• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اهو عشق اهڙو وڄي پاڻ واڄٽ

اهو عشق اهڙو وڄي پاڻ واڄٽ
________________________

ادائون به هن جون وڻن يار دل کي جفائن جا جنهن سان آهن جهيڙا جهٽ پٽ
اها سڪ ۾ صورت وڻي ٿي وڻي ٿي جيڪا جيءَ جوکا ڪري ساه ٿي گهٽ
انهيءَ لاءِ هردم اتساه اهڙو پڪاري ٿي دلڙي پنهنجي جيءَ جهيڙو
انهيءَ کي اکين ۾ اتاري گذاري حياتي جا ڏينهڙا لڳن پوءِ اڻکٽ
ادا او پيارا منهنجا يار دلبر جهليو ڪين مونکي وجهو ڪين ٻڏتر
اندر ۾ اڃارو رهي ساه جنهن لئه ان جو اسان وٽ نه ئي ڪو آهي مٽ
منڃا ٿو محبت بري آ بيماري لڳي جي هي لوري پو اکين ۾ انڌاري
نظر ڪجه نه ايندو آهي هيئن ٿيندو ڪئي جان گهوري سهي ڪون ٿو سٽ
لڳي دل جي رغبت رلائي ٿي راڻا ڪئي عقل وارا وڏا جي ها سياڻا
سڀئي ٿيا سلامي ڏيئي ويا غلامي اهو عشق اهڙو وڄي پاڻ واڄٽ




رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top