خبرن تي زبرون.

shafique shakir

سينيئر رڪن
خبرن تي زبرون.
شفيق شاڪر

· .نيب اسان جي پڇ تي لت ناهي رکي. ...(شهباز شريف)

( پر اسان احتياط طور اڳواٽ ئي نيب جي پڇ تي لت رکي ڇڏي آهي!)

· پاڪ ڀارت مئچ ٿي ته پچ ٽوڙي ڇڏينداسين. ( ڀارتي هندو انتهاپسند)

چريا هرهنڌ آهن پر هتي ته چرين جي پوري ڪُت ويائي پيئي آهي.

· ڪمال پويان ڪو هٿ آهي. ( مولابخش چانڊيو)

جيئن “برطانوي دادا” جي سر تي “رحمان بابا” جي شفقت جو هٿ رهيو آهي.

· الطاف سخت بيمار آهي. ( هڪ سينيئر صحافيء جو انڪشاف)

“مرض بڙهتا گيا جون جون دوا ڪي.” چيو چائيو مسڪين کي معاف ڪري ڇڏيو!

· شهباز شريف نيب کي ڌمڪي ڏني. ( عمران خان)

( اسان صرف ڌمڪي ناهيون ڏيندا، پختونخواھ ۾ جوڙيل پنهن جي ئي نيب جا پر ڪپي ڏيکاريا، انهيء کي چئبو آهي “تبديلي”!)

· حڪومت اڃا رابطو ناهي ڪيو. ( سرفراز مرچنٽ)

لڳي ٿو ته هن همراه کي به مٺارام هاسٽل جي مهماني جو شوق کنيو بيٺو آهي.

· آمر ۽ شينهن هميشه ڪلهو ڏيندڙن کي ئي ماريندا آهن. ( خورشيد شاه)

“بيوفا سان پيچ پائي مون وڏي غلطي ڪئي،نانگ جھوليء ۾ نپائي مون وڏي غلطي ڪئي”

· 20 ڪروڙ خرچڻ باوجود ڪنري ۾ مرچ منڊي نه ٺهي. ( وڏي وزير طرفان جاچ جو حڪم)

اهڙيء طرح عوام جي اکين ۾“ ڌوڙ” جي بجاء “مرچ” وڌا ويا.ڪجھ ته ترقي ٿي!
 
Back
Top