• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

امداد حسيني عيد جو چنڊ ته ناهيان، جو نهارين مون کي!

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
غزل

امداد حسيني

عيد جو چنڊ ته ناهيان، جو نهارين مون کي!
مان ويل وقت ته ناهيان، جو پڪارين مون کي!

تنهنجي تصوير ته ناهيان جو ڏسيو پيئي ڏسين،
تنهنجو آئينو ته ناهيان جو اُجارين مون کي!


آءٌ ڪو زخم ته ناهيان جو ڇٽي جهٽ ۾ پوان،
آءٌ ڪا ياد ته ناهيان جو وسارين مون کي!


ڪنهن سُڪل پن جيان لوڙهي ته ڇڏيئي لهرن ۾،
مون کي پٿر چئي تون ڇو نٿو تارين مون کي!


مي پيارين يا کڻي زهر پيارين مون کي،
هن جيئڻ کان ته سٺو آهه ته مارين مون کي!


صبح رخسار جي منزل جو مسافر آهيان،
ڇو نٿو رات جو پاسي ۾ سمهارين مون کي!


دانهن سمجهي ٿو دٻائين مون کي دل ئي دل ۾،
ڇو نه لڙڪن جيان رخسار تان هارين مون کي!


تنهنجي پيرن ۾ پيل آهيان، غريب آهيان مان،
تون سهارو ڏئي، اي ڪاش، اُٿارين مون کي!


رات جي پوئين پهر توکي اگر ياد اچان،
ته متان سارين مون کي، ها، متان سارين مون کي!


ايڏو چالاڪ نه ٿي، ايترو هوشيار نه ٿي،
آءٌ ”امداد“ ته ناهيان جو ڌتارين مون کي!
 
Back
Top