امداد حسيني
اُهو پيار ئي ڪهڙو جنهن ۾ کُلي منهن سان سامهون اچڻ کان به گهٻرائجي
اڪيلي گهٽيءَ ۾ جي تنها به ملجي ته مرڪي ملڻ کان به گهٻرائجي
جي پڇجن ته ساري زماني جون ڳالهيون، مٽن مائٽن جون سڀئي ڳالهيون
۽ منهنجي متعلق ڪي ڳالهيون چپن تائين ئي آڻي پڇڻ کان به گهٻرائجي
ڪٿي ڪنهن به محفل ۾ ملجي ته صوفي تي گڏجي ويهڻ کان به گهٻرائجي
ڪڏهن ڪنهن بهاني سان ڪوشش ڪري آڙي اک سان ڏسڻ کان به گهٻرائجي
سدا سينڌ سرمو ڪري پاڻ کي ٺاهي جوڙي سجائي ڪجي انتظار
۽ منهنجي اچڻ تي زبان سان نه کيڪارجي هٿ ڏيڻ کان به گهٻرائجي
سحر تائين شمَعُن سان گڏُ رُلجي، رات کي چنڊ سان جاڳندي ڪاٽجي
مگر اهڙي حالت ۾ مونکي نه سڏجي ۽ مون وٽ اچڻ کان به گهٻرائجي