• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

غزل۔ اکيون

مجيب سنڌي ڪورائي

سينيئر رڪن
غزل . مجيب سنڌي

تنهنجون مـڌ ڀريـون هـي پيـاريـون اکـيـون
لـڄــاريـون لـڄـاريـون پـيـاريـون اکـيــون

هي پنبڻيون بـه ڪيڏيون نـه سهڻيون اٿئي
۽ تــن ۾ ڪـجــل ڌار ڪــاريـون اکـيــون

منجهن ڇـڪ چـڪـ مـڪ جـي آهـي رکـيـل
خــدا ڄــڻ تــه ويـهـي سـنـواريــون اکـيـون

ڀــــرون ڀـنـوئـــر تـنـهـنـجـا گــلــن جـي مـٿــان
اکـيـون ڄـڻ تــه دنـيـا هـي سـاريـون اکـيـون

اُٿــن مـنـهـنـجـا جــذبــا ٿــا مــوهــي انــدر
ڏسـي تنهنـجـون بـي حــد پـيـاريـون اکـيـون

اکـيـون آڏو آيـون ڪي اهـڙيـون “مجـيـب “
جــو منـهنـجـون بــه آهـن خـمـاريـون اکـيـون
 
Back
Top