• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

حافظ نظاماڻي نبي ۽ ولي جنهن جو نيپاج آھن تنين کي ڏنا سور سماج حافظ نظاماڻي

نبي ۽ ولي جنهن جو نيپاج آھن
تنين کي ڏنا سور سماج آھن

هي حوا جي پوٽي هو آدم جو پوٽو
ٻنهي ۾ ٻڌا ڪنهن جو خانو آ کوٽو
فڪر ۾ آ ڦاپي فضيلت ۾ ڦوٽو
اهڙا راڄ وارن جا رواج آھن،

جا جنت مان جوڙو ڍڪي آئي ڍولڻ
انهيء جي عصمت تي بازار کولڻ
اهڙي پاڪ پردي کي رستي ۾ رولڻ
ملائڪ به جنهن وٽ ٿيا محتاج آھن،

هي عورت نه چئو، عبارت ڪا آھي
هي اونچي شھر جي عمارت ڪا آھي
هي ڪافي، غزل، يا ڳجهارت ڪا آهي
هي جنهن کي ملي تنهن لاء معراج آھن،

انهي جي ڪک مان ڪيئي ڪامل نڪتا
عنايت ڀٽائي ۽ فاضل به نڪتا
گهڻا قوم جا هن مان قاتل به نڪتا
ڄڻي هن ڏنا راء ڏياچ آھن،

جي مون کان پڇو هن جي پوڄا آ جائز
هي ئي آھي مصلو هي ئي آھي واعظ
ھي فرقان جي هر عهدي تي آھي فائز
هي (حافظ) جي آنهن جو علاج آھن *
 
Back
Top