اسان جون بهارون نه آيون نه اينديون!

'مختلف موضوع' فورم ۾ shafique shakir طرفان آندل موضوعَ ‏8 مارچ 2016۔

  1. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي
    اسان جون بهارون نه آيون نه اينديون!

    شفيق شاڪر

    بهار ايندي ئي ڄڻ ته ملڪ عدم مان اوچتو ئي اوچتو سڀ خواب ۽ سمورا شباب موٽي آيا هجن، جيڪي تنهن جي چپن تي مري مٽجي ويا هئا، جيڪي مري مٽجي وري هر بار زنده ٿي پيا هئا.اڄ اهي سڀ گلاب وري نکري پيا آهن،ڪنهن جي حسين يادن جا گلاب! جن مان مشڪ جي خوشبوء اچي رهي آهي.اهي گلاب ناهن تنهن جي عاشقن جا رتورت ٿيل جگر آهن.بهار ايندي ئي سمورا احوال ۽ دوستن جا سڀ ملال وري اٿلي پيا آهن. سمورن عذابن جا وري بند ڀڄي پيا آهن.انهن دلربائن جي حسين هنج جا سمورا خمار ۽ دل جي ٽٽل گھر جا سڀ غبار! تنهن جا منهن جا سمورا سوال ، سموراجواب ،پنهن جي ماضي جا سمورا حساب ،بهار ايندي ئي وري کلي پيا.پر هڪ شاعر جي نظر کان؛

    “بهارن کي چئجو نه مون کي پڪارين، اسان جون بهارون نه آيون نه اينديون ،فقط چند خاموش ڪنگال ٻوٽا، اسان جيئن ڪنهين جون ٿا راهون نهارين، هي رنگين يادون هي غمگين يادون ،اوهان جا ئي تحفا اوهان جي نوازش، وسارڻ ٿو چاهيان نه اکڙيون وسارين، بهارن کي چئجو، نه مون کي پڪارين، هي رنگين راتين۾ تارن جا جھرمٽ، مگر دل جو تارو نه اڀريو نه اجريو، سوين داغ تنهنجا ٿا سينو سنوارين، بهارن کي چئجو، نه مون کي پڪارين، وفا ڇا، جفا ڇا، وفا ۽ دغا ڇا ، مڃان ٿو مان مجرم مڃان ٿو مان ڏوهي ، ڀلي هو وسارين ڀلي هو ڌڪارين ، بهارن کي چئجو نه مون کي پڪارين ڪٿي ڪنهن جي رنگين محفل ۾ سائين ، ڀلا گم ٿي توکي وساري سگھان ٿو، ڊڄان ٿو ڪٿي لڙڪ توکي نه سارين، بهارن کي چئجو نه مون کي پڪارين.”

    احسان دانش جي لفظن ۾

    “ اسان جا خواب اڃان ساڀيان رَسيا ناهن، هي درد غم جا ڪڪر ڀي اڃان هٽيا ناهن، اڃا ڳلن تي ڪريل نير ڀي سُڪيا ناهن، اڃان بهار جي هوندي به گُلَ ٽِڙيا ناهن،اڃان اندر ۾ اسانجي گھڻي اداسي آ ،اڃان سمنڊ جي هر هڪ سِپي پياسي آ ،اڃان هزار اميدن جا گل ڪومايل،اڃان آ تڙپ، اڃان ڪيئي روح هن گھايل، اڃان سنڌوءَ جا ڏسو چَپَ ڪيئن سڪل آهن،اڃان هي جيئرا ماڻهو به ڄڻ مئل آهن ، اڃان ته بوءِ ٿي بارود جي اچي ڪيڏي، اڃان امن جي ڪبوتر تي اکِ آ ٽيڏي، اڃان ڇني ٿو ڪجي ڌار ماءُ کان ابهم، اڃان ٺهي ٿو پيو روز نئون ائٽم بم، اڃان به ڀونءِ تي ماڻهو ڳڀا ڳڀا ٿو ٿئي ، اڃان به ظلم ستم ڪيڏو جا بجا ٿو ٿئي، اڃان ڪُسن ٿيون پيون ڪيئي بي گناھ نياڻيون، اڃان رقم ٿيون ٿين روز درد آکاڻيون،اڃان مرن ٿا پيا مِرگھ بيابانن ۾،اڃان آ گونج ٻڌو وقت جي ايوانن ۾،اڃان به ديس جو انصاف آ بيساکين تي،اڃان به موت جو شهباز آهي ڇاتين تي،اڃان به زندگي جي بيک ٿو گھري ماڻهو،اڃان به ٿورڙي ٺوڪر تي ٿو ڀُري ماڻهو،اڃان هوا جو بدن چور آهي زخمن سان،اڃان وفا جي ڳلي پئي جلي ٿي ٽانڊن سان، اڃان ته گيت سڀئي درد جي لباس ۾ هن،اڃان هزارين اکيون آجپي جي آس ۾ هن،اڃان ٽياس تي ٽنگجي رهي آ سچائي،چوان پوءِ ڪيئن ’محبّت‘ جي آهي رُتِ آئي.”

    تنوير عباسيء جي لفظن ۾؛

    “اوهان ناهيو ته پنهنجي دل، بهارن سان ٿا وندرايون،

    اسان ڏي جي اوهان ايندؤ، بهارن کي نه ڏسندا سين”

    نثار بزميء جي اميد ڀرين احساسن ۾ تصوير جو ٻيو رخ؛

    “چمن ۾ ٿا چتون چهڪن، بهار آيو، بهار آيو!، لَڙي ٿا لامَ تي لَڙڪن، بهار آيو، بهار آيو!

    پَٽن پوشاڪ پاتي آ، کڻي پنهنجي مٿان سائي، وهي اڄ واهه ٿا وهسن، بهار آيو، بهار آيو!

    سکيا سڀ ٿي ويا سانگي، هليا ويا ڏول ڏولاوا، ڏکيا سي ڪين ٿا ڏسجن، بهار آيو، بهار آيو!

    مُئن کي ڀي جيارن ٿا، سهانا ڏينهن سانوڻ جا، ٻڍا ۽ ٻار ٿا ٻهڪن، بهار آيو، بهار آيو!

    ٿڌيون ٿر جون هوائون’ڀيروين‘ مان گيت ٿيون ڳائن، گهُلڻ کان ڪين ٿيون گهٽجن، بهار آيو، بهار آيو!، نچي ٿي رات جي راڻي، ستارن جو رَئو پائي، نظارا ٿا نوان نڪرن، بهار آيو، بهار آيو!

    وڄائي بنسري هُن پار، ڪوئي دل جلائي ٿو، سڄڻ جا سور ٿا سرڪن، بهار آيو، بهار آيو!

    چنبيلي، موتيو، نرگس، گلابي گل ٽڙيا آهن،اکيون تن ۾ وڃي اٽڪن، بهار آيو، بهار آيو!

    پپيهو ٻول ٿو ٻولي، ۽ ڪوئل ٿي ڪري ’ڪوڪو‘، ڀنؤر ڏس ڌار ٿا ڀُڻڪن، بهار آيو، بهار آيو:

    مٺي ميلاپ جي موسوم آئي آهي واري سان، اڱڻ تي ڪانگ ٿا ڪَرڪن، بهار آيو، بهار آيو!

    چٺيون هٿ ۾ جهلي، قاصد روانا ٿيا وٺي راهون، اکيون ٿيون اوچتو ڦڙڪن، بهار آيو، بهار آيو!

    گهٽائون ڪَرَ کڻي پنهنجا، نهارن ٿيون زماني ڏي، هٿن ۾ جام ٿا ڇلڪن، بهار آيو، بهار آيو!

    سنباهي هَرَ هليا هاري، خوشيءَ مان پنهنجي کيٽن ڏي، سنهري سَنگ ٿا سٽجن، بهار آيو، بهار آيو!

    ترايون تار ٿيون آهن، نه ’بزمي‘ غم رهيو آهي، مُهاڻا مِير ٿا مُرڪن، بهار آيو، بهار آيو!”

    پر هن شاعر جي عجيب من جو ڇا علاج ڪجي جو،

    “ جب بهار آئي تو صحرا ڪي طرف چل نڪلا،

    صحن گل ڇوڙ ديا دل ميرا پاگل نڪلا.!”
     
  2. Illahi Bux Chachar

    Illahi Bux Chachar
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏24 فيبروري 2011
    تحريرون:
    24
    ورتل پسنديدگيون:
    30
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    373
    ڌنڌو:
    استاد
    ماڳ:
    Kashmore
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    واهه واهه .... تمام خوبصورت لکيو اٿو.

    زيب عاقلي جون سٽون ياد اچي ويون:

    درياءَ خون جا جنهن لئـ مون وهايا اڃا ته ڪونهي
    ڪنهن شرير آ شِر ڪُڏايو ته بهار آيو بهار آيو۔

    زيب عاقلي

    مونکي گدائي صاحب جون سٽون به ياد اچي ويون:

    جوانيون اوٽ ۾ ويهي، سلينديون راز اُلفت جا،
    ونڊيندا درد هڪٻئي سان، ويهي دمساز اُلفت جا،
    ڪنڊن ڪرڙن منجهان ايندا، مٺا آواز اُلفت جا،
    لَيون لاڻيون سڻائينديون، ”گدائي“ ساز اُلفت جا،
    مزو بي اختيار ايندو،
    ٿرن تي ٿيندا وسڪارا، سنگهارن ۾ سڪار ايندو،
    بهار ايندو، قرار ايندو.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. shafique shakir

    shafique shakir
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏1 جنوري 2016
    تحريرون:
    740
    ورتل پسنديدگيون:
    659
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    Educator,Columnist.Poet
    ماڳ:
    سڄي سنڌ منهنجي

هن صفحي کي مشهور ڪريو