• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

امداد حسيني اسان روئي روئي کلايو ٿي جن کي، اڪيلا جي ٿيندا ته روئندا ته هوندا

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
امداد حسيني

اسان روئي روئي کلايو ٿي جن کي
اڪيلا جي ٿيندا ته روئندا ته هوندا


اسان جن کي چاهيو اسان جن کي پوڄيو
ڏيئن سان سڄي رات جلندا ته هوندا


جتان پاڻ وڇڙيا هئا سين اتان اڄ
ڪئين هٿ ڏئي هٿ ۾ هلندا ته هوندا


جتي گڏ ٿيا سين ۽ راتيون رهيون سين
انهيءَ ڳوٺ تي مينهن وسندا ته هوندا


جتان موٽيا سين، پياسا ئي پياسا
اتي دورَ تي دورَ هلندا ته هوندا


لڪي ۽ ڇپي شام ويلي ٻه پاڇا
انهيءَ وڻ جي ڇانئن ۾ ملندا ته هوندا


I1clk1.jpg

 
Back
Top