انٽرويو ڪندڙ : جارج فرانس سوال: توهان شاگرد اڳواڻ ڪيئن سڏائڻ شروع ڪيو؟ جواب: اصل ۾ منهنجو هڪ ماسات يونيورسٽي ۾ پڙهندو هو، جيڪو هن وقت جيل ۾ آهي اهو به ڪامريڊ هوندو هو، انهيءَ جي اثر هيٺ مون به خود کي ليڊر سڏائڻ ۽ ليڊري ڪرڻ شروع ڪئي. سوال: توهان چيو ته اوهان پنهنجي ماسات جي اثر هيٺ اچي ليڊر سڏائڻ شروع ڪيو؟ ۽ اهو ليڊر هينئر جيل ۾ آهي، يقينن اهو وطن ۽ ديس جي عظيم مقصد لاءِ جيل ويو هوندو؟ جواب: جي بلڪل! پنهنجي عظيم ديس جي رستي تي موٽر سائيڪل جي ڦر ڪندي موٽر سائيڪل سوار کي زخمي ڪري وڌائين، انهيءَ ”عظيم مقصد“ جي حاصلات سبب جيل ڀوڳي رهيو آهي. سوال: توهان جي گفتگو ۾ لفظ ” ليڊري“ استعمال ڪندي چيو آهي ته اوهان ”ليڊري ڪرڻ“ شروع ڪئي، آئون اها ڳالهه سمجهي ڪونه سگهيس؟ جواب: آئون جيئن يونيورسٽي ۾ پڙهڻ جي بهاني داخلا وٺڻ ۾ ڪامياب ٿيس ته منهنجي ماسات دوستن سان رابطا شروع ڪيا ۽ پهرين ڏينهن انهن سان گڏجي هڪ شاگرد کي مارڪٽ ڪئي جنهن ۾ مون ڏاڍي چستي ۽ ڦڙتي سان ان شاگرد کي ٺونشا هڻي نڪ مان رت ڪڍيو ٻئي هفتي ٻن شاگردن کان موبائيل فون ڦر ڪيا. انهيءَ هفتي ڪئنٽين تان مفت ۾ ماني کائڻ شروع ڪئي ۽ ڌوٻي کي داٻا ڏيئي ڪپڙا مفت ڌيارڻ شروع ڪيا ته اهڙي نموني ”ليڊري“ شروع ڪئي. سوال: پوءِ اڳتي ڇا ڪيو؟ جواب: اڳتي به ڪافي ليڊري ڪئي ۽ ڪري رهيو آهيان. مثال ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪرائڻ، ٻين سياسي گروپ جي شاگردن کي مارڪٽ ڪرڻ، جيڪو ٽيچر نه وڻي يا پاس نه ڪري ان کي ڌمڪيون ڏيڻ. سوال: اهو سڀ سياست جي نالي ۾ ڪندا آهيو؟ جواب: (کلندي) رڳو سياست ڇا وطن جي نالي ۾ ڌرتي جي نالي ۾. سوال: نه پر لفظ ”ليڊر“ خود هڪ وڏي معنيٰ رکي ٿو ان جو پس منظر آهي تاريخ آهي.....!؟ جواب: تاريخ هوندي پر اسان تاريخ واري استاد پروفيسر سڪندر کي به سڌو ڪري ڀڄائي، نئين ”ليڊري“ تاريخ جوڙي. سوال: نه پر لفظ ”ليڊر“ هڪ با معنيٰ خطاب آهي، حقيقي ليڊر جا ڪم ته اهي نه هوندا آهن جيڪي توهان ڪريو پيا ۽ ٻڌايو پيا؟ جواب : جيڪڏهن اخبار وارو نه هجين ها ته اهڙي ڳالهه ڪرڻ تي ئي ائين سڌو ڪري ڇڏيان ها جيئن هڪڙي پارٽي جي اڳواڻ کي اهڙي ڳالهه چوڻ تي سڌو ڪيو هئم. گهر تائين رت ڳاڙيندو ويو هو. سوال: توهان سياست ۽ ڌرتي جي نالي ۾ اهي ڪم پيا ڪريو، اوهان کي انتظاميا ڇو نه ٿي روڪي؟ جواب: هي انتظاميا!! (کلندي) رجسٽرار صاحب منهنجي قميص جي ساڄي پاسي واري کيسي ۾ آهي. اڌ ڪم ته اسان ان جي چوڻ تي ڪندا آهيون. سوال: ۽ باقي اڌ ڪم.!!! جواب : انسپيڪٽر سرور خان جي چوڻ تي........... سوال: توهان خود کي سياست سان واڳيل شاگرد سڏيو ٿا. توهان وٽ سياست جو تصور ڪهڙو آهي!؟ جواب: اسان جو هڪ ئي نعرو آهي، پستول جي طاقت اسان جي سياست اصل ۾ اسان جي سياست اها آهي ته هتي ڪنهن کي علم ۽ عقل ڏاهپ ۽ دانائي جي سياست ڪرڻ ڪو نه ڏبي. جيڪو به تعليم جي ڳالهه ڪري ان کي ڏنڊو ڦهڪائي رکو. ڪوشش ڪري يونيورسٽي مان ٽنگو ٽالي ڪري ڪڍي ڇڏيو. سوال: توهان ”شاگرد“ لفظ جي تصور، معنيٰ مفهوم تي ڪون ڳالهايو؟ جواب: ڇا ڳالهايان؟ آئون خود شاگرد آهيان. منهنجو نالو اصلي عبدالخالق آهي، پر مون پنهنجو نالو پستول خان رکيوآهي..... توهان اهڙا ڏکيا سوال ڇو ٿا پڇو؟ سوال: توهان پنهنجي مائٽن جو رکيل نالو مٽائي ”پستول خان“ ڇو رکيو؟ ڇا مائٽن جو رکيل نالو خوبصورت ناهي؟ جواب: اصل ۾ ڇورن تي داٻا ۽ دهمان وهارڻ لاءِ اهڙا نالا رکڻ اسان جي ”سياست“ جو اصول آهي... هاڻ منهنجي ماسات جو پنهنجو نالو ”ڦوڙاٽ خان“ رکيو آهي ته اها اسان جي سياسي روايت آهي. سوال: نه پر هڪ شاگرد جو حقيقي ڪم ڪهڙو هجڻ گهرجي. ان جي ڪردار متعلق ته ڄاڻ اوهان کي هجڻ گهرجي؟ جواب: اسان جهڙن ”شاگردن“ جو ڪردار ٻڌايم نه ته .... موبائيل ڦرڻ، مفت ۾ مانيون کائڻ، انتظاميا کان ڀتي خوري ڪرڻ ۽ ٻيا اهي ڪم جيڪي توهان شرم کان شايد هتي لکي نه سگهو. اهي ڪم ڪرڻ آهي، اهو ئي ڪردار آهي. سوال: هڪ شاگرد جا رول ماڊل هوندا آهن....؟ جواب : ”رول ماڊل“ جي معنيٰ ٻڌائي؟ هروڀرو منجهائي نه مون کي. سوال: مطلب اهو ته توهان اڳيان اها ڪهڙي شخصيت آهي، جنهن جي زندگي کان متاثر هجو ۽ اهڙي زندگي گذارڻ چاهيندا هجو؟ جواب: اسان جو اهو پراڻو ڪامريڊ جنهن هتي هڪ مزدور کي سر عام قتل ڪيو هو.!! اڄڪلهه وڏو آفيسر آهي. سوال: توهان کي ڪڏهن اهو خيال آيو آهي ته اوهان شاگرد آهيو، اوهان کي محنت ڪري پڙهڻ گهرجي؟ جواب: جڏهن داٻن تي پاس ٿي سگهون ٿا ۽ انتظاميا پاس ڪري رهي آهي ته پوءِ پڙهڻ جو تصور به ڇو ڪريون؟ اهڙي ڪا به ڳالهه ناهي جو ڪڏهن اسان کي خيال آيو هجي ته خود پڙهون ۽ ٻين کي به پڙهڻ ڏيون. توهان تسلي ڪريو. سوال: توهان هيستائين ڪيترن شاگردن کي مارڪٽ ڪئي هوندي؟ جواب : ڪالهه تائين ٻاويهون نمبر شاگرد هو، جنهن کي استري ڪئي. ٽيچرن کي داٻن جو رڪارڊ ناهي رکيو. سوال: انتظاميا کي بليڪ ميل ڪرڻ جو اوهان جو طريقه ڪار ڪهڙو هوندو آهي.؟ جواب اهو ته انتظاميا جي ئي ماڻهن تي ڇڏيل آهي. مثال يونيورسٽي ۾ ترقياتي ڪم ڪندڙ ٺيڪيدار کان رجسٽرار کي اوڳاڙي ڪرڻي آهي ته اهو اسان کي حصي پتي جو آسرو ڏيئي انهن خلاف اسان کان بک هڙتال ڪرائيندو. اسان جو پنهنجو موڊ ٿيندو ته ٺيڪيدار کي پنهنجي مرضي سان اغوا جون ڌمڪيون ڏيئي ٻه ٽي ڏينهن ڪم بند ڪرائي پوءِ ڀتو وٺي انتظاميا جي جُٽ اهلڪارن کي حصو ڏيئي ايندا آهيون. سوال: انهيءَ کان سواءِ..........؟ جواب: يا بهانو ڪنداسون ته ميلي تي وڃون ٿا بسون ڏيو ۽ پئسا ڏيو، پوءِ ٻه ٽي ڏينهن فيڪلٽيءَ ۾ ٻڙدڪ، گوڙ شور شاگردن ۾ هراس ۽ خوف پکيڙيندا آهيون. سوال: اوهان ڪهڙا بهانا ڪري شاگردن کي مارڪٽ ڪري يونيورسٽي ۾ خوف پکيڙيندا آهيو؟ جواب : بهانو اهو ته ڇوڪريءَ سان ڇو پئي ڳالهايو، يا وطن سان غداري واري سياست ڇو پيا ڪريو. هاڻ پنجون ڏينهن جنهن شاگرد کي مار ڏني ان لاءِ به بهانو اهو هو ته ڇوڪريءَ سان ڇو پئي ڳالهايو، مار ڏيڻ کان پوءِ معلوم ٿيو ته اها ڇوڪري ان شاگرد جي ڀيڻ هئي. پر ان ڪميٽي اسان کي داخلا وٺڻ وقت اطلاع ئي نه ڪيو هو. سوال: توهان کي ڪتابن کان ته چڙ هوندي، لئبريري به ڪو نه ويندا هوندا.....؟ جواب: منهنجو وس پڄي ته ان لائبريري کي تيلي ڏيئي ساڙي ڇڏيان ۽ لائبريري ۾ پڙهندڙن کي روز موچڙا ڏيان. آئون حيران آهيان ته ماڻهو پڙهن ڪيئن ٿا؟ سوال: توهان کي اهو ڪڏهن محسوس ٿيو آهي ته اوهان يونيورسٽي ۾ داخل هئڻ باوجود شاگرد ناهيو؟ جواب: نه.... ! آئون پاڻ کي نه فقط شاگرد سمجهندو آهيان، پر شاگرد ليڊر به سمجهندو آهيان. سوال: ڇا اهو سمجهڻ سان فرق پئي ٿو؟ جواب: فرق پئي نه پئي پاڻ کي ته ”ليڊري“ ڪرڻي آهي. جيڪا ڊيوٽي مليل آهي اها دل جان سان ڪرڻي آهي، انسپيڪٽر ۽ رجسٽرار صاحب کي خوش ڪرڻو. سوال : مستقبل ۾ توهان جو ڇا ارادو آهي؟ جواب: ويجهي مستقبل ۾ ته ساڳيون ڪارروايون جاري رکڻ جو پروگرام آهي ۽ پوءِ ڪنهن وفاقي پارٽي ۾ شامل ٿي اتان کان ”سياست“ کي چار چنڊ لڳائڻا آهن. عوامي آواز