خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / اڱارو 8 مارچ 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* پ پ پ ملڪ ۽ عوام لاءِ قربانيون ڏنيون آهن: بلاول ڀٽو زرداري (خبر)
* * آصف زرداريءَ وري ايمان جي قرباني ڏئي، ڪرپشن عام ڪئي آهي (تبصرو)

* صحافين تي حملا، ڦتني ڪاري آهي: مولابخش چانڊيو(خبر)
* * مولوُ ڄٽ!اهو ٻڌاءِ ته سنڌ اندر بيڊ گورننس، ڦتني ڪاري آهي يا نه ؟ (تبصرو)

* ٿر ۾ ٻار فوت ٿيڻ خلاف اديبن ۽ دانشورن جو احتجاج (خبر)
* * مسين....مسين اسان جا اديب ۽ دانشور به جاڳيا آهن (تبصرو)

* اسٽيل ملز اسپتال ۾ ڪرپشن جي جاچ شروع (خبر)
* * سب ڪچھه لُٽاڪيَ، هوش مين آئيَ تو ڪيا ھوا (تبصرو)

* نيب انتقامي قانون آهي، تبديل ٿي سگھي ٿو: پرويز رشيد (خبر)
* * ...جڏهن نواز شريف جي پڇ تي پير آيو ته تڙپي پيا آهيو (تبصرو)

* ملير جيل مان 87 هندوستاني مهاڻا آزاد (خبر)
* * ويچارا..!! سنڌي مهاڻا به هندوستان جي جيلن ۾ سڙندا رهيا آهن (تبصرو)

* پي ايس او ۾ 10 اربن جي ڪرپشن ڪندڙ کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم (خبر)
* هجي ها سنڌ سرڪارجو آفيسر ته ڪرپشن جي باوجود َعيش ڪري ها (تبصرو)

*سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ 167 غيرقانوني مدرسا سيل ڪيا ويا (خبر)
* *ڏسون ته آصف زرداريءَ جي ڪرپشن وارو مدرسوڪڏهن ٿو سيل ٿئي! (خبر)
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top