سونا فقير
سينيئر رڪن
”ڪافي“
اٿي مسافر ڪر تياري، ڏينهن دنيا م آهين ٻه چار
جايون جوڙي ڇڏي هليا ويا، صورت وارا سوين سنگهار.
جيءَ ۾ جايون جوڙي سڪ سان، حا وڃاءِ هڪ ٿي هِڪَ سان
لوچي لھ تون لِڪ ۾ لِڪ سان، اهڙا ڌاڳا دِلبر ڌار.
”سونا“ سفر لاءِ ثمر ڪَٺا ڪَر، دنيا فاني حِرس فِٽا ڪر.
پرين پَسڻ لاءِ وس وڏا ڪر، قبر انڌاري سُڃ سنڀار.