سنڌ حڪومت مختلف کاتن ۾ 25 هزار نيون ڀرتيون ڪرڻ جو اعلان

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ Salma Naz
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

Salma Naz

سينيئر رڪن


ڪراچي: سنڌ حڪومت مختلف کاتن ۾ 25 هزار ڀرتين جو فيصلو ڪري ورتو آهي، چيف سيڪريٽري تعليم ۽ صحت سميت 7 کاتن ۾ ڀرتين لاءِ وڏي وزير کي سفارش ڪري ڇڏي آهي، ذريعن موجب مڪاني ادارن جي مڪمل جوڙجڪ کانپوءِ پهرين مرحلي ۾ 25 هزار ڀرتيون ڪيون وينديون. چيف سيڪريٽري سنڌ صديق ميمڻ تعليم ۽ صحت سميت 7 ادارن ۾ 25 هزار ڀرتين لاءِ سمري تيار ڪري منظوري لاءِ وڏي وزير ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي. ذريعن موجب چيف سيڪريٽري طرفان وڏي وزير کي موڪليل سفارشن ۾ چيو ويو آهي ته مڪاني ادارن جي مڪمل جوڙجڪ کانپوءِ ڀرتيون ڪيون وڃن. مڪاني چونڊن جي موقعي تي سپريم ڪورٽ سرڪاري ادارن ۾ نوڪرين تي پابندي مڙهي هئي، جنهن سبب ڪجهه وقت کان سرڪاري ادارن ۾ ڀرتيون نه ٿي سگهيون آهن.

مزيد خبرن لاءِ وزٽ ڪيو sindhi news
 
Back
Top