امداد حسيني جيستائين عاشقي ٿيندي رهي، تيستائين شاعري ٿيندي رهي.

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
غزل

امداد حسيني

جيستائين عاشقي ٿيندي رهي،
تيستائين شاعري ٿيندي رهي.

تو پڙهيو پئي جيستائين او پرين،
اُن پَني تي روشني ٿيندي رهي.

جيستائين نيڻ نيڻن ۾ رهيا،
مئڪشن جي مئڪشي ٿيندي رهي.

مرد جيئري ڪونه چِکيا تي چڙهيو،
بس رڳو عورت سَتِي ٿيندي رهي.

جيستائين آءٌ توکان دُور هوس،
هر گهڙي ڄڻ خودڪشي ٿيندي رهي!​
 
Back
Top