اٿي مسافر ڪر تياري، ڏينهن دنيا م آهين ٻه چار

سونا فقير

سينيئر رڪن
”ڪافي“
اٿي مسافر ڪر تياري، ڏينهن دنيا م آهين ٻه چار
لکين مسافر لڏي هليا ويا، محل ماڙيون اڏي هليا ويا،
جايون جوڙي ڇڏي هليا ويا، صورت وارا سوين سنگهار.


جيءَ ۾ جايون جوڙي سڪ سان، حا وڃاءِ هڪ ٿي هِڪَ سان
لوچي لھ تون لِڪ ۾ لِڪ سان، اهڙا ڌاڳا دِلبر ڌار.



”سونا“ سفر لاءِ ثمر ڪَٺا ڪَر، دنيا فاني حِرس فِٽا ڪر.
پرين پَسڻ لاءِ وس وڏا ڪر، قبر انڌاري سُڃ سنڀار.
 
ها يار ها ، اسين ته سفر لاءِ ثمر ڪٺو ڪرڻ بجاءِ دنيا جي حرص ۾ مبتلا لڳا پيا آهيون ، اي ڪاش جيڪر دنيا جي حقيقت کي سمجهي سگهون
 
Back
Top