• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڏندن جي خراب ٿيڻ جا سبب ۽ انھن جو بچاءُ

اسد الله لغاري

سينيئر رڪن
ڏندن جي خراب ٿيڻ جو مطلب مھارن جو لڏڻ ۽ انھن تي ڪٽ چرھڻ آھي. ڏندن تي ڪٽ چرڻ جا ٻہ سبب آھن

(1) گھڻو مٺو کاڌو کائڻ
(2) ڏندن کي صحيح برش نہ ڪرڻ

جنھن جي نتيجي ۾ کاڌي جا ڪجھ ذرڙا ڏندن جي وٿين ۾ رھجي ويندا آھن. مٺين شين جي گھڻي کائڻ سبب اتي رھيل ذرڙن مٿان جيوڙا جمح ٿين ٿا ۽ نتيجي ۾ اھي تيزابيت پيدا ڪن ٿا، جيڪا ڏندن کي کائڻ شروع ڪري ٿي. ڪجھ وقت کانپوءِ ڏند ڪمزور ٿي ڪرِي پون ٿا. جيڪڏھن ان تي ڌيان نہ ڏنو ويندو تہ زخم ڏند جي پاڙن تائين پھچي ان کي ڪمزور ڪري ڇڏين ٿا، جنھن کانپوءِ ڏندن ۾ سور ٿيڻ شروع ٿئي ٿو ۽ آخرڪار ڏند بلڪل خراب ٿيو وڃن
ڏندن کي تباھيءَ کان بچائڻ خاطر ضروري آھي تہ مٺيون شيون گھٽ کائڻ گھرجن ۽ ڏندن کي برش ڪنھن فلورائيڊ واري پيسٽ سان لڳاتار ڪرڻ گھرجي.
 
Back
Top