• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اسپورٽس جنرلسٽ ايرن اينڊريوز جي اگهاڙي وڊيو ٺاهيندڙ تي 55 ملين ڊالرز جو ڏنڊ

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
2sbmviu.jpg


اي ايس پي اين ۾ ڊانسنگ وٿ اسٽار جي اينڪر پرسن ۽ 2008ع ۾ فاڪس نيوز سان اسپورٽس جنرلسٽ طور ڪم ڪندڙ ايرن اينڊريوز جڏهن روئندي پيءُ کي چيو، ”بابا منهنجي انٽرنيٽ تي اگهاڙي وڊيو اچي وئي آهي.“ ته سندس پيءُ صدمي ۾ اچي ويو پر پوءِ به هن پنهنجي ڌيءَ کي دلاسو ۽ دلبري ڏني. انهن 2009ع ۾ لاس اينجلس فيڊرل عدالت ۾ ان هوٽل انتظاميا خلاف ڪيس داخل ڪيو ۽ 2011ع ۾ نشويلي ڪورٽ ۾ لاسوٽ به داخل ڪيو، جن بابت کيس پڪ هئي ته انهن سندس اها وڊيو ٺاهي آهي ۽ هن 75ملين ڊالرن جي هرجاڻي جو مطالبو ڪيو.
اهو ڪيس اٺ سال هليو ۽ نيٺ ان جو فيصلو آيو آهي جنهن ۾ هوٽل جي مالڪ ۽ هڪ ڪمپنيءَ تي ڪيس ثابت ٿيڻ کان پوءِ هن مشهور صحافڻ ۽ اينڪرپرسن کي 55 ملين ڊالر يعني پاڪستاني ساڍن پنجن ارب رپين جو کيس ڏنڍ ڀري ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. عدالت جو چوڻ هو ته سندس جذبا مجروح ٿيا آهن ۽ سندس نجي زندگيءَ ۾ مداخلت ٿي آهي. پر اسان وٽ بي گاه ايئن ظلم جو شڪار ٿيندڙ عورتن کي انصاف ته پري جي ڳالهه اٽلندو ذلتون ملن ٿيون ۽ پوءِ به اسان خاموش هوندا آهيون...

ممتاز بخاري جي ٽائيم لائين تان ورتل
 
Back
Top