سج لهڻ جو منتظر سج جي ابتدا مٿي پهچڻ جو رستو ته ڏسو پهاڙي سلسلي جو خوبصورت منظر ڇا هن کان وڌيڪ سج جي لهڻ جو ڪو منظر هوندو؟ آسماني رنگ جيڪو ڪڪرن جي مٿان به حاوي آ گورک تي موجود هي ئي جنگل آهي هيءَ جيپ توهان کي سنڌ جي مري تائين پهچائي سگهي ٿي. ٻيو ته ٺهيو پر رستو ئي انتهائي وڻندڙ لڳندو ۽ سفر اصل يادگار ته پوءِ ڪهڙن ڪهڙن دوستن ارادو ڪري ورتو؟؟
ماشاءُ الله گورک جون شاندار ۽ قدرتي نظارن سان دلفريب تصويرون ڏسي دل ته خوش ٿي ، ارادو ته سڀني دوستن جو هوندو مگر جڏهن جنهنکي گهمڻ نصيب ٿئي ، لک لائق
تمام بهترين منظر ڪشي،تصويرون ڏسي دل خوش ٿي وئي. ڇا گورک تي عام ماڻھن لاء پبلڪ ٽرانسپورٽ جي سهوليت ميسر آھي؟
ذيشان ۽ رشيد صاحب ماشا ء الله عزوجل، ڏاڍي سٺي ڪاوش آهي ! ڏسڻ سان دل کي ڏاڍي خوشي ٿي. پر افسوس جو اسان جي سنڌ سرڪارپوري سنڌ ۽ ا نهن ماڳن جي بهتري لاءِ ڪي به انتظام نه ڪيا آهن.
گذريل سال جولاءِ جي آخر ۾ گورک وڃڻ ٿيو، نه وسرڻ جھڙو سفر رھيو، ھن سال جون ۾ وري به ارادو آھي، ان شاءَ الله وڃبو ۽ تفريح ڪبي. اتي وڃي محسوس ٿيو ته سرڪار ڪم ڪري پئي پر انتھائي سست رفتاري سان. ھڪ ڏينھن سھولتون ٿي وينديون ڇو ته ھاڻي ماڻھن جو ان طرف گھمڻ ڦرڻ جو لاڙو وڌي رھيو آھي ۽ گورک جي چوٽي آھستي آھستي مشھور ٿي رھي آھي.