• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جنم ڏڻ جي توکي مبارڪ اي جانان عمر تيوڻو

نظم

ڏيان توکي ڪهڙي مبارڪ جنم جي
اڃان ديس پنهنجو ڀڪوڙيل ڏکن ۾
اڃان ٻاٽ اونداه جي رات ڪاري
ختم ڪين ٿي آ مٿان منهنجي ڌرتي
اڃان منهنجي جهانگين جي جهوپن ۾ ڏسجان
ستي سڃ پئي آ تڏو ئي وڇائي
اڃان منهنجي ٿر جي ڀِٽن تي مرن ٿا
ننڍا ٻار ابهم نه ڪو کير ڇاتي
اڃان ڪيتريون ڪامڻيون اڄ به ڏسجان
ڪسن ٿيون ڪهاڙين جي پاکن جي هيٺان
اڃان گيت سنگيت قيدي بڻيل آ
اڃان ڪانگ سارا ڇڏيا ويا اڏاري
اڃان مور جو رقص ماٺو آ جانان
اڃان ديس چٻرن جي آهي پناري
اڃان سونهن باندي بڻيل آهي مون وٽ
اڃان ڪهڪشان تي وڏي ڌنڌ آهي
اڃان توکي ٻاگهل جو ڪردار بڻجي
وڏي ويڙه وڙهڻي پئي آهي همدم
جڏهن تون کڻي هٿ ۾ ريٽو ڦريرو
وڏي طمراقن سان هلندي اچين ٿي
لڳي ٿو ڌرتي جو ڪجه قرض لاهي
اڳيان سج سهائي اڀارڻ گهرين ٿي
جنم ڏڻ جي توکي مبارڪ اي همدم
مگر ٻاٽ ۾ لاٽ لانجهي نه ٿئي سا
ڪڏهن ڪنڌ تنهنجو جهڪيل مان نه ڏسندس
سدا ڳاٽ اوچي سان اڳتي پئي وڌجان
جڏهن ديس جو دنگ واپس وٺين ۽
جڏهن سوجهرن جو اٿن ڪي شعائون
جڏهن ملڪ منهنجي جو هر نر ناري
کلي کيت واڙين ۾ ڪڏڪار ڏئي ڪا
جڏهن ڪامڻين جي چپن تي ڪي مرڪون
هجن ڪنهن ڀنل باک جهڙو سنديسو
جڏهن منهنجي من جا سي ٻلوان دودا
وڏي سهج سان سينو تاڻي هلن ۽
سندن شهپرن جا اهي موڙ سارا
ڪڏهن ڪنهن به غاصب جي هٿ کان پري ٿين
جڏهن منهنجي جهانگين جا پٽڪا سلامت
مٿان اجرڪن جون ڪلهن تي سي شالون
ڪري لوڏ شهزور هلندا ته مڃبو
اسان جنگ جيتي آ هاري به ناهي
جڏهن پاڻ پنهنجي ڪراچي ۾ ويهي
مڌر گيت سنگيت جون محفلون ڪي
ڪري سمنڊ تي رات پوري رهي پوء
پنهنجا ٻيٽ ڍنگي ۽ ٻنڊاڙ گهمبا
جٿي ڪاڪي آدو سان ويهي ڪچهريون
ڪري رات ساري ڏهس ڏور ٻڌبا
جڏهن ڪو به مونکي نه تيري نه ميري
جو طعنو ڏئي مونکي شهرن مان ڪڍندو
تڏهن آء توکي مبار ڪ به ڏيندس
جنم تنهنجو ڌرتي لاء ڌنوان سمجهي
ڀري آء ڀاڪر به پائي ڇڏيندس
مِٺي نرڙ تنهنجي تي ڏئي پوء چوندس
جنم ڏڻ جي توکي مبارڪ اي جانان
جنم ڏڻ جي توکي مبارڪ اي جانان

عمر تيوڻو
 
Back
Top