• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / سومر 07 مارچ 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* مشرف، نوازشريف کان انتقام وٺڻ لاءِ نيب ٺاهي هئي: پرويز رشيد (خبر)
* * جڏهن پاڻ ڦاسو ٿا ته هاڻ انتقام ٿو ياد اچيوَ (تبصرو)

* بينظيرآباد ۾ 24 ڪامورن خلاف ڪرپشن جو ڪيس داخل (خبر)
* * واهه سنڌي ڪامورا. لڳي ٿو ڪرپشن ۾ اوهان عالمي رڪارڊ قائم ڪندا (تبصرو)

* ڏهرڪيءَ ۾ پورهيت ۽ سندس زال غربت ڪارڻ علاج نه ٿيڻ سبب تڙپي تڙپي فوت (خبر)
* * افسوس ڪو غريبن جي واهر ڪرڻ وارو ڪونهي پر ديش جي آزاديءَ لاءِ ٻٽاڪون کوڙ هڻندا وتندا (تبصرو)

* پنجاب ۾ نيب خلاف ڪاررواين کي روڪيو پيو وڃي: خورشيد شاهه (خبر)
* *جيئن اوهان سنڌ اندر نيب جي ڪاررواين کي روڪيو پيا (تبصرو)

* شريف ڀائرن کي سرڪار وڃڻ بعد خبر پوندي: مولابخش چانڊيو (خبر)
* * مولُو ڄٽ، ائين چئو نه، زرداريءَ کي به سنڌ سرڪار وڃائڻ کانپوءِ خبر پوندي (تبصرو)
 
Back
Top