ماما نصرالله ميمڻ

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏10 مارچ 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    ماما نصرالله ميمڻ

    تحرير: اعظم ڀٽي

    سموري دنيا ۾ هزارين ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿيون ، جن ۾ عام زندگيءُ سان واسطو رکندڙ اهڙا ڪيترائي لفظ استعمال ۾ ايندا آهن جيڪي مخصوص نالن جو رُوپ ڌاري وٺن ٿا، اهڙن لفظن مان هڪ لفظ “ ماما ” به آهي جنهن جي لغوي معنى آهي ، ماءُ جو ، مادري ، ماماڻو يا ناناڻو، جيڪو لفظ رت جي رشتن کان سواءِ احساس جي رشتن سان به ڳنڍجي ويو آهي ، اسان جي معاشري ۾ عام سماجي زندگي ۾ خاص طور ماما لفظ هڪ نالي ۽ رشتي جي علامت بڻجي چڪو آهي ، پوءِ اهو رشتو ڀلي رت جو رشتو نه ئي هُجي پر احساس جو هڪ اهڙو رشتو جيڪو تمام گهڻو ويجهو هُجي يا ائين کڻي چئجي ته رت جي رشتن کان به وڌيڪ گهرو هُجي ، شايد اهو لفظ “ ماما ” ئي آهي ، ماما لفظ ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي ڪلچر مان ٻاهر نڪري پرورش پائي عام سماجي زندگيءَ ۾ ڄڻ ته روز جي معمول جي استعمال وارو لفظ بنجي ويو آهي ، سنڌي سماج ۾ زبان مان ادا ٿيندڙ لفظ ”ماما“ سماجي ناتن جي ڄڻ ته پُل بڻيل آهي .جن ماڻهن سان هميشه گهڻو وقت گڏ گذرندو آهي يا ويجهڙائي وارا وسيلا لامحدود بڻجي ويندا آهن ، اُتي ماما جهڙا انيڪ سماجي رشتا سڃاڻپ جو ذريعو ٿي پوندا آهن، اها سڃاڻپ ويجهڙائي سان گڏوگڏ خوشيءَ جي اظهار جي علامت پڻ آهي ، مطلب ته اهڙا لفظ جيڪي فطري طور تي دماغ جي ويجهو آهن ، انهن ۾ لفظ “ ماما ” به شامل آهي ، سنڌ جي سياسي ۽ سماجي معاشري ۾ اهڙا کوڙ ڪردار آهن جن سان لفظ ماما اهڙي طرح ڳنڍجي ويو آهي ، جيڪو ڄڻ ته انهن جي سڃاڻپ بنجي چڪو آهي ، سڄي سنڌ جيان اهڙن کوڙ سارن مامن سان ٽنڊو محمد خان شهر به ڀريل آهي ، اتفاق جي ڳالهه اها آهي ته سماجي رشتن جي ڏور ۾ ويڙهيل اهي ماما مثبت سڃاڻپ ۽ علامت جو سبب بڻيل رهيا آهن ،انهن سمورن مامن واري ڪردار مان ماما نصرالله ميمڻ به اهڙو ڪردار آهي ، جيڪو نوجواني ۾ ئي نه رڳو نئين ٽهيءَ جو پر هر عمر واري فرد جو مامو بڻيل آهي ، ماما نصرالله ميمڻ 25 اپريل 1970ع تي ٽنڊو محمد خان شهر ۾ جنم ورتو ، سندس والد جو نالو سيٺ عبدالله ميمڻ آهي . جيڪو ڪپڙي جو واپاري هو ، ماما نصرالله ميمڻ گورنمينٽ مين پرائمري اسڪول ٽنڊو محمد خان مان پرائمري تعليم ، مئٽرڪ گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول ٽنڊو محمد خان مان ، انٽر گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج ٽنڊو محمد خان مان پاس ڪري بي ايس سي تائين تعليم حاصل ڪئي ، 1986ع ۾ ڪاليج ۾ شاگردي واري دور ۾ هن جساف جي پليٽ فارم تان شاگرد سياست شروع ڪئي ، بعد ۾ جلد ئي سپاف ۾ شموليت اختيار ڪيائين ، جلد ئي کيس سپاف تعلقي ٽنڊو محمد خان جو نائب صدر مقرر ڪيو ويو، جنهن بعد 1988ع ۾ پي پي يوٿ ونگ تعلقي ٽنڊو محمد خان جو صدر مقرر ٿيو، 1999ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي تعلقي ٽنڊو محمد خان جو جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو، 2008ع ۾ پي پي پي ضلعي ٽنڊو محمد خان جي ضلعي ڪميٽي جو ميمبر ، 2013ع ۾ پي پي پي سٽي ٽنڊو محمد خان جو ڊپٽي جنرل سيڪريٽري 2014ع ۾ پي پي پي ضلعي ٽنڊو محمد خان جو ضلعي رابطه سيڪريٽري مقرر ٿيو ، هن وقت به پي پي پي جي سرگرم ڪارڪنن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو، بهترين ڪمپيئر ۽ نعت خوان پڻ آهي ، ڪمپيئرنگ دوران اسٽيج تي لفظن کي رقص ڪرائڻ جو وڏو ڏانءُ اٿس . ان جو اهم سبب اهو ئي اهي ته هن ٻالڪپڻ کان سياست جي دنيا جا ڏکيا پنڌ ۽ پيچرا پار ڪيا آهن ، مون کيس پهريون ڀيرو 1988ع جي چونڊن ۾ ڏٺو هو ، جنهن وقت ماما 18 سالن جي عمر ۾ سموري شهر جا ٻارڙا گڏ ڪري وينون ڀري ورڪ تي نڪرندو هو مائيڪ تي سندس آواز جي پٺيان جيئي جيئي جو جولان ڏسڻ وٽان هوندو هو ، ساهه جون سموريون رڳون سُڪائي هو سڄي عُمر نه رڳو لائوڊ اسپيڪر جو ساٿاري رهيو آهي پر هن نوجوانن جي پسنديده شخصيت هئڻ جي ناتي پاڪستان پيپلز پارٽي کي نوجوانن جو هڪ وڏو ڪيڊر پڻ مهيا ڪري ڏنو آهي ، هن هڪ ورڪر جي حيثيت ۾ جدوجهد جي درد سان هميشه لنئون لڳائي ، پنهنجي من کي سچائيءَ جي سوچ سان منور ڪيو آهي ، گذريل ٽيهن سالن کان هو پي پي پي جي هر اسٽيج تي لفظن جون ڦڪيون ۽ مُرڪن جا مينهن وسائيندو رهيو آهي ، ان جدوجهد جي صدا ۾ هُن ڪڏهن به مفاد جي طمع نه ڪئي آهي ، اها الڳ ڳالهه آهي ته سندس جدوجهد جو سمورو سِڪو سندس پاپي پيٽ جي پُورت نه ڪري سگهيو آهي هو مالڪي جي احساس کان آجو ٿي ، لالچ جي هر لحظي جون اکيون پوري ، ڪيل وچن سان وفا جو ساٿ نڀائڻ باوجود به ملهاري مُند ۾ به هميشه ڇڻيل پَن جيان نظر ايندو آهي ، سندس تنظيم اندر وڏين ڪرسين ، عهدن ۽ اقتداري مسندن تي ويٺلن جي نظرن ۾ هو ائين غائب هوندو آهي ڄڻ ته هُو ڪو پولارن ۾ گُم ٿي ويو هُجي ۽ ان کي ڪير به ڏسي نه سگهندو هجي، ان تڪليف واري احساس جو اظهار هُن ڀلي کڻي ڪنهن سان به نه ڪيو هجي ، پر سندس اڻ اظهاريل جذبن کان ڄاڻايل ڪرتا ڌرتا واقف هوندي به اڻواقف بڻيل آهن ، شايد کيس ان گُمان جو احساس نه هجي ته جن بيقدرن جي بستيءَ ۾ هو رهي ٿو، روئي ٿو ، رڙي ٿو ، اُتي بيقدري هڪ وڏي ڏوهه جيان ڦهليل آهي ، اسان جي سماج ۾ قدر نه ڄاڻڻ وارو پهلو هر اداري ۽ تنظيم جي اجتماعي جهالت ۽ بي حسيءَ جو وڏي ۾ وڏو دليل آهي ، شايد مسند نشينن کي اها خبر ناهي ته هن ڌرتيءَ تي ورڪرن ۽ ڪارڪنن جي جدوجهد جا ئي اهي پاڇا ڇانيل آهن جن جي آڌار تي اهي مسند نشين عياشين جي تختگاهه تي ويٺل آهن ، اهي ورڪر ئي آهن جيڪي جدوجهد جي ميدان ۾ سِر جو سانگو لاهي روايتي قدرن جي خوشبوءَ ڦهلائيندا رهيا آهن ، بدقسمتيءَ سان ان خوشبوءَ جو واس وري اهڙن ماڻهن جي حصي ۾ اچي ٿو ، جيڪي ڪک ڀڃي ٻيڻو ڪرڻ کان به لاچار هوندا آهن ، ورڪرن جي جدوجهد جي نتيجي ۾ جڏهن ڪنهن سپني کي ساڀيان ملي ٿي ته ان وقت هي ورڪر لڏو ڄڻ ته ڪو ماضيءَ جو خواب بنجي ويندو آهي، پوءِ انهن لاءِ به اعلان ۽ آسرا زباني دستور بنجي پوندا آهن ، ان لمحي انهن ورڪرن لاءَ بيوسي ۽ بيحسي هماليه جي چوٽيءَ جيان اُڀي هوندي آهي، جڏهن سڀ ڪجهه لُٽجي ويندو آهي ته پوءِ صرف اپيلن ۽ التجائن جا زيور انهن ورڪرن جي نصيب جو نُور ئي وڃي رهندو آهي ، سو اسانجو هي سماجي ماما به اهڙي ئي جهان جو ڪردار آهي ، جنهن جي پارٽي بار بار اقتدار ماڻڻ کانپوءِ به هن جي مالڪي واري احساس کان وانجهيل رهي آهي، نوڪرين جي ورهاست کان وٺِي هر قسم جي مراعتن تائين ماما نصرالله ميمڻ جو وجود ڄڻ ته انهن کان ائين وڃائجي ويندو آهي ، جيئن ڪو معصوم ٻار ڪنهن ميلي ۾ پنهنجي وڏڙي جي هٿ مان هٿ ڇڏائي گُم ٿي ويندو آهي ، اسان سڀني جو هي مامو سياسي لاوارثي جي ور چڙهي ، اڄ به مسواڙ جي گهر ۾ رهي ٿو ، ٽيهن سالن جي جدوجهد جي تڪليفن ۾ رهندي ، اڄ به هوُ ان ئي تڪليف ۾ مبتلا آهي ته وٽس پنهنجي ٻچڙن لاءِ به ڪو مستقل آستانو ناهي ، ڇا اهو درد باقي زندگي به سندس وجود سان ويڙهيل رهندو ، جڏهن سندس معصوم ٻچڙا وڏا ٿيندا ته ڇا هي ماما ان طعني جا تير سهي سگهندو ته ، بابا اسان جي لاءِ ڪو ڪکائون گهر به نه اڏائي سگهيو ؟ آخر ڪيسيتائين اهڙي بيحسيءَ ۽ بيقدري جا جراثيم سندس وجود جو ماس ڪوريندا رهندا ، ماما ته انهن سمورن روين کان بيپرواهه بڻجي شاهه لطيف جي ان بيت جو پيروڪار بڻيل آهي ته :
    جي ليلائي نه لهين ، تان پڻ ليلائيج ،
    آسرو مَ لاهيج ، سڄڻ ٻاجهيندڙ گهڻو. (شاهه)
    سو اي وقت جا مسند نشينو ! اچو ته تاريخ جي طعني کان ، ايندڙ وقت جي اهڙي پريشاني ۽ ندامت کان بچڻ جي لاءِ پنهنجي ڪارڪنن جي ۽ ورڪرن جي ڪا ويساهه جوڳي مالڪي ڪريون نه ته ٻي صورت ۾ شاهه لطيف جو هي بيت اسان لاءِ ڪو هميشه جو تاريخي طعنو نه بنجي پوي ته :
    الا ! ڏاهي مَ ٿيان ، ڏاهيون ڏک ڏِسن ،
    مون سين مون پرين، ڀورائي ۾ ڀال ڪيا . (شاهه)
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو