پاڪستان پينل ڪوڊ، پاڪستا ن جو حقيقي يا بنيادي قانون آهي.يعني ڪوبه جرم ٿئي ٿو ته ان جي وضاحت توڙي سزا پڻ ان ۾ ٻڌايل آهي.هونئن ته ڪيتريون سزائون ٻڌايل آهن پر روزمرهه جي ڏوهن يا جرمن متعلق ڳالهائينداسين. هن ڪوڊ جي سيڪشن 300 ۾ قتل امد جي وضاحت ڪئي وئي آهي جنهن مطابق هڪ شخص ٻئي کي ان پوري مارڻ جي ارادي سان ڪنهن اوزار سان ان جي جسم کي زخم رسائي جنهن سان ان ماڻهو جي موت واقع ٿئي اهو قتل امد ۾ اچي ٿو. سزا جيڪو ماڻهو قتل امد جهڙو ڏوهه ڪري ٿو اهو موت قصاص جي طور سزاوار هوندو.(پاڪستان ۾ قصاص جي سزا ناهي ڏني ويندي اها اسلامڪ سزا آهي) سزا موت يا عمر قيد جي سزا ڏني ويندس.يا 25 سالن تائين جي عمر قيد سزا پر 10 سالن کان گهٽ نه هوندي.اِها سزا 25 سالن کان وڌيڪ به نه هوندي. قتل بسبب قتل بسبب اِهو ڏوهه آهي جنهن ۾ مڪ ماڻهو ڄاڻي واڻي ڪنهن ٻئي کي خطرناڪ اوزارن سان زخم پهچائي جنهن جي ڪري موت واقع ٿي پوي اهو قتلِ بسبب آهي. سزا هن عمل جي سزا ديت وٺي سگهجي ٿي ۽ جي ديت نه ته 25 سال قيد جي سزا اچي سگهي ٿي.
ڀيڻ حرا کي سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار.... سنڌ سلامت جو روحِ روان محترم سائين غلام مصطفي ميمڻ صاحب جن پڻ سنڌ سلامت تي ملڪي قانون بابت آگاهيون ڏيندا رهندا آهن.. توهان ۽ سندن جا لک لائق .. جو اهڙي معلومات اڪثر ڳوليو پڻ نه ملندي آهي.. توهان جي هن ليک مان هڪ ڳالهه ضرور معلوم ٿي ته قتل ٿيڻ کان پوءِ ان جي سزا واردات جي طريقي ۽ قاتل جي نيت کي سامهون رکڻ سان گڏو گڏ قتل جي سبب کي پڻ سمجهندي ڏني ويندي آهي.. جنهن کي عام ماڻهون قانون جي اهڙي لچڪ سمجهندو آهي جنهن مطابق هڪ قاتل ڦاهي چڙهيو وڃي ته ٻيو قاتل ڪجهه ئي وقت ۾ ٻاهر ٻئي قتل ڪرڻ لاءِ گهمندو نظر ايندو آهي.. خير هتي ڪجه سوال ذهن ۾ به اڀرن پيا... ڇا گهر ۾ گهڙي ايندڙ چور کي اهڙو ڌڪ هڻجي جو هُو مري پوي به قتل آهي ۽ ان جي سزا به آهي...؟ قتل جو بدلو وٺندي ڪو قتل ڪري ٿو ته ان جي ڪهڙي سزا آهي؟ هڪ ماڻهون ٻئي ماڻهون کي قتل ڪندي ڏسي پيو ۽ قاتل کي قتل ٿو ڪري ته ان جي سزا ڇا هوندي؟ غيرت جي نالي تي ڪيل قتل جي سزا ڇا آهي؟ ڪو ماڻهون مذهبي جذبات ۾ مخالف فرقي جي ماڻهون کي قتل ٿو ڪري ته ان جي سزا ڇا هوندي..؟ اميد ته مختصر پر واضح جواب عنايت ڪندا...
ڪنهن به شهري کي قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت ناهي.چور گهر ۾ گهڙي ا چي ته پوليس کي اطلاع ڏجي.پر موقع تي چور طرفان مارڻ جو خطرو هجي ته اهو قتل نه پر پنهنجي بچاو آهي جيڪو قتل جي دائري ۾ نه ٿو اچي. قتل جو بدلو وٺڻ جو اختيار ڪنهن کي نه آهي پر قانون طرف رجوع ڪيو ويندو. قاتل کي قتل ڪرڻ جو به،ڪنهن کي اختيار ناهي پر ڪورٽ ۾ ڪيس هلندو. غيرت ۾ قتل به قتل آهي ۽ ست سال آهي ان کان علاوه هن ڪيس ۾ حد به لاڳو ٿيندو آهي. ۽ ڪنهن به ماڻهو کي فرقي جي بنياد تي قتل نه ٿو ڪري سگهجي.پر جيڪڏهن ڪير ٻئي ڪنهن جي فرقي يعني ڪنهن جي مذهبي عقيدي کي ڇيهو رسائي ان جي هڪ سال جي سزا ڏيندي ويندي ۽ فائن سان گڏ. نوٽ: حد اها سزا آهي جيڪا قرآن و سنت مطابق ڏني ويندي........
ادي طرفان سٺي معلومات ونڊ ٿي آهي اسان به ادي کي سنڌ سلامت اچڻ تي ڀلي ڪار چئون ٿا . ان سان گڏ هڪ عرض به آهي ته اسان جي سوالن جا به جواب ڏنا وڃن ته مهرباني . اهي ٻئي صفحه تي لکيل آهن . مهرباني
حرا سٺي ڄاڻ ڏنو ايئن واري ڦيري سان ٻين معاملن تي به قانوني ڄاڻ ڏيندا رهو ته مھرباني ٿيندي، خاص ڪري اھي معاملا جيڪي عام طور هر ماڻھوء کي پيش اچن ٿا۰
هڪ سوال مان به ضرور ڪندس ته ڪو سرڪاري ملازمت وارو ماڻهو (پاڪستان جي آئين ۽ دستور موجب) ميڊيا رپورٽر ٿي سگهي ٿو...؟ يا نه....؟ ڇو جو ميڊيا سان رليٽڊ اڪثر شخص سرڪاري ادارن ۾ وڏن وڏن عهدن تي فائز آهن...؟
ڪنهن به سرڪاري عهديدار کي،ٻن آفيسن ۾ ڪم جي اجازت قانون ۾ نه آهي.پر هتي پاڪستان ۾ عوام پڻ قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ آهي......